بيدردن جي ديس ۾ دلڙي پيار نه گھُر ڪنهنکان،
ناهي وفا جو دور لڏي وئي محبت ماڻهن مان.
هڪڙي ڏينهن جي چاهت ڏيئي پوءِ روئاريندا،
آلا هوندا نيڻ سدائين پوءِ هِي ڳوڙهن سان.
دنيا ۾ آ دوکيبازي پيار سچو ناهي،
ساھ هوندو آ جن ۾، ملندا تن کان ئي صدما.
هاڻي کڻي مڃ پياسي نظر پيو توکي سوال ڪري،
دوستيءَ جو جن کي نه قدر اُهي ڏيندا قرب ڪٿان..
آواز : احمد مغل
ٻول : نظر چانڊيو