ٻول : شام جو هِي پهر نانءُ اسانجي ڪيو

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    شام جو هِي پهر نانءُ اسانجي ڪيو،
    ڪُجھ ته ايندا ڪريو، ڪي ته ڳالهيون ڪيو.

    زندگي رُڃ سڄي مان اُڃايل پکي،
    ڍنڍ پاڻِي ڪِٿي! ڪا ئِي ڇانوَ ڏَسيو.

    مهربان تنهنجي اکڙين ۾ ڇاهي لِکيل؟،
    ڏنڀ ڏيندا رهو! پوءِ به پيارا لڳو!.

    رنگ چولي اوهانجي تي جيڪي چِٽِيَل،
    تيئن حياتيءَ اسانجيءَ تي ڀَرتُ ڀَريو.



    آواز : برڪت علي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو