توهان جي تصويرن مان به بايوميٽرڪ ڊيٽا حاصل ڪري سگھجي ٿِي

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جي تصويرن مان به بايوميٽرڪ ڊيٽا حاصل ڪري سگھجي ٿِي.
    ** عبيد ٿهيم ***




    کوڙ ماڻهن کي خبر هوندي آهي ته سوشل ميڊيا تي پنهنجي حساس ۽ نجي معلومات ڏسيندڙ پوسٽ نه ڪرڻ کپي، اهڙين شين ۾ ايڊريس سان گڏوگڏ جهاز جو ٽڪيٽ، گاڏيءَ جو پليٽ نمبر يا ملازمت جو ملندڙ خط وغيره نمايان آهن. دوکيباز ماڻهون ان تفصيل کي آساني سان توهان خلاف استعمال ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجو پاسورڊ ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي نه ڏَسَڻ گھُرجي، چاهي توهان جو پاسورڊ ڪيترو ئي پراڻو ڇونه ٿي چڪو هُجي ۽ توهان انکي استعمال ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هُجي. اڪثر توهان جو پُراڻو پاسورڊ نئين پاسورڊ جي اڳڪٿي به ڪري سگھي ٿو.
    ٿي سگھي ٿو ته توهان پنهنجيون تصويرون، جنهن ۾ نجي معلومات نه هُجي، سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ محفوظ سمجھندا هُجو. جيڪڏهن ائين آهي ته توهان به دنيا جي ڪروڙين ٻين ماڻهن وانگي ئي سوچيندا آهيو، پر ائين ناهي. تحقيق مان معلوم ٿيو آحي امن جي نشان، يعني ٻن آڱرين سان وڪٽري جو نشان يا پوري هٿ واري تصوير پوسٽ ڪرڻ به سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهي. هاڻ هيڪر ان قابل ٿي چُڪا آهن ته اهڙي ڪنهن به تصوير مان توهان جي فنگرپرنٽس حاصل ڪري سگھن جيڪا توهان جي فون، ڪمپيوٽر يا ٽيبليٽ لاءِ ڄاٻِيءَ جي حيثيت رکي ٿِي.
    [​IMG]


    جاپان جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف انفارميٽڪس (اين آءِ آءِ) جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽن ميٽرن تائين جي فاصلي تي ورتل تصوير مان بنا ڪنهن جديد يا نئين ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي، فنگرپرنٽس آساني سان حاصل ڪري سگھجن ٿا، اهو پهريون ڀيرو ناهي ته بايوميٽرڪ سيڪيورٽي نظام تي سوال اُٿيا هُجن. سال 2015ع ۾ جان”اسٽاربگ“ ڪريسلر نالي هڪ هيڪرَ جرمنيءَ جي چانسلر انجيلا مرڪل جي اک جي سنهي نشانن کي سندس تصوير مان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي . اک جا سنها نشان به آڱرين جي نشانن وانگيان ئي هر انسان ۾ منفر هُجن ٿا ۽ انهن کي ”ماڻهوءَ جي ڳولها“ لاءِ کوڙ سالن کان استعمال ڪيو پيو وڃي.

    جيڪڏهن توهان جي ايميل اڪائونٽ يا موبائل فون جو پاسورڊ ڪنهن کي خبر پئجي وڃي ته توهان پاسورڊ تبديل ڪري ايميل اڪائونٽ يا موبائل فون کي ٻيهر محفو ظ ڪري سگھو ٿا پر بايوميٽرڪس يعني آڱرين يا اک جي سنهن نشانن کي تبديل ڪرڻ ناممڪن آهي. انڪري بايوميٽرڪ انفارميشن عام ٿيڻ سان توهان جي سيڪيورٽي کي هميشه خطري هُجي ٿو. هڪ بايوميٽرڪ ڪمپنيءَ NuData Security ۾ ڪم ڪندڙ ”رابرٽ ڪيپس“ جو چوڻ آهي ته اسان جِٿي به وڃون ٿا، اتي پنهنجو بايوميٽرڪ ڊيٽا ڇڏي ڏيون ٿا. جنهن شئي کي اسان ڇڏيون ٿا، ان تي اسانجا فنگرپرنٽس هُجن ٿا. سوشل ميڊيا تي سيلفي پوسٽ ڪرڻ، دوستن ۽ گھروارن سان وڊيو شيئر ڪرڻ هي سڀ توهان جي بايوميٽرڪ معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگھجي ٿو. هڪ ڀيرو بايوميٽرڪ ڊيٽا چوري ڪري ڊارڪ ويب تي وڪڻيو وڃي ته ان سان صارف جي مرڻ تائين سندس اڪائونٽ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري سگھجي ٿِي.
    ايچيزين جي ٽيم نه صرف اهو مسئلو ٻُڌايو آهي، پر ان جو حل به ڳولهي لڌو آهي. انهن ٽائٽينيم آڪسائڊ جي مدد سان هڪ اهڙي شفاف فلم تيار ڪئي آهي جنهن کي جيڪڏهن آڱرين تي لڳايو وڃي ته هيڪر تصوير مان فنگر پرنٽ حاصل نٿو ڪري سگھي. پر اهڙي ٽيڪنالاجيءَ کي مڪمل طور تيار ٿيڻ ۾ 2 سالن جو عرصو لڳي سگھي ٿو.




    [​IMG]
     
    ABDUL SAMAD ۽ Muhammad Rashid هيء پسند ڪيو آهي
  2. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    پو همت ڪريو زرداري جي ملڪيت سان گڏ ميان ۽ ڪروڙين وڏيرن جي ملڪيت ڦريون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو