آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ ayazjani طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2010۔

  1. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ
    هل ته پڪلي پير کيڏون
    آءُ ته تنهنجا نيڻ ڇهان مان
    نيڻن ۾ رنگ ڏسان مان
    آءُ ته ٻئي تارن سي ڳالهايون
    گڏ پراڻيون سارون ساريون
    آءُ ته ڪنڌيءَ ڪوڏ ميڙيون آءُ

    پره ڪنداسين پاڻيءَ حوالي
    آءُ ته رات جا پهر ڪاٽيون
    "ڪنن ۾ چوانءِ "آيو ها مان
    کلي کيڪر ۾ ڪندينءَ آجيان
    تولي لهرٿي ايندس وري وري
    ٿڪاپير وينديون مڇيون ڇهي


    آءُ ته درياه ڪناري هلون آءُ
    هل ته ننڍيون مڇيون پڪڙيون
    پره ڪنداسين پاڻيءَ حوالي
    آءُ ته ٻئي تارن سي ڳالهايون
    آءُ ته رات جا پهر ڪاٽيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

    يار اياز جاني! شاعري ته غضب جي آهي ۔۔۔ اوهان ڪئي آهي يا جنهن به پر خيال غضب جا آهن، منظر ڪشي اهڙي جي اصل دل ۾ گهر ڪيو وڃي ۔۔۔

    ٻير ميڙڻ وارو منظر مون اکين ڏٺو ۽ ان جي پويان اهڙو ته مجازي داستان آهي جو ٻڌائيندس ته دوست چوندا ته همراه ته اصل ڄمندي ئي ڄام آهي ۔۔۔

    شهدادڪوٽ کان اڳيان، بلوچستان جي حدن ۾ جمالن جو ڳوٺ بلڪه هاڻ ته شايد تعلقو آهي گنداخه ۔۔۔ ات منهنجا مٽ رهندا هئا، جن وٽ ننڍڙي لئه وڃي رهندو هيس ۔۔۔ سير واهه جي ڀر ۾ ڪيترائي باغ هئا جن ۾ خاص ڪري ٻيرن جا باغ ۔۔۔۔

    بس ڙي يار جاڻي۔ آءُ پنهنجي هڪ هم عمر مٽ سان گڏجي ويندو هيس ٻڪريون ڪاهي ٻيرن جي باغ ۾ جت ٽيوب ويل به هلندي هئي ۽ وهنجڻ جو سک به هيو ته ٻير به هئا ته هوءَ به پنهنجيون ٻڪريون ڪاهي ايندي هئي ۽ بس پوءِ هوءَ هوندي هئي ٻير هوندا هئا ۽ ٻڪريون هونديون هيون ۽ منهنجي دل جو پارو آسمان تي ۔۔۔ ڪڏهن هوءِ مونکي ڦوڙ هڻندي هئي ته ڪڏهن آءُ، ڪڏهن هوءِ ٻير کارائيندي هئي ته ڪڏهن آءُ ۔۔۔ پاڪ ۽ پوتر عمر جي پاڪ ۽ پوتر چاهت جو مزو ئي عجب هو ۔۔۔

    اوهانجي هن ونڊ پراڻا ڦٽ تازا ڪيا آهن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔
     
  3. ayazjani

    ayazjani
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 مارچ 2010
    تحريرون:
    57
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi malir city
    جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

    واھ سائين واھ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

    سائين ٻير ڇاڻڻ‌جي عمر کان اسان ٽپي ويا آهيون۔۔ هاڻي ٻير ڇاڻينداسين ته ماڻهو چوندا گهر ۾ بک تي ويٺو آهي الائي جي۔۔۔
    باقي ڀاءُ شاعري ته تمام غضب جي آهي۔۔۔
     
  5. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

    ادا تمام سٺي شاعري آهي۔
     
  6. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: آءُ ته پڪا ٻير ڇاڻيون آءُ

    ادا دل سان لڳي اوهان جي شاعري۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو