منهنجو نالو نيهن، منهنجو پاڙو سونهن سان، پيو ٿو يار وسايان ماڪ چئو يا مينھن، رات هُجي يا ڏينهن، بات بُخاري پيار جِي. *** محفل حسين تُنهنجي، تنهنجا حسين ماڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. دربار حسن جي ۾، دارا بہ دست بسته، ميدان عشق جي ۾ سهراب دل شڪسته، ناصح هتي نچي ويا، سياڻا به ٿيا اياڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا، آيا هُئا خريدڻ پر بي ملها کپي ويا، هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا، اي ڪاش! اچين ها مان ڪانگ پيو اڏاريان، اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان، سينو ڪريان وڇاڻو ٻانهون ٻئي وھاڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. هڪ ڳالھه ”زندگاني اُستاد وئي اجائي”، ٻي ڳالھه ”هي حياتي صد بار ٿي سجائي“، ٻي ڪار ڪا نه ڄاڻا، رڳو پيار يار ڄاڻان، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. آواز : جلال چانڊيو ٻول : استاد بخاري
منهنجو نالو نيهن، منهنجو پاڙو سونهن سان، پيو ٿو يار وسايان ماڪ چئو يا مينهن، رات هُجي يا ڏينهن، بات بُخاري پيار جِي. دربار حسن جي ۾، دارا به دست بسته، ميدان عشق جي ۾ سهراب دل شڪسته، ناصح هتي نچي ويا، سياڻا به ٿيا اياڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا، آيا هُئا خريدڻ پر بي ملها کپي ويا، هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا، اي ڪاش اچين ها مان ڪانگ پيو اڏاريان، اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان، سينو ڪريان وڇاڻو ٻانهون ٻئي وهاڻا، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. هڪ ڳالھه ”زندگاني اُستاد وئي اجائي”، ٻي ڳالھه ”هي حياتي صد بار ٿي سجائي“، ٻي ڪار ڪا نه ڄاڻا، رڳو پيار يار ڄاڻان، هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا. دارا شڪوه ٻه ڀائر هئا جيڪي بادشاهي تان وڙهيا هئا.
ي سائين منھنجا! توھان جو نھايت شڪرگذار آھيان جو توھان مون اٻوجهہ جي علم ۾ اضافو فرمايو ۽ ٻولَن کي صحي ڪيو. مان ترميم ڪري ٿو ڇڏيانس. لک لائق