• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چريء جا پٽ

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
گلقند
*چريءَ جا ڦر. *
وڏيرو سائين سائي سوائي جو پيالو پي آرام ڪرڻ جي موڊ ۾ هو. نوڪر اچي ٻڌايس ته مهمان آيا آهن.
1f600.png
بي وقتائتو ۽ اڻ گهرايل مهمانن جو ٻڌي سرڪي جو نشو ٽٽي پيس،
1f615.png
1f643.png
بڇڙو ٻوٿ بڻائي نوڪر کي چيائين ته اڳئي وقت خراب پيو هلي وري مٿان تو ڪڏهن به چڱي ڳالھ نه ڪئي .......
وڃ وڃي وٺي اچين.
مهمان
1f610.png
ڪمري ۾ آيا. وڏيرو ڪچهري ۾ لڳي ويو. ڪجهه دير بعد ڪمري مان نڪري نوڪر کي ماني ٺاهڻ لاءِ چيائين .
1f372.png

نوڪر ڊڄندي عرض ڪيو حضور بورچيخاني ۾ رڳو پٽاٽا ڪجهه ڀاڄي پئي آهي.
"هي سامهون ڪڪڙ
1f983.png
پئي ڦري ڪنهنجي آهي "؟
'سائين پاڙي وارن جي آهي داڻو پئي چڳي.'
" داڻو پئي چڳي يا وِٺيون پئي لاهي ، پڪڙيس ڪُهيس". وڏيري ڪاوڙ ۾ حڪم ڪيس.
وڏيرو وڃي مهمانن سان ويٺو.
ڪجهه دير بعد نوڪر وڏيري کي سڏي ڪمري کان ٻاهر گهرايو.
نوڪر ڊڄندي وڏيري کي جهيڻي آواز ۾ آگاه ڪيو ته سائين ڪڪڙ ذبح ڪندي تيز ڇري ڪري مُنڍي وڍجي وئي هاڻي ڪڪڙ ته حرام ٿي وئي.
........
*"چريءَ جا ڦر "*
وڏيري جو پارو چڙهي ويو.
1f620.png

" پهرين وري ڪهڙي حلال هئي "
" وڃ وڃي ٻوڙ رڌ".!!!!!!
 
:D :D :D:D:D

انڪري مون ڪڪڙيون پالڻ ئي ڇڏي ڏنيون آهن، منهنجي ڪُڪڙ به پاڙي جي ........ مهمانن کي کارائي هُئي.
 
Back
Top