دل جي ڳالھ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    منهجي سنڌ جهڙي معصوم دل جي سر زمين تي تنهجون يادون ڪڏهن ارغونن ۽ وري ڪڏهن تُرخانن وانگر حملا ڪندا رهن ٿا مگر آءُ انهن آڏو ائين بيوس بڻيو ويٺو آهيان جهڙي نموني هاڻ اسان جي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آهي، پنهجي بيوسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال موجود ناهي، تون جيڪا واچ مونکي منهجي سالگره تي تحفي طور ڏني هئي مزي جي ڳالھ تہ اُها واچ ڪڏوهوڪي خراب ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري خراب ٿي آهي جو مان جڏهن توسان گڏ هوندو هيم تہ مونکي وقت گذرڻ جو ذري برابر بہ احساس ڪو نہ ٿيندو هيو ۽ ڏينهن تمام مختصر لڳندا هيا منهجي واچ شايد اُن بي رحم رويئي جو هاڻ مونکان بدلو پئي وٺي ۽ ٽائيم ٻڌائڻ کان ٺپ جواب ڏئي وئي آهي جڏهن تہ هاڻ مونکي ٽائيم جي گذرڻ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي، تو هڪ دفعي مون کي چيو هو تہ تون مذهب کان باغي آهي ۽ نماز بہ نہ ٿو پڙهي ۽ روزا بہ نہ ٿو رکي مذهب کان صفا پري آهي ۽ مذاقن مذاقن ۾ چيو هيئي تہ ڪٿي ڪافر آهي ڇا ؟
    توکي شايد انهن ماملات جي خبر ئي نہ رهي جن مون کي مذهب کان باغي بڻايو نہ وري تو مون کان ڪڏهن ان بابت تفصيل ورتي، ۽ نہ مون وري ٻڌائڻ مناسب سمجهيو تنهجي سامهون ايندي ئي اڪثر منهجي چَپن تي چُپ جي ڇاپ لڳي ويندي هئي ۽ تون خفا ٿي چوندي هئي تہ ڳالهائي ڇو نہ ٿو گونگو آهي ڇا ؟ الاءِ ڇو تڏهن لفظ گونگو ٻڌڻ ۾ سُٺو ۽ پيارو لڳندو هو، توسان گڏ هجڻ وقت اکيون بس ڄڻ منهجي وس ۾ نہ رهنديون هيون ۽ نظرون بار بار تنهجي لب تي واقع ڪاري تر ڏانهن پاڻهي ڄاڻ کڄي وينديون هيون دل ۾ حسرتن جا گل ڦٽي پوندا هيا، ڀلا اهڙي ٻڏ تر واري ماحول ۾ زبان مان لفظ ڪئين رليز ٿين ها، جڏهن بہ ڪٻٽ مان ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪڍڻ ويندو آهيان تہ ڪٻٽ ۾ هر دفعي هڪ قسم جي تازي سُرهاڻ محسوس ڪندو آهيان، هان پرين سُرهاڻ، ان گل جي سُرهاڻ جيڪا پنهجي پيار جي پهرين نشاني آهي، اهو گل جنهن ۾ منهجو دل قيد ٿيل آهي، حالانڪ گهڻو وقت گذرڻ جي ڪري اُهو گل بلڪل ڪومائجي ويو آهي مگر مونکي اڄ بہ ان گل مان اُها پهرين ڏينهن واري خوشبو محسوس ٿيندي آهي جيڪا شايد ڪنهن سالم دماغ رکندڙ شخص کي محسوس نہ ٿي، مون وٽ پيار جي اڃا ساڳي قدر ۽ قيمت آهي، منهجيون اکيون اڄ بہ تنهجي اُوسيئڙي ۾ آهن،
    پرين ! محبتون بہ عجيب ڪمال فن رکن ٿيون ماڻهو چوندا آهن تہ محبت ماري يا خاري، ليڪن آءُ چوندو آهيان محبت اسان جي شخصيت کي سنواري ٿي ڇو تہ ڪنهن سان محبت جي پيچ جي اڙجڻ کان پوء هر پل هر گهڙي ان فڪر ۾ گذرندي آهي تہ آءُ ڪئين ٿو لڳا ۽ مون کي ڪئين لڳڻ گهرجي، ڪهڙي قسم جي ڊريسنگ ڪرڻ گهرجي، ماڻهون اهڙن فڪرن ۾ هميشه مبتلا ٿو رهي، ڀلا محبت کان وڌ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي جادوگري ٿي سگهي ٿي محبتن جا ڪڪر هر دل مٿان ڇاورا ٿيندا آهن ڪي دليون هنن ڪڪرن جي آب سان سيراب ٿينديون آهن تہ وري ڪي دليون ڪڪرن مجھ هوندي بہ هميشه اُڃايل رهنديون آهن، مون ڪڏهن بہ پنهجي محبت جي عيوض توکان موٽ ۾ محبت جي گُهر ناهي ڪئي، مون توسان محبت ڪئي آهي ۽ شايد هاڻ عشق ڪرڻ لڳو آهيان، اهو لازم تہ ناهي جو جنهن سان محبت ڪئي وڃي ان کان موٽ ۾ اوتري ئي محبت ملڻ جي توقع ڪئي وڃي، مان تہ توکان نفرتن جو بہ طلبگار هيم ڇو تہ جڏهن محبت هجرن جا سفر طئي ڪري عشق جي منزل تي پهچندي آهي تہ اُنهن مستانن لاء محبوبن طرفان مليل محبتن ۽ نفرتن جون سئوڳاتون ساڳي معني رکن ٿيون، بس هاڻ ان فڪر ۾ آهيان تہ تو بن هي عيد ڪئين گذارجي ؟؟؟؟
    يوسف جميل لغاري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو