• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : شام جو هِي پهر نانءُ اسانجي ڪيو

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
شام جو هِي پهر نانءُ اسانجي ڪيو،
ڪُجھ ته ايندا ڪريو، ڪي ته ڳالهيون ڪيو.

زندگي رُڃ سڄي مان اُڃايل پکي،
ڍنڍ پاڻِي ڪِٿي! ڪا ئِي ڇانوَ ڏَسيو.

مهربان تنهنجي اکڙين ۾ ڇاهي لِکيل؟،
ڏنڀ ڏيندا رهو! پوءِ به پيارا لڳو!.

رنگ چولي اوهانجي تي جيڪي چِٽِيَل،
تيئن حياتيءَ اسانجيءَ تي ڀَرتُ ڀَريو.



آواز : برڪت علي​
 
Back
Top