ٻول : ملڻ واري موسم وڇوڙا اکين ۾ اوهان ئي رهو ٿا اڪيلا اکين ۾

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر

ملڻ واري موسم وڇوڙا اکين ۾
اوهان ئي رهو ٿا اڪيلا اکين ۾

سموري حياتي نه مُرڪي سگھياسين،
اوهان ڏانهن ڏسندي به ڳوڙها اکين ۾..

سُکن تي سدائين ڏُکن اُس پکيڙي،
اوهانجي محبت جا پاڇا اکين ۾...

تلاشي تلاشي وئي مُرڪ وِکري،
رُڳو ياد لمحا سي لمحا اکين ۾..

آواز : احمد مغل
ٻول : مرڪ چانڊيو


 
Back
Top