ٻول : محفل حسين تنهنجي، تنهنجا حسين ماڻا (جلال چانڊيو/ استاد بخاري)

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏17 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    منهنجو نالو نيهن، منهنجو پاڙو سونهن سان،
    پيو ٿو يار وسايان ماڪ چئو يا مينھن،
    رات هُجي يا ڏينهن، بات بُخاري پيار جِي.

    ***

    محفل حسين تُنهنجي، تنهنجا حسين ماڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.

    دربار حسن جي ۾، دارا بہ دست بسته،
    ميدان عشق جي ۾ سهراب دل شڪسته،
    ناصح هتي نچي ويا، سياڻا به ٿيا اياڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.


    ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا،
    آيا هُئا خريدڻ پر بي ملها کپي ويا،
    هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا،


    اي ڪاش! اچين ها مان ڪانگ پيو اڏاريان،
    اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان،
    سينو ڪريان وڇاڻو ٻانهون ٻئي وھاڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.


    هڪ ڳالھه ”زندگاني اُستاد وئي اجائي”،
    ٻي ڳالھه ”هي حياتي صد بار ٿي سجائي“،
    ٻي ڪار ڪا نه ڄاڻا، رڳو پيار يار ڄاڻان،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.



    آواز : جلال چانڊيو
    ٻول : استاد بخاري

     
    ذوالفقار دولتاٹی هيء پسند ڪيو آهي.
  2. "محمد امين ڀٽي"

    "محمد امين ڀٽي"
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2014
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    سرڪاري مُلازم
    ماڳ:
    ڪراچي
    منهنجو نالو نيهن، منهنجو پاڙو سونهن سان،
    پيو ٿو يار وسايان ماڪ چئو يا مينهن،
    رات هُجي يا ڏينهن، بات بُخاري پيار جِي.

    دربار حسن جي ۾، دارا به دست بسته،
    ميدان عشق جي ۾ سهراب دل شڪسته،
    ناصح هتي نچي ويا، سياڻا به ٿيا اياڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.


    ڏاڍا وڏا شڪاري آيا شڪار ٿي ويا،
    آيا هُئا خريدڻ پر بي ملها کپي ويا،
    هي ڪاروبار تنهنجا ٿا نيڻ ڪن نماڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا،


    اي ڪاش اچين ها مان ڪانگ پيو اڏاريان،
    اهڙي جڳهه ڪٿي جو توکي کڻي ويهاريان،
    سينو ڪريان وڇاڻو ٻانهون ٻئي وهاڻا،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.


    هڪ ڳالھه ”زندگاني اُستاد وئي اجائي”،
    ٻي ڳالھه ”هي حياتي صد بار ٿي سجائي“،
    ٻي ڪار ڪا نه ڄاڻا، رڳو پيار يار ڄاڻان،
    هتي مِير پِير آهن، ناڻي بنا وڪاڻا.

    دارا شڪوه ٻه ڀائر هئا جيڪي بادشاهي تان وڙهيا هئا.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ي
    سائين منھنجا! توھان جو نھايت شڪرگذار آھيان جو توھان مون اٻوجهہ جي علم ۾ اضافو فرمايو ۽ ٻولَن کي صحي ڪيو. مان ترميم ڪري ٿو ڇڏيانس. لک لائق
     
    "محمد امين ڀٽي" هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو