مسئلو لفظ سنڌ مذڪر آهي يا مونث؟

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2017۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    السلام عليڪم سنڌ سلامت جي ڏاهن ، اديبن ، دانشورن ۽ سياسي سماجي دوستن کي عرض آهي ته لفظ سنڌ مذڪر آهي يا مونث ؟ اميد ته حوالي سان گڏ رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا
     
    ممتاز قريشي ۽ عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    حيرت آهي جو ڪجھ دوستن کي ذاتي پيغام ۾ به اهو عرض رکيو ويو آ مگر ڪنهن به رهنمائي نه ڪئي آهي!
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم

    سائين لفظ مذڪر آهي.
    مثال :
    مون هڪ لفظ به نه ڪُڇيو.
    تون به ڪو لفظ ڪڍين ها نه!
    يار شاعري ۾ لفظ واھ جا استعمال ڪيا اٿنس.
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    محترم ڀاء توهان ڪافي حد تائين صحيح ٿي سگهو ٿا، مگر مان مطمئن نه آهيان ، توهان واضع ڪريو ته مذڪر ڪيئن آهي ؟ باقي توهانجو مثال به ناقص کي سمجھ ۾ نه آيو !
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    لفظ “سنڌ“ مذڪر يا مونث..!!
    ڪنهن به لفظ جي مذڪر- مؤنث هئڻ بابت مختلف ٻولين ۾ مختلف طريقا موجود آهن. مذڪر مونث کي جانچڻ لاء سنڌي ٻولي ۾ به ڪافي عالمن ڪم ڪيو آهي، خاص طور تي محترم دلامل بولچند جو شروعاتي ڪم انتـﻫـائي ساراهڻ جوڳو آهي. ان کان علاوه آنجـﻫـاني ڀيرومل آڏواڻي به سٺي محنت ڪئي آهي ـ پاڻ مذڪر- مؤنث لاءِ لکي ٿو ته:
    ”وياڪرڻ ۾ جنـﻫـن کي ’جنس‘ چئجي ٿو سا نر ۽ ماديءَ جو تفاوت ڏيکاري ٿي. جيڪي لفظ نر جي معنى ڏيکارين ٿا سي مذڪر (نر) آهن ۽ جيڪي ماديءَ جي معنى ڏيکارين ٿا سي مؤنث (مادي) سڏجن ٿا. مثلاً: گھوٽ- ڪنئار، مڙس- جوءِ، گھوڙو- گھوڙي، دلو- دلي ۽ ڪات- ڪاتي.“ (ڀيرومل، 1985: 27)

    مرزا قليچ بيگ صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث جي حوالي سان لکي ٿو ته:

    ”زالَ، نٿَ ۽ کَٽَ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘ جو اچار آهي. ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهن.“
    (قليچ، 2006: 14)

    مذڪر حوالي سان مرزا قليچ بيگ صاحب ڄاڻائي ٿو ته:

    ”ڀاءُ، اٺُ، نڪُ ۽ چپُ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اُ‘ جو اچار آهي. ’اُ‘ پڇاڙيءَ وارا اسم گھڻو ڪري مذڪر آهن، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پڇاڙيءَ وارا ٿورا اسم مؤنث به آهن، مثلاً: ماءُ، کنڊُ ۽ وڄُ.“ (قليچ، 2006: 14)

    مرزا قليچ بيگ صاحب مذڪر- مؤنث جي اصولن بابت حاصل مطلب ۾ ڄاڻائي ٿو ته:

    ”اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي، اهي پڇاڙيون جملي ست آهن. ’اَ، آ، اِ ۽ اِي‘ (مؤنث)، ’اُ، اُو ۽ او‘ (مذڪر) انهن مان ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مذڪر آهن. باقي ’آ، اِي ۽ اِ‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مؤنث ۽ ’اُ ۽ اُو‘ پڇاڙين وارا گھڻو ڪري مذڪر آهن.“ (قليچ، 2006: 14- 15)

    مختلف عالمن جي اڀياس مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عام طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث جا ٻه پاسا (زاويه) سامهون اچن ٿا.

    1.جنسي (animate):
    جيئن: مردُ- مائي/ هرڻُ- هرڻي، ڌوٻي- ڌوٻڻ/ ڌوٻياڻي، ڊکڻ- ڊکياڻي، ڇوڪرو- ڇوڪري، گڏههُ- گڏههِ، ڪتٗو- ڪتِي وغيره.

