نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي، سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي، مونکي نه وساريون هوندئي، مان سمجھان ٿو پڄري پڄري، پل پل ۾ پُڪاريو هوندئي، مونکي نه وساريو هوندئي. ها شام جڏهن ٿيندي هُوندئي، ڪا ياد منهنجي ايندي هوندئي، پنهنجي دَر تي بيهي خالي، رستن ڏي نهاريو هوندئي، مونکي نه وساريو هوندئي. جيئن مان تنها تڙپان ٿو پيو، تيئن تون تنها تڙپي هوندئين، هر پهر وڇوڙي جو ظالم، سورن ۾ گذاريو هوندئي، مونکي نه وساريو هوندئي. احساس جي ڪا ئي ديد کڻي، پرچاءُ جي ڪا اميد کڻي، ڪو قاصد پنڌ پيو هوندو، يا ڪانگ اُڏاريو هوندئي، مونکي نه وساريو هوندئي. آواز : سرمد سنڌي ٻول :