آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ هل ته پڪلي پير کيڏون آءُ ته تنهنجا نيڻ ڇهان مان نيڻن ۾ رنگ ڏسان مان آءُ ته ٻئي تارن سي ڳالهايون گڏ پراڻيون سارون ساريون آءُ ته ڪنڌيءَ ڪوڏ ميڙيون آءُ پره ڪنداسين پاڻيءَ حوالي آءُ ته رات جا پهر ڪاٽيون "ڪنن ۾ چوانءِ "آيو ها مان کلي کيڪر ۾ ڪندينءَ آجيان تولي لهرٿي ايندس وري وري ٿڪاپير وينديون مڇيون ڇهي آءُ ته درياه ڪناري هلون آءُ هل ته ننڍيون مڇيون پڪڙيون پره ڪنداسين پاڻيءَ حوالي آءُ ته ٻئي تارن سي ڳالهايون آءُ ته رات جا پهر ڪاٽيون
جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ يار اياز جاني! شاعري ته غضب جي آهي ۔۔۔ اوهان ڪئي آهي يا جنهن به پر خيال غضب جا آهن، منظر ڪشي اهڙي جي اصل دل ۾ گهر ڪيو وڃي ۔۔۔ ٻير ميڙڻ وارو منظر مون اکين ڏٺو ۽ ان جي پويان اهڙو ته مجازي داستان آهي جو ٻڌائيندس ته دوست چوندا ته همراه ته اصل ڄمندي ئي ڄام آهي ۔۔۔ شهدادڪوٽ کان اڳيان، بلوچستان جي حدن ۾ جمالن جو ڳوٺ بلڪه هاڻ ته شايد تعلقو آهي گنداخه ۔۔۔ ات منهنجا مٽ رهندا هئا، جن وٽ ننڍڙي لئه وڃي رهندو هيس ۔۔۔ سير واهه جي ڀر ۾ ڪيترائي باغ هئا جن ۾ خاص ڪري ٻيرن جا باغ ۔۔۔۔ بس ڙي يار جاڻي۔ آءُ پنهنجي هڪ هم عمر مٽ سان گڏجي ويندو هيس ٻڪريون ڪاهي ٻيرن جي باغ ۾ جت ٽيوب ويل به هلندي هئي ۽ وهنجڻ جو سک به هيو ته ٻير به هئا ته هوءَ به پنهنجيون ٻڪريون ڪاهي ايندي هئي ۽ بس پوءِ هوءَ هوندي هئي ٻير هوندا هئا ۽ ٻڪريون هونديون هيون ۽ منهنجي دل جو پارو آسمان تي ۔۔۔ ڪڏهن هوءِ مونکي ڦوڙ هڻندي هئي ته ڪڏهن آءُ، ڪڏهن هوءِ ٻير کارائيندي هئي ته ڪڏهن آءُ ۔۔۔ پاڪ ۽ پوتر عمر جي پاڪ ۽ پوتر چاهت جو مزو ئي عجب هو ۔۔۔ اوهانجي هن ونڊ پراڻا ڦٽ تازا ڪيا آهن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ سائين ٻير ڇاڻڻجي عمر کان اسان ٽپي ويا آهيون۔۔ هاڻي ٻير ڇاڻينداسين ته ماڻهو چوندا گهر ۾ بک تي ويٺو آهي الائي جي۔۔۔ باقي ڀاءُ شاعري ته تمام غضب جي آهي۔۔۔