Kashif ahmed
سينيئر رڪن
هـــــن دنـيـا ۾ اي ديــس هُـيـا نــادان هــزاريــن مــان نــه رڳــو.
جــي راهــهِ اجــل ڪــنــهــن ورتـــي آ ، هــن ڀـــونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
هيءَ ڌرتــي تو کــي پرتي آ ، مـهــمــان هــزاريــن مــان نـــه رڳـــو.
اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو.
ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ مُـئا، هُو رُڃ مُئا جي اُڃ مُئا
ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .
ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو.
تون چئه نه ڪُڇان، تُون چئه نه لُڇان، پر تونکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
تُون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.
هـــــي دؤر ” ايــاز گُــذرڻــو آ ، ۽ پــنــهـــنـــجــو وارو ورڻـــــو آ،
ڪــــــــو ٻـــارڻُ ته ٻرڻو آ ، امڪــــــان هزارين مــان نــه رڳـــو.