ڌڻ ڌارڻ ، ڌار رهڻ ، ايء ن سنگهارن سٽ ، ڪاهي ايندا ڪڏھين ، مٿي وانڍ وهٽ ، جي هاڻو هوء نٽ ، تب اڊو لاه م ان جو ۔ ۔۔ ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔ ۔۔۔ ۔۔ ۔۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔۔۔۔ ۔ هن خطي جا اڄ ب اهي ڦورو ، قاتل ۽ ڌاڙيل سورما سڏيا ۽ پڙھايا وڃن ٿا جن تاريخ جي ڊگهي دڳر تائين هتان جي ماڻھن کي ڦريو ، ماريو ، ، وسيلن تي قبضو ڪيو ۽ غلام رکيو ، هي نظريو مذھبي انتھاپسندي واري لاڙي تي دلالت ڪري ٿو ، درسي ڪتابن ۾ ب ساڳو رويو رکيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي ڪنھن ب سرڪاري روڊ ، عمارت ، اداري ، واه ۽ ٻين جوڳين جاين تي سومرا ۽ سما دور جي آزاد سنڌ جي حاڪمن ۽ سورمن،صوفين ۽ شاعرن مان ڪجه شخصيتن کان سواء ڪنھن کي ب جوڳو قومي مان ن ملي سگهيو آھي ۔ لطيف سائين جي رسالي جا سورما ۽ سورميون ، ست سوره ۽ ڏھ ڏاتآر ڪردار جيڪي اسان جي قومي سڃاڻپ جو اهڃاڻ آھن انھن کي ب قومي مان ن مليو آھي ، سنڌ جي اهم عمارت سنڌ سيڪريٽريٽ جو نالو تغلق هائوس رکيل آھي جڏھن ت ان تي ڄام فيروز جو نالو هجي ها جنھن تغلقن کي شڪست ڏئي ڀڄايو ۽ سنڌ جي آزاد ملڪ واري حيثيت قائم رکي پر اسان جا ڀوتار ن ئي تاريخ کان واقف ۽ ن ئي سنڌ جا سڄڻ ، هاڻ اهو ڪم ب اسان کي ڪرڻو آھي پنھنجي تاريخي قومي سڃاڻپ کي سگهارو ڪرڻ ڪارڻ ۔ حيف آھي اسان تي جي ورهاڱي کان پوء پھرئين ڏينھن اهي اسان جا حاڪم ٿيان جن اسان وٽ پناه ورتي ۽ اڄ اهي ۽ انھن جا ڦورو اباڏاڏا اسان کي سورما ڪري پڙھايا وڃن ٿا ۽ ن رڳو سڏجن ٿا پر انھن جا نالا عمارتن ۽ ادارن تي رليل آھن ۔ دوستو ! سوچو ، سمجهو ۽ عملي وک وڌايو ۔۔۔