جتي ميلا محبت جا هُئا، ويران ٿي ويون اُهي جايون، جنهن وڻ تي نالا لکياسين، گڏ پاڻ جتي دليون ٺاهيون، انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي، ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون. کلندي ڏينهن گذاريا هُئا، جتي پاڻ پرين، اتي اڪيلو گذاريان پيو سُورن ساڻ پرين، ويا ڪيئي درد وڪوڙي ۽ ٿي ويون خوشيون پرايون، انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي، ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون. ايئن ٿينداسين ڌار ٻيئي سوچيو ئي ڪونه هيو، پاڻ ٻنهي جي وچ ۾ آ، ڪيئن وڇوڙو ٿيو، ڪري ياد ڪي ڏينهن پُراڻا، منهنجيون اکيون ڀرجي آيون. انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي، ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون. مون وٽ ڪُجھه به ناهي رهيو، سواءِ يادن جي، ويٺو اڪيلو مُنهن ڏيان تنهنجي ئي ڏکن کي، بس هاڻي زمان چئي پيارا، وتان ڪارو جوڙو پايون. انهيءَ وڻ کي ٽيڪ ڏئي، سوچيان ويٺو روئي روئي، ٿي ويون ڪيئن جُدايون ڙي الا ٿي ويون ڪيئن جُدايون. آواز : شمن علي ميرالي ٻول : زمان خاصخيلي