سر يار جي قدمن ۾ فدا ٿيو ته بجا ٿيو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Ab laghari طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2017۔

  1. Ab laghari

    Ab laghari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2015
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    sanghar
    عطا محمد ”حامي“

    سر يار جي قدمن تان فدا ٿيو ته بجا ٿيو،
    هڪ فرض محبت جو، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

    سر تَن تي هُئو بار، جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
    الفت جو هُئو قرض، ادا ٿيو ته بجا ٿيو.

    ويو سڀڪو ڇڏي، هُو نه جدا ٿيو ته بجا ٿيو،
    مشڪل ۾ مددگار، خدا ٿيو ته بجا ٿيو.

    سورج ۾ جلال ان جو، جمال ان جو قمر ۾،
    هر شي ۾ سڄڻ جلوه نما ٿيو ته بجا ٿيو.

    قدمن کي ڇڏي، هاڻ هِنئين ساڻ هلون ٿا،
    رستو ئي محبت جو، جدا ٿيو ته بجا ٿيو.

    بيمارِ محبت کي، طبيبن نه بچايو،
    هيءُ درد نه ممنونِ دوا ٿيو ته بجا ٿيو.

    واڌائي هجي منهنجي وفائن کي وڌڻ جي،
    محبوب جي مائل به جفا ٿيو ته بجا ٿيو.

    چک وصل جي ماکيءَ جي عوض زهرِ جدائي،
    دلبر جي هٿان ڪجهه به عطا ٿيو ته بجا ٿيو.

    ميثاق ۾ جنهن پاڻ ’بليٰ‘ چئي هئي بلا کنئي،
    دنيا ۾ اهو وقفِ بلا ٿيو ته بجا ٿيو.

    افلاڪ کي عزت نه ملي جنهن جي کڻڻ جي،
    ’حاميءَ‘ کي اهو بار عطا ٿيو ته بجا ٿيو
     
    MUHAMMAD ASIF BROHI ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واھ زبردست ونڊ.
    جاري رکو ادا.
     
    Ab laghari هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو