گلقند *چريءَ جا ڦر. * وڏيرو سائين سائي سوائي جو پيالو پي آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. نوڪر اچي ٻڌايس ته مهمان آيا آهن. بي وقتائتو ۽ اڻ گهرايل مهمانن جو ٻڌي سرڪي جو نشو ٽٽي پيس، بڇڙو ٻوٿ بڻائي نوڪر کي چيائين ته اڳئي وقت خراب پيو هلي وري مٿان تو ڪڏهن به چڱي ڳالھ نه ڪئي ....... وڃ وڃي وٺي اچين. مهمان ڪمري ۾ آيا. وڏيرو ڪچهري ۾ لڳي ويو. ڪجهه دير بعد ڪمري مان نڪري نوڪر کي ماني ٺاهڻ لاءِ چيائين . نوڪر ڊڄندي عرض ڪيو حضور بورچيخاني ۾ رڳو پٽاٽا ڪجهه ڀاڄي پئي آهي. "هي سامهون ڪڪڙ پئي ڦري ڪنهنجي آهي "؟ 'سائين پاڙي وارن جي آهي داڻو پئي چڳي.' " داڻو پئي چڳي يا وِٺيون پئي لاهي ، پڪڙيس ڪُهيس". وڏيري ڪاوڙ ۾ حڪم ڪيس. وڏيرو وڃي مهمانن سان ويٺو. ڪجهه دير بعد نوڪر وڏيري کي سڏي ڪمري کان ٻاهر گهرايو. نوڪر ڊڄندي وڏيري کي جهيڻي آواز ۾ آگاه ڪيو ته سائين ڪڪڙ ذبح ڪندي تيز ڇري ڪري مُنڍي وڍجي وئي هاڻي ڪڪڙ ته حرام ٿي وئي. ........ *"چريءَ جا ڦر "* وڏيري جو پارو چڙهي ويو. " پهرين وري ڪهڙي حلال هئي " " وڃ وڃي ٻوڙ رڌ".!!!!!!