عطا محمد ”حامي“ سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو، هڪ فرض محبت جو، ادا ٿيو ته بجا ٿيو. سر تَن تي هُئو بار، جدا ٿيو ته بجا ٿيو، الفت جو هُئو قرض، ادا ٿيو ته بجا ٿيو. ويو سڀڪو ڇڏي، هُو نه جدا ٿيو ته بجا ٿيو، مشڪل ۾ مددگار، خدا ٿيو ته بجا ٿيو. سورج ۾ جلال ان جو، جمال ان جو قمر ۾، هر شي ۾ سڄڻ جلوه نما ٿيو ته بجا ٿيو. قدمن کي ڇڏي، هاڻ هِنئين ساڻ هلون ٿا، رستو ئي محبت جو، جدا ٿيو ته بجا ٿيو. بيمارِ محبت کي، طبيبن نه بچايو، هيءُ درد نه ممنونِ دوا ٿيو ته بجا ٿيو. واڌائي هجي منهنجي وفائن کي وڌڻ جي، محبوب جي مائل به جفا ٿيو ته بجا ٿيو. چک وصل جي ماکيءَ جي عوض زهرِ جدائي، دلبر جي هٿان ڪجهه به عطا ٿيو ته بجا ٿيو. ميثاق ۾ جنهن پاڻ ’بليٰ‘ چئي هئي بلا کنئي، دنيا ۾ اهو وقفِ بلا ٿيو ته بجا ٿيو. افلاڪ کي عزت نه ملي جنهن جي کڻڻ جي، ’حاميءَ‘ کي اهو بار عطا ٿيو ته بجا ٿيو