ونڊوز جو پاسورڊ هيڪ ڪريو فقط 2 منٽن ۾

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڇا توهان ونڊوز جو پاسورڊ بدلائڻ چاهيو ٿا پر اوهان کي پراڻي پاسورڊ جي خبر ناهي/ياد ناهي. ڪا ڳالهه ناهي فڪرمند نه ٿيو. پراڻو پاسورڊ ياد نه هئڻ جي باوجود به اوهان ونڊوز جو پاسورڊ آساني سان تبديل ڪري سگھو ٿا. اهو به فقط 2 منٽن ۾.

    سمجھاڻي هيٺ ڏجي ٿي.

    1. پنهنجي ڪمپيوٽر جي مين اسڪرين/ڊيسڪٽاپ تي اچو.

    My Computer تي مائوس جو ساڄو بٽڻ دٻايو.

    ۽ تنهن کان پوءِ Manage تي ڪلڪ ڪريو.

    [​IMG]

    2. Manage تي ڪلڪ ڪرڻ سان Computer Management جو ڊائلاگ باڪس کلي پوندو. System tool مان Local Users and Groups>> Users. تي ڪلڪ ڪريو.

    3. ساڄي پاسي ڪمپيوٽر تي موجود سمورن يوزرس جي لسٽ اچي ويندي.

    [​IMG]

    ڪنهن به هڪ اڪائونث تي ڪلڪ ڪريو ۽ مائوس جو ساڄو بٽڻ دٻايو. تنهن کان پوءِ Set Password جو انتخاب ڪريو.

    [​IMG]

    هڪ نئون ڊائلاگ باڪس کلي پوندو. جنهن مان proceed جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ پنهنجي نئون پاسورڊ لڳايو ۽ ان کي ڪنفرم ڪريو ۽ آخر ۾ OK جي بٽڻ کي دٻايو.

    [​IMG]

    [​IMG]


    ونڊوز جو پاسورڊ ڪاميابي سان تبديل ٿي چڪو آهي. اوهان پنهنجي ڪمپيوٽر کي وري هلايو ۽ توهان جي بدلايل پاسورڊ سان لوگن ٿيو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    اوهان جي ان مضمون مان آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ گهڻو لاڀ حاصل ڪندا.. :D :D :D

    مونکي اڃا به ذهن ۾ سوال آهي ته، جيڪڏهن ڪمپيوٽر بند هُجي ۽ پاسورڊ به لڳل هُجي ته اهو ڪيئن کولجي؟؟
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    منهنجي خيال ۾ ان جو ڪو سولو حل ناهي سواءِ نئي ونڊوز ڪرڻ جي. اهڙي طرح ان قسم جي مسئلن کان بچڻ لاءِ اوهان پنهنجي ونڊوز جي پاسورڊ ريسيٽ ڊسڪ ٺاهي ڇڏيو.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ادا اسان جو مسسئلو تڏهن حل ٿيندو جڏهن ڪمپوٽر بند هجي ان کان پو پاسورڊ ونڊو گهري ته اهو هيڪ ڪيئن ڪري سگهجي؟
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا آئون ڪو هيڪر ڪونه آهيان.
    باقي جيترو ٿي سگھندو اوهان جي رهنمائي ضرور ڪبي.
    بند ٿيل ڪمپيوٽر جو پاسورڊ ڪيئن هيڪ ڪجي ان حوالي سان ته مون وٽ ڪا ڄاڻ ناهي. باقي هڪ ٻيو موضوع آهي توهان ان کي پڙهو. جنهن سان توهان ڪمپيوٽر جي پاسورڊ کي ريسيٽ ڊسڪ ذريعي ريسيٽ ڪري سگهو ٿا. موضوع ڪارائتو آهي اميد ته پسند ايندو.
    http://sindhsalamat.com/threads/48480/
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.
  6. راشد چنه

    راشد چنه
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2020
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ادا جي
    ڌڏھن ڪمپيوٽر بند آھي اوھان کي پاسورڊ جي خبر ناھي تــ توھان وٽ ھڪ فليش ڊرائيو جيڪا بوٽ ايبل ٿيل ھجي ان کي ڪمپيوٽر ۾ انٽر ڪيو ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪري توھان بي سسٽم جي بوٽ مينيو ۾ وڃو ان کان پؤ فليش ڊرئيو تي وڃو توھان وٽ اتي ونڊوز انسٽاليشن اچي ويندي پر اوھان ان کي ڪينسل ڪجو بار بار تڪريبن اوستائين بند ۽ آن ڪرڻو آھي جيستائين توھان جو ڪمپيوٽر سيف موڊ نـ ڏيکاري ان کان پوء ڪمانڊ ۾ اچڻو آھي ايڊمنسٽريٽر ڪمانڊ ڏييڻي آھي ان کان پوء ونڊوز جي سسٽم نالي فولڊر ۾ اچڻو آھي اتي اتي يول فائيل نئي ھڻي آھي ۽ ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ڪرڻو آھي اوھان جو ڪمپيوٽر آن ٿي ويندو ھي ونڊوز سون 7 جو طريقو آھي سڪس يا ايڪسپي ۾ توھان کي Alt +ctrl+dell گڏ پريس ڪرڻو آھي اتي ايڊمنسٽريٽر باڪس ايندو ان ۾ ايڊمنسٽريٽر لکڻو آھي پر اھو لاززم ياد ھجي تـ ايڊمنسٽريٽر جي پھري اي وڏي لکڻي آھي ۽ انٽر ڪرڻو آھي ڪمپيوٽر آن ٿي ويندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو