• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : پيارا پرديسي سُهڻا پرديسي ڪڏهن تون ايندين موٽي وري

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

پيارا پرديسي سُهڻا پرديسي، ڪڏهن تون ايندين موٽي وري،
ڏسي ڏسي راهون ڪري ڪري دانهون، ٿي پئي آ صفا دلڙي چري.

وڃي ڪهڙي دنيا وسايئي، منهنجي ڇالئه ياد نه آيئي،
ڪيئن پيار هِي منهنجو ڀُلايئي او پيارا پرديسي..

منهنجيون اکڙيون تولئه تاسيون، مون باسون تولئه باسيون،
ڪر دل جون دُور اُداسيون او پيارا پرديسي...

وري هِيرَ گھُلي آ ڏَکِڻ جِي، آئي جعفري مُند ملڻ جي،
آئي ياد وري تو سڄڻ جِي او پيارا پرديسي...

آواز : احمد مغل
ٻول :

 
Back
Top