• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پيش بندي (سعادت حسن منٽو)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
****سعادت حسن منٽو****
ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي
ترجمو : عبيد ٿهيم
****

پهرين واردات ناڪي واري هوٽل وٽ ٿِي.. تڪڙ ۾ اُتي هڪ سپاهيءَ جو پهرو لڳايو ويو..
ٻين واردات ٻئي ڏينهن شام جو اسٽور جي سامهون ٿِي... سپاهيءَ کي پهرين جاءِ تان هٽائي ٻِي جاءِ واردات تي پهرو ڏيڻ لاءِ رکيو ويو.
ٽيون ڪيس رات جو ٻارهين وڳي لانڊري وٽ ٿيو.. جڏهن انسپيڪٽر سپاهيءَ کي نئين جڳهه تي پهرو ڏيڻ جو حڪم ڪيو ته هُن ڪُجھه سوچڻ کان پوءِ چيو : ”مونکي اُتي بيهاريو وڃي جتي نئين واردات ٿيڻ واري آهي..“
 
Back
Top