محمد راشد شر
سينيئر رڪن
ڇا توهان ونڊوز جو پاسورڊ بدلائڻ چاهيو ٿا پر اوهان کي پراڻي پاسورڊ جي خبر ناهي/ياد ناهي. ڪا ڳالهه ناهي فڪرمند نه ٿيو. پراڻو پاسورڊ ياد نه هئڻ جي باوجود به اوهان ونڊوز جو پاسورڊ آساني سان تبديل ڪري سگھو ٿا. اهو به فقط 2 منٽن ۾.
سمجھاڻي هيٺ ڏجي ٿي.
1. پنهنجي ڪمپيوٽر جي مين اسڪرين/ڊيسڪٽاپ تي اچو.
My Computer تي مائوس جو ساڄو بٽڻ دٻايو.
۽ تنهن کان پوءِ Manage تي ڪلڪ ڪريو.

2. Manage تي ڪلڪ ڪرڻ سان Computer Management جو ڊائلاگ باڪس کلي پوندو. System tool مان Local Users and Groups>> Users. تي ڪلڪ ڪريو.
3. ساڄي پاسي ڪمپيوٽر تي موجود سمورن يوزرس جي لسٽ اچي ويندي.

ڪنهن به هڪ اڪائونث تي ڪلڪ ڪريو ۽ مائوس جو ساڄو بٽڻ دٻايو. تنهن کان پوءِ Set Password جو انتخاب ڪريو.

هڪ نئون ڊائلاگ باڪس کلي پوندو. جنهن مان proceed جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ پنهنجي نئون پاسورڊ لڳايو ۽ ان کي ڪنفرم ڪريو ۽ آخر ۾ OK جي بٽڻ کي دٻايو.

ونڊوز جو پاسورڊ ڪاميابي سان تبديل ٿي چڪو آهي. اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر کي وري هلايو ۽ توهان جي بدلايل پاسورڊ سان لوگن ٿيو.