مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ. توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا، بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ. هڪڙو ئي ماڻهو آهي اچڻو پَر، مون سڄو گھر کڻي سجايو آ. حال امداد جو پُڇو ڇا ٿا؟ اڄ مڙئي سُور ڪُجھه سوايو آ. آواز : تعمير حُسين ٻول : امداد حُسيني