پيارا پرديسي سُهڻا پرديسي، ڪڏهن تون ايندين موٽي وري، ڏسي ڏسي راهون ڪري ڪري دانهون، ٿي پئي آ صفا دلڙي چري. وڃي ڪهڙي دنيا وسايئي، منهنجي ڇالئه ياد نه آيئي، ڪيئن پيار هِي منهنجو ڀُلايئي او پيارا پرديسي.. منهنجيون اکڙيون تولئه تاسيون، مون باسون تولئه باسيون، ڪر دل جون دُور اُداسيون او پيارا پرديسي... وري هِيرَ گھُلي آ ڏَکِڻ جِي، آئي جعفري مُند ملڻ جي، آئي ياد وري تو سڄڻ جِي او پيارا پرديسي... آواز : احمد مغل ٻول :