’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي​


    ڊاڪٽر بشير احمد شاد

    سنڌ جي سون ورني سرزمين زندگيءَ جي ٻين شعبن کان علاوه ادبي ميدان ۾ پڻ اهڙن بيشمار انمول انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فڪر ۽ فن ذريعي اهڙو پاڻ موکيو آهي جو سندن نالو جڳن تائين زندهه رهندو. ماٺيڻي، ملنسار، مخلص، محنتي ۽ محبت ڀريي مدهوش جو نالو اهڙن ئي انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس وڇوڙي سان سنڌ هڪ سٺي ماڻهو کان محروم ٿي وئي آهي.

    منهنجو احمد خان مدهوش سان نيازمنديءَ جو رستو ذري گهٽ اڌ صدي تي محيط آهي. جڏهن 1958ع ۾ ادب پڙهڻ شروع ڪيم ته ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ذريعي غائبانه تعارف ٿيو، وري جڏهن پاڻ قلم قبيلي ۾ شامل ٿيس ته ادبي تقريبن، مشاعرن ۽ ڪانفرنسن ۾ ملڻ جو موقعو مليو ۽ ائين اسان جي گهرائپ وڌي، جنهن هلندي هلندي هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام جا جذبا پيدا ڪيا. پوءِ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن توڙي ميڊيا تي ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي مشاعرن ۾ گڏ گڏ شرڪت ڪئي. جيتوڻيڪ هن وڏي ادبي قدڪاٺ واري مدهوش آڏو منهنجي طفل، مڪتب واري حيثيت رهي آهي. پر هن نيڪ نيت ۽ بلند ظرف انسان منهنجي سدائين همت افزائي ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ته جيئن سائينءَ جي اور پوريل هئي. لاڙڪاڻي جي ادبي لڏي سان ته گويا سندس ڪو روح جو رشتو هو، اسان جڏهن به ڪنهن ادبي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ کين گذارش ڪئي ته مدهوش سائين ڪڏهن به اسان کي نااميد نه ڪيو. مدهوش جڏهن به لاڙڪاڻي ايندو هو ته شاد جي غريب خاني تي پير ضرور گهمائيندو هو.

    مدهوش تي لکڻ لاءِ جڏهن سندس شاعريءَ جو مطالعو ڪيم ته دل چاهيو ته سندس شعر جي هر هڪ سٽ تي لکان، هر سٽ جي هر لفظ تي لکان، هر لفظ جي هر حرف تي لکان، سندس شاعريءَ ۾ عجب جهڙي نازڪ خيالي ۽ نررت سلاست سادگي مٺاس ۽ رواني نظر آئي. مدهوش جهڙا انسان سچ جي سڃاڻ ۽ الفت جا اهڃاڻ هوندا آهن. منهنجي نظر ۾ هو سنڌي ادب جو نمائندو ۽ عوامي شاعر هو، هو اسان جو انمول ۽ قابل فخر سرمايو هو.

    مون هتي احمد خان مدهوش جي غزل جو مختصر جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه ڏانهن مختصر به ڌيان ڏنو آهي ته هن صاحب غزل ۾ پنهنجي تخلص سان ڪيتري قدر نڀاءُ ڪيو آهي. مطالعي دوران مون محسوس ڪيو ته مدهوشي ان ڏس ۾ مڪمل طور ڪامياب ويو آهي. هن صاحب پنهنجي تخلص جي معنيٰ ۽ مفهوم سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي.

    شاعريءَ ۾ تخلص کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي. دراصل تخلص ئي شاعر جي سڃاڻ بڻجي ويندو آهي. ايتري قدر جو ڪن صورتن ۾ ڪيترن شاعرن کي فقط سندن تخلص ذريعي ئي سڃاتو ويندو آهي. عام ماڻهن کي انهن جي اصل نالن جي خبر ئي ڪانه هوندي آهي. جيئن سرڪش سنڌي، تنوير عباسي، ادل سومرو، استاد بخاري، شيخ اياز، فيض بخشاپوري، نياز همايوني، وفا ناٿن شاهي، جوش مليح آبادي، انيس، دبير، داغ دهلوي، سودا، ذوق وغيره شاعر لاءِ تخلص اختيار ڪرڻ لازمي ليکيو ويندو آهي. پوءِ ڀل اهو سندس نالي جو حصو ئي ڇو نه هجي. جيئن فيض احمد فيض، مومن خان مومن، مير تقي مير، امجد اسلام امجد، خليل جبران خليل وغيره وغيره. تخلص اختيار ڪرڻ وقت وڏي سوچ ۽ سمجهه درڪار هوندي آهي. ان جو شاعريءَ ۾ نڀاءُ هڪ محنت طلب عمل آهي. تخصل سان نڀاءُ شاعر جي حيثيت متعين ڪرڻ ۾ نهايت معاون ۽ مددگار ثابت ٿيندو آهي.

