تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Kashif ahmed طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2010۔

  1. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هـــــن دنـيـا ۾ اي ديــس هُـيـا نــادان هــزاريــن مــان نــه رڳــو.
    جــي راهــهِ اجــل ڪــنــهــن ورتـــي آ ، هــن ڀـــونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
    هيءَ ڌرتــي تو کــي پرتي آ ، مـهــمــان هــزاريــن مــان نـــه رڳـــو.

    اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ،
    جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو.

    ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ مُـئا، هُو رُڃ مُئا جي اُڃ مُئا
    ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو .

    ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟
    آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو.

    تون چئه نه ڪُڇان، تُون چئه نه لُڇان، پر تونکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟
    تُون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو.

    هـــــي دؤر ” ايــاز گُــذرڻــو آ ، ۽ پــنــهـــنـــجــو وارو ورڻـــــو آ،
    ڪــــــــو ٻـــارڻُ ته ٻرڻو آ ، امڪــــــان هزارين مــان نــه رڳـــو.
     
    نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

    سائين سنڌ جي سرموڙ شاعر جي اهڙي سهڻي شاعري ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

    بيشڪ سنڌ جي سهڻي شاعر شيخ اياز جو هو انقلابي گيت، ٻڌڻ سان هڪ نئون جذبو ۽ قومي غيرت جو روح ڦوڪجي وڃي ٿو ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اڱڻ تي به ڪڏهن چانڊوڪي ٿي هئي، افسوس جو اهو چنڊ به 14 تاريخ تائين ته آب تاب سان رهيو پر پو اوچتو ئي اوچتو منهن موڙي ويو ۽ هيٺ واري مصرع جيئان چانڊوڪي جو زهر ڀرجي ويو۔۔۔ الله الله ڪري ان زهر کي ختم ڪيو آهي ۔۔۔ سو دوستو چانڊوڪي جو زهر به عجيب آهي ۔۔۔ !!! لڳي ته دوا جي نه لڳي ته سر کڻي ۔۔۔

     
  4. nadar baloch

    nadar baloch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    STUDENT
    ماڳ:
    HYDERABAD
    جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

    ادا ڪاشف توهان شيخ ايا ز جي شاعري ونڊ ڪري اسان جي دلين ۾ جنون پيدا ڪيو آهي۔
     
  5. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

    واه ادا واه زبردست۔
     
  6. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي

    هڪ سچي شاعري آهي اها۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو