مس آڪسيجن :

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    77
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    مس آڪسيجن :

    تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي چڪو هو، منهنجي زبان مان ٻڻڪ بہ ٻاهر نہ پئي نڪتي، خاموشيون زبان تي هاوي ٿي چڪيون هيون، صرف منهنجو نہ بلڪہ سيما جو بہ ساڳيو حال هو، مسلسل چار سال گڏ پڙهڻ کان پو۽ اسان جي وچم تقريبن سڀئي فاصلا گهٽجي چڪا هئا، اسان جي وچم ويجهڙائپ وڌي وئي هئي بلڪ ائين کڻي چئجي تہ ويجهڙائپ وڌي ڪري وڻ ٿي چڪي هئي، اسان هڪ ٻي سان زندگي جا انيڪ پل گڏ گزاريا، اسان ڪينٽين ۾ ڪئي دفعا هڪ بوتل ۾ ٻہ ٻہ ايسٽري وجهي ڪري ڪي ئي بوتلون پيتيون، اسان باز اوقات تہ چانھ ۾ لوڻ وجهي ڪري بہ پئيندا هياسين تہ جئين هڪ ٻي سان نمڪ حرامي نہ ڪري سگهون، اسان کي هڪ ٻي کان سوا۽ هڪ پل بہ گذارڻ مشڪل لڳندو هو، مون پيار وچان سندس نالو آڪسيجن رکيو هو ۽ موبائل ۾ بہ نمبر مس آڪسيجن جي نالي سان سئيو ڪيو هو، هڪ ڏينهن مون کان ميسيج تي پڇيائين تہ ” ٻڌ، اِهو تہ منهنجو نمبر ڪهڙي نالي سان سئيو ڪيو اٿئي“،
    مون کيس رپلا۽ ۾ صرف ” آڪسيجن “ لکيو،
    حيران ٿيندي چيائين تہ ” اهو بہ ڪو نالو آهي جيڪو تو مون تي رکيو آهي“
    مون فلسفانہ انداز ۾ کيس سمجهائڻ شروع ڪيو ” اڙي اوه چري، ڳالھ کي سمجھ، نالي کي نہ ڏس، نالي جي اندر جيڪو پيغام آهي ان کي سمجهڻ
    جي ڪوشش ڪر، تون مون لا۽ بلڪل ائين آ، جئين جئيڻ لا۽ آڪسيجن، آڪسيجن کان سوا۽ ڪو بہ جاندار زندھ نہ ٿو رهي سگهي، تئين توکي تہ خبر آ، آءُ تونکان سوا۽ زندھ نہ ٿو رهي سگهان، ان لا۽ هڪ رات، پنج ڪلاڪ، ۽ پنجويھ منٽن جي گهڻي غور و ويچار کان پو۽ مون تنهنجي لا۽ اهو نالو مناسب سمجهي ڪري چونڊيو آهي،“
    منهنجي سنجيدگي کي مدنظر رکندي سندس نازڪ لبن مان شايد زوردار ٽهڪ نڪتا، بي ساختہ ٿي ڪري کلڻ لڳي تڏهن تہ موبائل تي ايموجي جا سمائل موڪلي ڪري کن پل لا۽ خاموش ٿي وئي،

    ڪجھ لمحن کان پو۽ سندس ميسيج آيو ” تون پاڳل آهي صفا پاڳل، ايترو پاڳل جيترو مون سوچيو بہ ڪونہ هو“.

    مان مٺي مرڪ مرڪي خاموش ٿي پيس، اهڙي نموني اسان ٻنهي جي وچم ڪافي قرب واريون ڪچهريون ٿينديون هيون، اڪثر ميسيجن تي ۽ آمهون سامهون باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪال تي، ڪال تي بہ تڏهن جڏهن سڪ لڳي ڪري انتها واري درجي تي وڃي پهچندي هئي، رات گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳندي هئي ۽ ننڊ نيڻ مان رسڻ جا رمز ڪندي هئي تہ پو۽ کن پل لا۽ هڪ ٻي سان ڪال تي ڳالهائي دل کي تسڪين عطا ڪري وٺندا هياسين،
    اهڙي نموني وقت گذرندو رهيو ۽ اسان هڪ ٻي سان وفا جا وچن، محبت جا مٺاس ڀريا لفظ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، پهريون سال هڪ ٻي جي اُڪير ۾ گذاري سين، ٻيو سال هڪ ٻي کي سمجهڻ ۾ ، ٽيون سال هڪ ٻي سان قرب جون ڪچهريون ڪندي ۽ آخري سال هڪ ٻي کان جدا ٿيڻ جي غم ۾ مبتلا ٿي ڪري، اڄ اسان جو آخري پيپر هو، صرف آخري پيپر نہ هو بلڪ يونيورسٽي کي الوده ڪرڻ جو بہ آخري ڏينهن هو، اڄ هو اداس هئي مان بہ ڪنهن قدر اداس هيس، جئين پيپر ختم ٿيو تہ مون امتحاني حال جي ٻاهران هُن جو انتظار ڪيو، ڪجھ منٽن کان پو۽ هُو بہ پيپر مڪمل ڪري امتحاني حال کان ٻاهر آئي، اچڻ شرط مونکي چيائين ” اڄوڪو ڏينهن انتهائي ڳنڀير آهي، هر پل هر سيڪنڊ جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿئي پيو، ڪاش !! وقت جي وهڪري جا واڳ پنهنجي هٿن ۾ هجن ها، وقت کي روڪي رکو ها، يقين ئي نہ پيو اچي تہ اڄ چار سال مڪمل ٿيڻ تي آهن،“
    منهنجي خاموشي کي ڄڻڪ ڪو طوفان وڪوڙيو پئي ويو، مون کيس چيو” اڄ تہ لطيف جي نگري جو هڪ آخري چڪر هڻو، وري گڏ گهمڻ جو شرف حاصل ٿئي الا۽ نہ “
    فيڪلٽي جي بلڊنگ کان نڪري ڪري، اسپورٽس ڪامپليڪس جي اڳيان گذرندي اسين بي بي اي جي بلڊنگ وٽان ٿيندي، ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ، مئٿ ڊپارٽمنٽ، فزڪس، باٽني ۽ فارميسي ڊپارٽمنٽ کان ٿيندي سڌو ايس ايس سي تي وڃي چانھ جي چسڪي وٺڻ لا۽ ويٺاسين، هر ڊپارٽمنٽ کان گذرندي مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ هر ديوار، هر وڻ، هر ڪرسي، هر ٽيبل اسان کي آخري ساعتن ۾ گڏ ڏسي اسان وانگر ان مونجهاري جو شڪار هيا تہ گهڻي کن پل ۾ هنن جو ساٿ سلامت ناهي رهڻو، مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ پوري يونيورسٽي اسان سان ٿيڻ واري وارتا کان اڳ واٺ واقف آهي، هر نظر تجسس ۽ رسَڪ مان اسان ڏي نهاري پئي.

    ايس ايس ۾ چانھ پي ڪري سڌو اسين محبتن جي گلستان هربيريم ۾ اچي ويٺاسين، جتي چئو طرف رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي، هڪ هو هربيريم جيڪو سڄو سارو سائو، ٻيو هيو اسان جو من جيڪو وڃي پيو سُڪندو، الا۽ ڇو لفظ مون کان رُسڻ لڳا، مون ۾ همت باقي نہ رهي جو مان سيما سان وڇوڙي جي عنوان تي ڪي لفظ ڳالهائي سگهان، مون پنهنجي پاڻ کي تقدير جي اڳيان بلڪل ڪمزور محسوس ڪيو، بلڪل ايترو ڪمزور جيترو ڪِوَلي پاڻ کي هاٿي جي اڳيان ڪمزور محسوس ڪندو آهي، مون ڄاتو پئي تہ هاڻ هو ڪجھ ساعتون مون سان گڏ آهي پر پو۽ بہ دل اها ڳالھ مڃڻ لا۽ تيار ئي نہ هئي تہ اسين جدا بہ ٿيڻا آهيون.

    يوسف جميل لغاري
     
    ڪوي آصف جسڪاڻي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڪوي آصف جسڪاڻي

    ڪوي آصف جسڪاڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 فيبروري 2019
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43

هن صفحي کي مشهور ڪريو