    احمد خان مدهوش پنهنجي غزل ۾ مدهوشي واري ڪيفيت جي سمورن عوامل جو دل کولي ذڪر ڪيو آهي. مثلن مئخانو، پئمانو، ساقي جام، سرڪي، مئه ڪشي، مدهوشي، رند، شيخ، زاهد، مستي، بيخودي ۽ جلوه نمائي جو ذڪر سندس اڪثر ڪلام ۾ ملي ٿو.

    هڪ غزل جون چند سٽون ملاحظه ٿين:

    سامهون سڄڻ هجي ۽ نظر ۾ نظر هجي

    پنهنجي خبر هجي، نڪي ٻئي جي خبر هجي

    ساقي نگاهه مست هجي ۽ رند ڀي هجن

    محفل ۾ مئي ڪشي جو مزو رات ڀر هجي

    مٿين غزل جي سٽن ۾ ساقي رند، مئي ڪشي، نگاهه ناز مدهوشيءَ جا ئي سامان آهن. مدهوشي جي هڪ ٻئي خوبصورت غزل جون سٽون ۽ تخلص جو نڀاءُ ڏسو.

    جا جدائيءَ جي گهڙي آهي سڄڻ

    سا گهڙي گويا صدي آهي سڄڻ

    توکي آهي پئي لڳي سينگار جي

    مون کي پنهنجي ساهه جي آهي سڄڻ

    هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    چوڻ ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ

    هتي جدائي جي گهڙيءَ کي صديءَ سان تمثيل ڏني ويئي آهي، جيڪا عشق جي دل جي بيقراري جي ترجماني ڪري ٿي. غزل جي مقطع ۾ تخلص سان ڪيترو نه خوبصورت نڀاءُ اٿس. ڀلا جيڪو آهي ئي مدهوش سو واپس هوش ۾ ڪيئن اچي.

    چوٽ ڪاپاري لڳي آهي سڄڻ.



    چرچن ۾ تو چيو هو مدهوش تنهنجو آهيان

    هن قول تي پڪو ئي اعتبار منهنجو

    مٿين غزل جي مقطعي ۾ تخلص جو ڪيترو نه تز استعمال ڪيل آهي. محبوب جي چرچن ۾ چيل ڳالهه تي هو پڪو اعتبار ڪري ويٺو آهي.

    بلاشڪ محتسب ڏسندو رهي، پڇندو رهي ليڪن

    رهي مدهوش کي شب روز ملندو بارها ساغر

    مدهوش جو فن ۽ فڪر سان ڀرپور معروف غزل ملاحظه ٿئي.

    جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،

    جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿي ناهي.

    ڪيا غم دل ۽ ۾ اوتارا، ٿڪا تارا تڪي تارا

    سڄڻ بيچين دل کي چين، هڪڙو دم گهڙي ناهي.

    لفظن جي جادروگري، فن ۽ حرفت سان ڀريل مٿيون غزل سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ خاص جاءِ والاري ٿو. اک جو لڳڻ ذو معنيٰ ۾ استعمال ٿيل آهي. اهڙي طرح چاڪ لفظ کي ٻن معنائن ۾ آندو ويو آهي. ٿڪا تارا تڪي تارا ۾ ٻنهي تارن جو مطلب الڳ آهي. لفظ وار کي هڪ ئي وقت ٽن معنائن ۾ استعمال ڪيو ويو آهي. مقطع ۾ ڪاڻ جو لفظ پڻ ايترين ئي معنائن لاءِ آيل آهي.

    رندي ۽ مستيءَ ۾ ٻڏل هڪ غزل جون چند سٽون پيش آهن.

    پيئڻ سان ئي مستيءَ ۾ اٿلي پياسين

    اسان کان ڀلو آ نصيب آر سيءِ جو

    محبت ۾ مدهوش مشهور آهيان.

    سرعام چرچو آ ديوانگيءَ جو

    مدهوش جي شاعري اجهاڳ سمنڊ آهي، جنهن ۾ بيشمار ملهائتا موتي موجود آهن، مون ته فقط ڪناري تي بيهي ڪوڏ چونڊيا آهن يا يوسف جي خريدارن ۾ نالو ڳڻائڻ خاطر رنڍا روڙيا اٿم.

    مدهوش جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي
    .
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    جوهي اداس آهي​

    مير خان لغاري


    هر قوم جو پنهنجو مزاج آهي، ڪا جنگجو ۽ توسيع پسند، ڪا ڪٽر انتها پسند، ڪا پيار جي پرستار ۽ شاعراڻو مزاج، صوفياڻو سلوڪ رکندڙ، ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهو ڏاڍا لبرل رهيا آهن. سندن مخصوص مزاج سنڌ جو هر ٻيو ماڻهو شاعر آهي پر جوهيءَ جي ڳالهه ئي اور آهي، جتان جا ٿڌا مـَـٽَ، دلا، گهگهيون پوري ملڪ ۾ مشهور آهن. هن جـُـوءِ جي مٽيءَ جي مهڪار ۽ ادبي جهنڪار پنهنجي انداز جو منفرد نالو رکي ٿي.

    هيءَ مدهوش جهڙن محبتي ماڻهن جي دلين کي ٺاريندڙ سرزمين آهي.

    ڪم ڪار جي سانگي جوهيءَ ۾ جڏهن ايندين،

    هن شهر جي مٽي ڀي پيرن کي چـُـميون ڏيند”.

    هن من ٺاريندڙ مٽي تي رهندڙ احمد خان مدهوش به هڪ هو، جيڪو وڏي عرصي کان شاعريءَ جي سرزمين کيڙي سنڌي ادب ٻوليءَ کي مالا مال ڪري رهيو هو. سندس وڇوڙي تي جوهي اداس آهي، ان سان گڏ پوري سنڌ اداس آهي.

    هن محبت کان ويندي، سياسي سماجي رُخن تائين لڳ ڀڳ هر موضوع تي قلم کنيو پر محبت وري به سندس پسنديده موضوع رهيو. سمجهجي ٿو ته استاد بخاري به مدهوش جي تائيد ۾ اهو شعر چيو هليو ويو ته:

    هڪ شخص شهر ۾ دانهون گهڻيون ڪيون

    بي درد لوڪ بند کڻي در دريون ڪيون

    ادب ۾ ڪيڏا به وقتي لاها چاڙها ۽ موڙ ڇو نه اچن، عارضي مسئلا اُڀرن، اُڀري دٻجي وڃن، پر محبت وري به اهڙو جذبو آهي جيڪو هر وقت، هر جاءِ نت نئون رهي ٿو. ڪٿي پڙهيو هئم ته “ڪتاب يا شعر جنهن ۾ پيار ناهي بهتر اِهو آهي لکيو ئي نه وڃي!!" بقول مدهوش:

    جنهن جي سيني ۾ پيار ڪونهي ڪو

    سو اسان ۾ شمار ڪونهي ڪو.

    يا

    پيار ڪر، پيار ۾ حياتي آ

    ورنه آزار ۾ حياتي آ.

    جڏهن پيار جي جذبن کي پابند شاعريءَ جي ڪارب ۾ آڻجي ٿو ته نتيجي ۾ احمد خان مدهوش جا ئي غزل، پيار ۽ پاٻوهه ڀريا نظر اچن ٿا.

    ڪڍين ٿو سينڌ ڪارا وار چيري

    ڇڏين ٿو دل کي آرو پار چيري.



    وارن کي هـُـن پکيڙي پنهنجي پناهه ٺاهي،

    شوق نگاهه ليڪن، اُن مان به راهه ٺاهي.

    هـُـن کي ڪـُـهڻ جي نيت، مون کي ڪسڻ جي نيت

    هـُـن ڀي نگاهه ٺاهي مون ڀي نگاهه ٺاهي.

    ان کانسواءِ سوين اهڙا غزل ملندا جيڪي ان ڳالهه جي تائيد ڪندا مثلن: مدهوش جو هي غزل ڏسو:

    چيائين ته پاڻي کپيئي يا ڪو چـُـوڻو

    چيم پيار ڏي پر ڪري ڏي ڏهوڻو

    چيائين اٿئي ياد صدمو اوڻو

    چيو مون، پڪل ٻير کي ڏي نه ڌوڻو

    اٿئي يار مدهوش لوڏي وهوڻو.

    مطلب ته جوانيءَ جي اوج کان پيريءَ جي پهر تائين مدهوش سونهن جي وقف رهيو.

    مون ڪئي اي سونهن ساري زندگي تنهنجي بلي

    نوجواني وقف ٿي پيري به ٿي تنهنجي بلي.

    بحر وزن جو نهايت پختو شاعر مدهوش صاحب اڄ اسان ۾ نه رهيو آهي.سندس وڇوڙو اسان سڀني جو گڏيل نقصان آهي
    .
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    احمد خان مدهوش کي خراج​


    خاڪي آهيان ڙي خاڪي

    خاڪي آهيان ڙي خاڪي

    پر او صاف اٿم اِفلاڪي.



    هيءَ جوڙ جڙي جڏهانڪي

    ساڃاهه سندم تڏهانڪي

    مهميز وٺي ميثاقِي

    ٿو ڌُئندو وتان ناپاڪي. خاڪِي....



    هڪ يار يگانو ياڪِي

    ٻي تانگهه نه آقي باقي

    پاتم چولو عوشاقي.

    ڪانه ڪيم ٻي گيراڪي- خاڪي.....



    مدهوش ملي ادراڪي،

    کلندي وئي دل جي تاڪي،

    آئي عظمت آفاقي،

    هاڻي ڇاجي غمناڪي.

    خاڪي آهيان ڙي خاڪي.



    گيت

    هٿ ڪم ڪار ۾ اک دلدار ۾

    دل خوش آ، پلپل پيار ۾.



    هر دم هِيانوَ تي ڇانيل شل هُجين،

    مون ۾ تون سمايل پل پل هجين،

    جيئن گل واسجن ٿا گلزار ۾.



    تون سامهون اچين مان درشن ڪيان

    جانيئڙا ڪُڏان ۽ جهُومان، نچان

    هنبوچُون هڻان، دم ديدارَ ۾.



    ڇڏ ويڇاٽيون، ٿيءُ ويجهو اڃان

    تون، مان ٿي وڃين، مان، تون ٿي وڃان

    ٻيو ڇاهي رکيو، هِن سنسارَ ۾.



    ڀائين يا نه ڀانئين تنهنجي رضا

    خوش هرحال ۾ هيءَ مدهوش آ

    جهڙو جيت ۾، تهڙو هار ۾.



    غزل

    تُڪ تيز نگاهن جو منظر پهچائي، او دلبر

    ڇڏيئي آئيني تي پٿر- ڦهڪائي او دلبر



    نازن ۽ نخرن جو لشڪر اٽڪائي او دلبر

    وئين هن ڦاٿل دل کي ويتر ڦٿڪائي او لبر.



    حرفت جي حڪمت سان هر هر هِرکائي، او دلبر

    ڇڏيا ٿئي نيڻن جا نشتر چُڀڪائي او دلبر



    دل گهائي گهائي او دلبر، دل گهائي او دلبر

    نيٺ ڇڏيئي نينهن سندو نوڪر، نوڙائي او دلبر



    مار نه مدهوش ويچاري کي، مدهوش ويچاري کي،

    هاڻي ته اِها هرهر نهڪر- ورجائي، او دلبر.



    غزل

    دلربا جي ياد ۾ ساري فِضا روئي ڏنو

    هِن جدا روئي ڏنو ۽ هُن جدا روئي ڏنو



    آشياني تي جڏهن بجلي غضب جي پئي ڪري

    برق کِلندي ئي رهي- ڪاري گهٽا روئي ڏنو.



    ماڳ تي موٽيو پکي جيئن پڃرو ڇڏي،

    چند ڏينهن جي قفسَ بي انتها روئي ڏنو.



    سير ۾ الفت جي ٻيڙي کي لُڏي ٻڏندو ڏسي

    ساحلن روئي ڏنو ۽ ناخدا روئي ڏنو.



    آخري هِڏڪي مهل محبوب جي هڪ مُرڪ تي

    منهن چُمي معصوميت جو خود قضا روئي ڏنو.



    تربت مدهوش تي گُل رخ ڇَٽڻ آيو گلاب

    تنهن به هائي، دلربا چئي، بي خطا روئي ڏنو.



    غزل

    محبوب سائين تنهنجون سڀ اذيتون اکين تي

    خوش ٿي کنيون وتان ٿو، سڀ تهمتون اکين تي.



    قربن جون ڪوسيون ڇانئُون، غم جون ٿڌيون هوائون

    فرحت ڀريون فضائون، سڀ نعمتون اکين تي.



    هي رنگ رغبتن جا، هي روپ رونقن جا

    انداز الفتن جا، سڀ راحتون اکين تي.



    دلڙيون ڦُري ڦٻائڻ، ڦنڌا وجهي ڦاسائڻ

    نٽ ناٽ سان نٽائڻ، سڀ حرڪتون اکين تي.



    تنهنجي رسڻ جون ريتون. رتبن سان گڏ ڪُريتون

    ڳالهين ڪرڻ تي ڳيتون، سڀ خصلتون اکين تي.



    تنهنجي ڪا خوشي آ، منهنجي به سا خوشي آ

    مدهوش مون رکي آ، هڪ تون هي تون اکين تي.

    احمد خان مدهوش

    غزل

    جُزو ڪُل ۾ شال ڪري قلزمي ٿيءُ

    ماڻي ماڳ منزل اُچو آدمي ٿيءُ



    گُمانن شڪن جا ڪري غرق گوشا

    يقينن سان يڪدل يڪو دائمي ٿيءُ



    جي سوچين ته سيرت جو سلطان سڏجان

    ميڪپ ميساري، شڪل شبنمي ٿيءُ.



    اگر مُنصفاڻي مڏئي جو ڌڻي ٿو سڏائين

    عدل ڪر ۽ انصاف جي ساهمي ٿيءُ



    نڪي ناشڪر ٿيءُ، نڪي ناصبر ٿيءُ

    نه هنبوڇِڙيون هڻ، نڪي ماتمي ٿيءُ.



    اگر چاهتن جي ٿو چاهين حياتي،

    چُمڻ سِک، چُمي وٺ، چُمي ڏي، چُمي ٿيءُ



    حقيقت ۾ مدهوش ڪُجهه ڪونه آهين

    حقيقت هجڻ لاءِ ڪجهه لازمي ٿيءُ.
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    ’مدهوش جي مري وڃي هوش کي سنڀارجو‘​


    مظهر خاصخيلي
    ڪافي ڏينهن کان بيماريءَ جي بستري تي موت جو انتظار ڪندڙ سنڌ ڌرتيءَ جي گود مان جنم وٺندڙ سنڌ جو عوامي شاعر احمد خان مدهوش ڪالهه اسان سنڌ واسين کي هميشه لاءِ الوداع چئي جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري ويو آهي. اهو احمد خان مدهوش جنهن کان ساهه ته بيوفائي ڪئي پر ان کان پنهنجا يار دوست مٽ مائٽ به بيماريءَ جي بستري تي پوڻ کان پوءِ منهن موڙي ويا ۽ انهن يارن دوستن ۽ مٽن مائٽن مدهوش کي ته وساري ڇڏيو پر آخر ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي به مدهوش جي مالي سهائتا نه ڪئي ۽ نيٺ بي رحم بيماري جي آڏو مدهوش جي روح جي تند ٽٽي وئي. آخر اسان سنڌي قوم ڪڏهن پنهنجي انهن محبوب شاعرن جو مان قدر ڪرڻ سکنداسين جيڪو هو لهڻن ٿا. ڇا احمد خان مدهوش پنهنجي شاعري ۾ جيڪي معيارون ڏنيون هيون اهي صحيح آهن؟ جيئن چوي ٿو :

    مان پکي هان پيار جو، پيار جي اظهار جو، ڌار جو نه مار جو

    هي احساس سنڌ جي هڪ اهڙي شاعر جا آهن، جيڪو آمر ضياءَ جي مارشل لا واري دور ۾ پنهنجي شاعريءَ ۾ عوامي ڏانو سبب ايڏو مقبول ٿيو جو سنڌ جا ماڻهو ڳوٺ واهڻ وستين شهرن توڙي برن ۾ مدهوش جي نالي کي سڃاڻجڻ لڳو. هن ڌرتي تي ڪڏهن سچل، ڪڏهن سامي، ڪڏهن شهيد شاهه عنايت کان ويندي استاد بخاري، شيخ اياز، تاجل بيوس، سجاولي، ابراهيم منشي ۽ احمد خان مدهوش، سرويچ جهڙا محبوب ماڻهو ڄمندارهندا پر انهن جي وڇوڙي تي جيءَ ۾ جهوراڻو وري انهن کي ئي پوندو آهي جن وٽ سنڌ امڙ جي لاءِ پيار محبت واريون نه رڳي خواهشون هونديون، پر انهن جي رڳ رڳ ۾ محبتون سمايل هونديون ۽ جڏهن انهن جي سٿ جو ڪو اهڙو ساٿي جسماني طور موڪلاڻي ڪندو آ ته سچ پچ ڄڻ انهن ماڻهن جي جسم سان موڪلاڻي ڪري ويندو آ، ڇو ته شاعر پنهنجي قومن جا ترجمان هوندا آهن ۽ اهڙا شاعر صدين تائين زنده رهندا آهن جن وٽ عوامي احساس هوندا آهن ۽ انهن جي شاعري ۾ عوامي رنگ سمايل هوندو آهي ۽ احمد خان مدهوش سنڌ جو اهڙوئي سانورو سريلو شاعر هو جنهن جي شاعريءَ ۾ آس پاس جي رهندڙ مسڪين غريب پورهيت ماڻهن جا درد سمايل هئا. اهو ئي سبب هو ته سڄي سنڌ اندر احمد خان مدهوش پنهنجون اکيون ٻوٽي جسماني طور پنهنجي سنڌ امڙ کان هميشه لاءِ موڪلائي سنڌ جي گود ۾ سمائجي ويو آهي. سنڌ جا لکين ماڻهو پنهنجي محبوب شاعر احمد خان مدهوش جي وڇوڙي تي اوترو ئي ڏکارا آهن جيترا هن جا پونئر ڇو ته مدهوش جسماني طور ڀلي موڪلاڻي ڪري ويو پر هن جي شاعري ان وقت تائين زنده رهندي جنهن وقت تائين سنڌ ۽ ان ۾ رهندڙ هڪ به سنڌي زنده هوندو. مدهوش پنهنجي شاعري ۾ جتي پيار عشق محبت وڇوڙي جون ڳالهيون ڪيون اتي سنڌ امڙ مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ڪلور ۽ پنهنجن هٿان قتل ، ڦرمار تي به پنهنجي شاعري ڪئي ۽ هن جتي کوڙ ساري شاعري ڪئي اتي هن ڪجهه اهڙا گيت لکيا جيڪي سنڌ جي ننڍي توڙي وڏي فنڪار يا عام ماڻهو کي زباني ياد آهن جيئن هن

    سرلڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي

    دل جي دلبر، من جي من سان سرلڳي

    يار آ مدهوش منهنجو سانورو

    تنهن ڪري ڪل سانورن سان سر لڳي.

    اهڙي طرح کوڙ ساري شاعري احمد خان مدهوش پنهنجي پويان پنهنجي چاهيندڙن ٻڌندڙن لاءِ ڇڏي ويو آهي. اڄ جڏهن مدهوش موڪلاڻي ڪري ويو آهي ته سچ پچ سال اڳ جيڪي هن ڳالهيون پنهنجي شاعري ۾ چيون هيون اهي روئاري رهيون آهن.

    مدهوش جي مري وڃي ته هوش کي سنڀارجو

    مرڪندي سينگارجو، مهڪندي سنوارجو،

    مان پکي هان پيار جو مارجو نه، ڌارجو.



     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    مدهوش رڳو مدهوش نه آ، هي عالم ئي ديوانو آ​


    عاجز جمالي
    مون کي اهو ته ياد ناهي ته مون شاعري ڪرڻ جو ڇو سوچيو هوندو، ڪيئن خيال آيو هوندو، پر شاعري ڪرڻ دوران ڪنهن باقاعده مشاعري ۾ پهريون ڀيرو مون لاڙڪاڻي ۾ شرڪت ڪئي. هِن مشاعري ۾ مون کي سائين احمد خان مدهوش وٺي ويو هو، هي لڳ ڀڳ 1985ع جو زمانو هو. جڏهن جوهي جي شاعراڻي لڏي ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ کانپوءِ منهنجي ملاقات خليل عارف سومري سان ٿي. خليل عارف سائين احمد مدهوش جو وڏو پُٽ آهي. جنهن ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ هڪ دڪان تي منهنجو تعارف پنهنجي والد يعني سائين مدهوش سان ڪرايو. ان زماني ۾ شاعراڻيون بزمون ڏاڍيون سرگرم هُيون. لاڙڪاڻي ۾ بزم فيض بخشاپوريءَ پاران هي مشاعرو ٿيو. جنهن ۾ مون پڻ هڪ غزل پڙهيو- حافظ علي بخش جمالي، سرڪش سنڌي، قاضي مقصود گل، نواز رڪڻائي، آثم ناٿن شاهي، اسحاق راهي ۽ ڪجهه ٻيا نالا ان مشاعري جي حوالي سان ياد پيا اچن. بعد ۾ اسين بزمن جي چڪر مان نڪري سنڌي ادبي سنگت جو رستو ورتو ۽ سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ جي گڏجاڻين ۾ نوجوان شاعرن سان گڏ سائين احمد خان مدهوش پڻ شريڪ ٿيندو هو. جوهي ۾ اڄ تائين نوجوانن ۽ شهرين جي وڏي اڪثريت کيس ”سائين احمد خان“ ئي سڏيندي آهي. هُو جوهي جو پراڻو سينئر ترين پرائمري استاد هو. نوجوانن جو وڏو حصو وٽس تعليم پرائڻ سبب کيس ”سائين“ سڏيندو هو- پر سندس شاعراڻو نالو مدهوش هو. ان ڪري کيس سائين احمد خان يا سائين مدهوش سڏيندا هُئاسين. مذهبي شاعري پڻ وڏي مقدار ۾ ڪيائين، انقلابي شاعري پڻ. پر سندس رومانوي شاعري ڪمال جي شاعري هُئي. اُن ۾ وري ”تجنيس حرفي“- هڪ جهڙا لفظ الڳ الڳ معنائن سان شاعري ۾ ڪتب آڻڻ ۾ سائين مدهوش جو وڏو ڪمال هو.

    جڏهن کان اک لڳي توسان

    تڏهن کان اک لڳي ناهي

    جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو

    تڏهن کان چاق ٿي ناهي.​
    سندس اهڙا رومانوي غزل بعد ۾ فنڪارن وڏي شان سان ڳايا ۽ اُهي ڪلام مقبول بڻيا، پر اسين اهي سڀ ڪلام ننڍي هوندي کان سندس واتان ٻڌا ۽ ياد ڪيا. اڄ ڏينهن تائين ياد آهن. جيتوڻيڪ مون کي شاعري ياد نه هوندي آهي، پر سائين مدهوش جي شاعريءَ جي شايد اِها سگهه آهي جو سندس چيل سِٽون اڄ ان وقت ذهن تي تري اچي رهيون آهن، جو کيس لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مون وٽ ڪجهه به ناهي. سندس آخري ملاقات ڪجهه مهينا اڳ ڪراچيءَ ۾ ثقافت کاتي جي پروگرام ۾ ٿي- جڏهن بيماريءَ کان چاق ٿي آيو هو. مون کي سائين مدهوش ڏاڍو ڀڙ لڳو- پر ڪجهه عرصو اڳ کيس ٻيهر گردن جي علاج واري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيترائي ڀيرا آخري ڏهاڙن ۾ ملاقات جي ڪوشش ڪرڻ باوجود ساڻس حياتيءَ ۾ آخري ملاقات ڪانه ٿي سگهي. موت برحق آهي، هر ڪنهن کي مرڻو آهي، پر هڪ صحافي دوست کان جڏهن خبر ملي ته احمد خان مدهوش لاڏاڻو ڪري ويو. سچ ته ڪجهه وقت لاءِ سوچن ۾ ٻڏي ويس. جوهيءَ جا سمورا منظر، سائين مدهوش جي شاعري، ادبي محفلن ۾ ڦڏا، جهيڙا جڳهڙا، سياسي بحث مباحثا، مشاعرا، ادبي سنگت جون گڏجاڻيون سڀ ڪجهه ذهن جي اسڪرين تي فلم وانگر منظر بدلائيندا رهن ٿا.

    ”سائين مدهوش موڪلائي ويو“

    جوهي شهر ۾ واقعي به سائين مدهوش لاءِ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي. زندگيءَ جا سڀ ڦڏا، سڀ خوشيون غم، جهيڙا جهڳڙا زندگي پاڻ سان گڏ کڻي ويو- بس باقي وڃي رهيون يادگيريون. سائين احمد خان مدهوش هميشه جيئندو رهندو. جوهي جي ادبي کيتر ۾ جوهي واسي اڪبر جسڪاڻيءَ کي اڃا تائين ڀلائي نه سگهيا. سندس نالي سان واڳيل لائبريريءَ ۾ هر سال سندس ورسي ملهائي ويندي آهي ۽ سائين احمد خان مدهوش ته اڪبر جسڪاڻيءَ کان به جوهي جي وڏي سُڃاڻپ آهي. سائين مدهوش سنڌ ۾ وڏي پائي جي شاعرن ۾ ڳڻيو ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ ۽ استاد بخاري، کان پوءِ سندس سنڌي توڻي سرائيڪيءَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ ڪمال جي منظر نگاري ۽ عوامي ٻولي نظر اچي ٿي. عوامي ٻوليءَ ۾ شاعري ڪرڻ سبب کيس عوامي شاعر طور ياد ڪيو وڃي ٿو.

    سر لڳي سهڻي سڄڻ سان سر لڳي

    دل جي دلبر من جي من سان سر لڳي​
    .

    سائين احمد خان مدهوش کي موجوده سرڪار ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر پڻ بڻايو ويو هو. بورڊ جو نئون ڍانچو جڏهن جڙي رهيو هو ته تعليم واري وزير پير مظهرالحق سندس نالو بورڊ لاءِ تجويز ڪيو هو. سندس سياسي وابستگي جيتوڻيڪ پيپلز پارٽيءَ سان رهي، پر پاڻ قومي شاعري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيائون.

    ماڻهوءَ کي ٿو کائي ماڻهو

    آهي ڪو سمجهائي ماڻهو

    رڍ ٻڪريءَ جي چوري ناهي

    ماڻهوءَ کي چورائي ماڻهو

    آهي ڪو سمجهائي ماڻهو.​
    سائين احمد خان مدهوش جوهي شهر جو هڪ سٺو استاد هو، جنهن جوهي پرائمري اسڪول ۾ زندگيءَ جي وڏي عرصي تائين ٻارڙن کي پڙهايو، علم جي خدمت ڪئي. سندس شاعري ۾ ڪاڇي يا جوهيءَ جي هميشه واکاڻ ملندي هُئي.

    جاني آ تون جوهي

    جوهي هي مکڻ موهي

    تيڪون رب دي ڊوهي

    جاني آ تون جوهي.

    هڪ هنڌ هيئن به چيو اٿائين ته:

    جيوين وسي پير فريد دي روهي

    تيوين وسدي رهي مدهوش غريب دي جوهي.​
    شاعريءَ جون هي سٽون بلڪل ياداشت جي بنياد تي لکجي رهيون آهن. ان ڳالهه جو گهڻو امڪان آهي ته سٽن ۾ ڪٿي گهٽ وڌائي لهجي يا گهاڙيٽي ۾ ڪٿي ڪو فرق هُجي، پر هي سٽون لکڻ وقت ذهن جي ڪنهن ڪنڊ ۾ يادن اندر سنڀاريل اُهي سٽون لکي رهيو آهيان، جن جو مفهوم ويهارو سال گذري وڃڻ باوجود اڄ به جيئن جو تيئن آهي. اردو شاعرن ۾ احمد فراز هميشه منهنجي پسند جو شاعر رهيو، پر مون کي سندس گهڻا شعر ياد نه رهيا. سنڌي شاعرن ۾ استاد بخاريءَ جو مان هميشه مداح رهيس، پر بخاري جي ايڏي شاعري مون کي ياد ناهي پر سائين مدهوش جا اهي سمورا شعر ياد رهيا جيڪي مون کي پسند رهيا، اُهي سٽون ڪڏهن به مان وساري ڪونه سگهيس.

    دل ۾ ڏکن جو ديرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي،

    اُن ۾ ڪرڻ بسيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.

    آخر علاج ڪهڙن ڪهڙن ڦٽن جو ٿيندو،

    اندر آ ٻيرو ٻيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.

    هڪڙو زخم هُجي ها شايد ڇٽي وڃي ها،

    رڳ رڳ ۾ آهي ڇيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.

    مدهوش سنگدل جي ايڏين عنايتن جو،

    ويهي ڪجي نبيرو سٿري ته ڳالهه ڪانهي.​
    سندس مٿيون ڪلام منظور سخيراڻي ان زماني ۾ ڳايو جڏهن منظور سخيراڻيءَ جو به عروج هو- ۽ اهو گهڻو ڪري تڏهن استاد بخاريءَ کي ڳائيندو هُئو. جوهي ۾ محفل جي هڪ شام دوران موسيقي جي محفل شروع ٿيڻ کان اڳ منظور سخيراڻي کي هڪ ڪلام سائين مدهوش لکي ڏنو ۽ منظور سخيراڻي ياد ڪيو. ان کان اڳ سندس مشهور ڪلام ”مدهوش رڳو مدهوش نه آ، هي عالم ئي ديوانو آ“ عام طور تي ڳايو ويندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي ٻن وڏن شاعرن استاد بخاري ۽ سائين مدهوش جي پاڻ ۾ نه لڳندي هُئي، پر ٻنهي شاعرن کي کوڙ ڀيرا اسان ساڳي محفل ۾ هڪ ٻئي جو احترام ڪندي پڻ ڏٺو. ٻئي شاعر استاد هُئا، ٻئي شاعر هُئا، ٻئي دادو جا هُئا، ٻئي ڪمال جي رومانٽڪ شاعري ڪندا هئا، عوامي ٻولي استعمال ڪندا هُئا. اهو ضرور هو ته ذهني طور ٻنهي ۾ تضاد هُئا. سائين مدهوش ان فڪر جو هو جيڪو فڪر ”آزاد نظم“ يا نثري نظم کي شاعري مڃڻ لاءِ تيار نه هو. سائين بخاري چوندو هو هر اُها شاعري شاعري آهي، جيڪا ڳائي ويندي آهي. استاد بخاري پاڻ جيئن ته موسيقار پڻ هو، ان ڪري آزاد نظم لکي ان کي جهونگاريندو پڻ هو. پر سائين مدهوش پابند شاعري ۾ وري الڳ مقام رکندو هُئو. مدهوش جي شاعري ۾ محبتن جو عڪس ملندو هو. ان ڪري کيس محبتن جو شاعر چئجي ته به غلط ٿيندو.

    جي سامهون اچين ٿو ته تابش ٿي ماري،

    لڪين ٿو ته ڳولا جي خواهش ٿي ماري.

    جي ڪاوڙ ڪرين ٿو ته ڪاوڙ ڪهي ٿي،

    جي پرچي پوين ٿو ته نوازش ٿي ماري.

    اکين تي نه الزام مدهوش ڌرجانءِ.

    اکين کي به دل جي سفارش ٿي ماري.​
    سائين مدهوش عظيم انقلابي اڳواڻن تي به شاعري ڪئي آهي، محترما بينظير ڀٽو تي سندس ڳچ شاعري ٿيل آهي. سندس شاعريءَ جو انتهائي ٿورو حصو شايع ٿيل آهي، پر شاعري جو وڏو حصو اڃا تائين سندس پٽن ۽ نياڻين وٽ امانت جي صورت ۾ ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ پيل آهي. سائين مدهوش اسان وٽ جسماني طرح نه رهيو. پر روحاني طرح ۽ يادن ۾ هُو اسان وٽ هميشه رهندو. 26هين جون ڇنڇر ڏينهن دنيا ۾ اذيتون برداشت ڪندڙن سان ايڪتا جو ڏينهن طور ملهايو ويو. اسلامي طور 13هين رجب حضرت علي السلام جي ولادت جو ڏهاڙو هو، پر سنڌي شاعري علم، ادب ۽ جوهيءَ سان چاهه رکندڙن لاءِ سائين مدهوش جو وڇوڙو هڪ اڻ وسرندڙ ڏينهن جي طور ياد رهندو. ها سائين مدهوش اسان کي هميشه ياد رهندو، هر روپ ۾.


    بشڪريه عبرت اخبار
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ’هوش ۾ مدهوش واپس ڪيئن اچي

    سائين مدهوش جي شاعري حضم ڪرڻ ، سٿري ته ڳالهه ڪانهي

    ٿورا سائين ممتاز، سهڻي شاعر جا سهڻا خيال ۔۔۔

    رب العالمين ڇوٽڪاري جا دروازا کولي، سائين مدهوش کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي ۔۔۔آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو