ٻول : نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي سڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي



    نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي،
    سُڏڪن ۾ ته ساريو هوندئي،
    مونکي نه وساريون هوندئي،
    مان سمجھان ٿو پڄري پڄري،
    پل پل ۾ پُڪاريو هوندئي،
    مونکي نه وساريو هوندئي.


    ها شام جڏهن ٿيندي هُوندئي،
    ڪا ياد منهنجي ايندي هوندئي،
    پنهنجي دَر تي بيهي خالي،
    رستن ڏي نهاريو هوندئي،
    مونکي نه وساريو هوندئي.


    جيئن مان تنها تڙپان ٿو پيو،
    تيئن تون تنها تڙپي هوندئين،
    هر پهر وڇوڙي جو ظالم،
    سورن ۾ گذاريو هوندئي،
    مونکي نه وساريو هوندئي.


    احساس جي ڪا ئي ديد کڻي،
    پرچاءُ جي ڪا اميد کڻي،
    ڪو قاصد پنڌ پيو هوندو،
    يا ڪانگ اُڏاريو هوندئي،
    مونکي نه وساريو هوندئي.






    آواز : سرمد سنڌي
    ٻول :

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو