• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غلامي

حسين خادم

سينيئر رڪن
ڌڻ ڌارڻ ، ڌار رهڻ ، ايء ن سنگهارن سٽ ،
ڪاهي ايندا ڪڏھين ، مٿي وانڍ وهٽ ،
جي هاڻو هوء نٽ ، تب اڊو لاه م ان جو ۔
۔۔ ۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔ ۔۔ ۔۔۔ ۔۔ ۔۔ ۔۔ ۔ ۔ ۔۔۔۔ ۔
هن خطي جا اڄ ب اهي ڦورو ، قاتل ۽ ڌاڙيل سورما سڏيا ۽ پڙھايا وڃن ٿا جن تاريخ جي ڊگهي دڳر تائين هتان جي ماڻھن کي ڦريو ، ماريو ، ، وسيلن تي قبضو ڪيو ۽ غلام رکيو ، هي نظريو مذھبي انتھاپسندي واري لاڙي تي دلالت ڪري ٿو ، درسي ڪتابن ۾ ب ساڳو رويو رکيو وڃي ٿو ۽ سنڌ جي ڪنھن ب سرڪاري روڊ ، عمارت ، اداري ، واه ۽ ٻين جوڳين جاين تي سومرا ۽ سما دور جي آزاد سنڌ جي حاڪمن ۽ سورمن،صوفين ۽ شاعرن مان ڪجه شخصيتن کان سواء ڪنھن کي ب جوڳو قومي مان ن ملي سگهيو آھي ۔ لطيف سائين جي رسالي جا سورما ۽ سورميون ، ست سوره ۽ ڏھ ڏاتآر ڪردار جيڪي اسان جي قومي سڃاڻپ جو اهڃاڻ آھن انھن کي ب قومي مان ن مليو آھي ، سنڌ جي اهم عمارت سنڌ سيڪريٽريٽ جو نالو تغلق هائوس رکيل آھي جڏھن ت ان تي ڄام فيروز جو نالو هجي ها جنھن تغلقن کي شڪست ڏئي ڀڄايو ۽ سنڌ جي آزاد ملڪ واري حيثيت قائم رکي پر اسان جا ڀوتار ن ئي تاريخ کان واقف ۽ ن ئي سنڌ جا سڄڻ ، هاڻ اهو ڪم ب اسان کي ڪرڻو آھي پنھنجي تاريخي قومي سڃاڻپ کي سگهارو ڪرڻ ڪارڻ ۔
حيف آھي اسان تي جي ورهاڱي کان پوء پھرئين ڏينھن اهي اسان جا حاڪم ٿيان جن اسان وٽ پناه ورتي ۽ اڄ اهي ۽ انھن جا ڦورو اباڏاڏا اسان کي سورما ڪري پڙھايا وڃن ٿا ۽ ن رڳو سڏجن ٿا پر انھن جا نالا عمارتن ۽ ادارن تي رليل آھن ۔
دوستو ! سوچو ، سمجهو ۽ عملي وک وڌايو ۔۔۔
 
Back
Top