    2.غير جنسي/ صرفي (inanimate):
    ڪتابُ (سٺو ڪتاب)، سليٽَ (منـﻫـنجي/ تنـﻫـنجي سليٽ)، ڪوڏرِ (مُڏي ڪوڏر)، پيٽِي (سٺي پيٽِي)، ڏنڊٗو (ٿلـﻫـو ڏنڊو)، آنا (تازا آنا)، ٻٽُون (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ٻَٽُون آهي)، کٽون (هي مـنـﻫــنجون/ تنـﻫـنجون کٽُون آهن)، ماڻُهو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو ماڻُهو آهي)، اردُو (منـﻫـنجي اردو سٺي/ پختي آهي)، رَئو (هي منـﻫـنجو/ تنـﻫـنجو رئو آهي)، وغيره.

    ادا عبدالغني .. مٿين تفصيل مطابق لفظ "سنڌ" جنهن کي اچارڻ سان آخر ۾ " اُ “ اچي ٿو انڪري لفظ “سنڌ“ مذڪر سمجهڻ گهرجي ، پر جيڪڏهن اسان لفظ " سنڌڙي“ چونداسين ته آخر ۾ “اِي“ اچارڻ سان هي لفظ مونث ٿي وڃي ٿو.

    (مذڪر مونث بابت هڪ تفصيلي ليک هن لنڪ تي موجود آهي.)
     
  6. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,180
    ورتل پسنديدگيون:
    1,715
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    سنڌ مونث آهي ۽ پوئين اکر ڌ هيٺان زير اچي ٿي
    ـ
     
    ممتاز قريشي ۽ عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي
  7. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    معذرت سان! مون سمجهيو ته لفظ بابت پيا پُڇو! پيپرن جي ٽينشن ۽ اوڄاڳن دماغ کي ڌؤنرو ڪري ڇڏيو آ. o_O o_O o_O

    هاڻ سمجهه ۾ پيو اچي ته توهان ڇا پئي پُڇيو، لفظ سِنڌ مونث آهي، ڪلامن مان صاف ظاهر آهي. شاعرن سِنڌ کي ماءُ سُڏيو آ، ۽ ماءُ ته مونث آهي :)
    او سِنڌ مُنهنجِي جِند توکي نظري ويو ڪو.
     
    ممتاز قريشي هيء پسند ڪيو آهي.
  8. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,480
    ورتل پسنديدگيون:
    5,963
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    لفظ “سنڌ“ مذڪر يا مونث..!!

    محترم محمد خان ۽ ادا عبيد جي ڳالهه به درست آهي.

    • لفظ “سنڌ“ جي آخر ۾ زير اچڻ سان هي لفظ مونث آهي.
    • ڌرتي جو تصور ذهن ۾ رکڻ سان “سنڌ“ مونث آهي .
    ان جي باوجود مان سمجهان ٿو ته لفظ ”سنڌ“ بنيادي طور تي مذڪر آهي ، منهنجي علم مطابق لفظ ”سنڌ“ جي آخر ۾ زير ۽ پيش ٻئي لڳائي سگهجن ٿا.
    • پيش لڳائڻ سان ” اُ “ جو اچار اچي ٿو ، ۽ هي لفظ مذڪر بڻجي ٿو .
    • زير لڳائڻ سان ” اِ “ جو اچار اچي ٿو ، ۽ هي لفظ مونث بڻجي ٿو.
    غور ڪريو دوستو.... اڄ تائين سنڌ جو نالو نياڻي لاء ڪنهن به نه رکيو آهي. جيڪڏهن لفظ ”سنڌ“ مونث هجي ها ته ڪيترين ئي نياڻين جا نالا ”سنڌ“ هجن ها ، ۽ ان ۾ ڪنهن کي به ڪا قباحت محسوس نه ٿئي ها.

    هي به هڪ تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ ۽ هند ٻن ڀائرن جا نالا هئا. ياد رهي ته سنڌ جي نالي بابت ٻه روايتون ڪافي مشهور آهن.

    • سنڌ تي نالو حام بن نوح عليه السلام جي پٽ جي ڪري پيو.
    • سنڌ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي وڏو درياء يا سمنڊ.
    پهرين روايت تاريخ جي مشهور ڪتابن تحفته الڪرام، تاريخ سنڌ مرزا قليچ بيگ ۾ لکيل آهي.

    ٻي روايت تاريخ جي مشهور ڪتابن تاريخ سنڌ مولانا عبدالحليم شر، قديم سنڌ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، تاريخ سنڌ مولوي نورمحمد نظاماڻي ۾ آهي.

    دوستو .. سنڌ سلامت جي ڊزائين ٿيل مين تصوير ۾ به لفظ ”سنڌ “ جي آخر ۾ زير بدران پيش جو استعمال ڪيل آهي ، جنهن سان هي لفظ مذڪر بڻجي ٿو.


    [​IMG]
     
  9. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    مان توهان جي ڳالھ سان متفق آهيان پر ٿورو واڌارو ڪندس، لفظ سنڌ جي ڌ تي پيش سان مذڪر به ٿي سگهي ٿو پر جيڪڏهن لفظ ڌ کان پوءِ و آيو “سنڌُو” ٿيو ته اهو نالو گڏيل ٿيو وڃي، يعني سنڌُو ندِي به ٿي سگهي ٿِي ته سِنڌُو درياھُ به ٿي سگهي ٿو.
    سنڌ ٽي وي وارن هڪ ٽيلي فلم به ٺاهي هُئي جنهن جو نالو “سنڌُو بادشآھ”(*1) رکيو هئائون جنهن ۾ اسد قُريشي “سنڌو” جو ڪردار نڀايو هو. يعني اُهو ڪردار عورت بجاءِ مرد کي ڏنائون.

    هڪ ٻي ڳالھ ته، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ کوڙ سنڌي ماين جا نالا “سنڌُو” به رکيل آهن، پر ڪڏهن به ڪنهن مرد جو نالو ”سنڌو“ نه ٻُڌو اٿئون.

    لفظ سنڌُ (پيش سان) جملن ۾ استعمال ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته، اهو مؤنث آهي. جيئن :

    او سِنڌُ مُنهنجي جِندُ توکي نظري ويو ڪو (شيخ اياز جو ڪلام آ شايد)
    تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ ! (شيخ اياز جو ڪلام)



    ..
    معلوم ٿيو ته سِنڌ لفظ اڪثر مؤنث لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي تنهنڪري مونث ٿي سگهي ٿو، پر مذڪر به ٿي سگهي پيو! هاڻ انکي مخنث چوڻ ته توهين ٿيندي. :D :D

    بهرحال! ڪُجهه سنڌي نالا هيٺ لکان پيو، جيڪي مؤنث ۽ مذڪر ٻنهي لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. انهن وانگي ئي “سنڌ” مشترڪه لفظ آهي.

    * انيس
    * صبا
    * سنڌو
    * گل
    * دل
    * مهراڻ



    *1 : سنڌو بادشاھ فلم
     
  10. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,664
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    فيسبڪ تي اها پوسٽ رکڻ کان پوءِ محترم امرفياض ٻُرڙو جَن جيڪو جواب ڏِنو آهي، منهنجي خيال ۾ انکان پوءِ بحث ختم ٿيڻ گھُرجي :

    امرفياض ٻرڙو لکي ٿو :
    سنڌ لفظ به اھو اسم خاص آھي جنھن لاءِ اوھان جنس طئي نه ٿا ڪري سگهو. بلڪل ائين جيئن اسم خاص انيس، ڪوثر، نسيم، رحمت، مِھر وغيره جھڙا نالا. اسان ھر جڳھ تي ساڳيا وَٽ نه ٿا کڻي سگهون. اسم عام ۾ وٽ ساڳيا ٿي سگهن ٿا پر ياد رکجو، اسم خاص مھل اوھان ان خاص اسم جي ڪرت بيھڪ جسم کي ڏسي ان بابت وڌيڪ ٻڌائي سگهندا آھيو... (ظاھر آھي اسم خاص جو ٿيو) ھا اھڙي قسم وارن اسمن جي مٿان استعمال ٿيندڙ لفظن مان ئي اوھان وڌيڪ سمجهي سگهو ٿا. ھن مھل تائين صدين کان لفظ سنڌ ماتا طور استعمال ٿيو آھي، ان ڪري اسان ھميشه ان کي ماءُ سمان سمجھي لفظي طور مونث ئي مڃي ڇڏيو آھي. پر جيڪڏھن ان مٿان ٻيو لفظ ملي ته پوءِ اسان ان جي جنس بابت طئي ڪندا آھيون. مثال ”سنڌ ديس... مذڪر، سنڌ منھنجي امان... مونث... سنڌ ملڪ يا سنڌ صوبو .. مذڪر“
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,649
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جامع سنڌي لغت ۾ محترم نبي بخش بلوچ صاحب لفظ سنڌ جي ڌ مٿان پيش آڻي معنا آندي آهي.. تفصيل

    سِنڌُ
    اِسم خاص.
    ملڪ جو نالو.
    موجوده دور ۾ پاڪستان جي هڪ صوبي جو نالو.
    ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار، دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين“ شاهه.
    ”جيهس ڪونه جهان ۾ سنڌ سورت هند هاڻ“ شاهه.
    سِنڌُو درياءُ ، مِهراڻِ.
    هڪ راڳ ڀيرو جو نالو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو