خريف جو سانباهو امين جويو هاري حَقُ رَکيجُ، سَنڀاران ساهَڙَ جو، خُوابَ، خِيال، خَطرا، تِن کي ترڪ ڏيجُ، اُنهيءَ راههَ رَميج ته مُشاهدو ماڻين. (شاهه لطيف) تَتُ جديديت جا جيتوڻيڪ ڪيترائي فائدا آهن، پر اُن سان گڏوگڏ ڪجهه نُقصان پڻ آهن، جهڙوڪ هارپ جا اصلوڪا لفظ ۽ طور طريقا اسان جي سنڌي معاشري مان آهستي آهستي موڪلائيندا پيا وڃن. ان ڪري هن مضمون جي لکڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن انهن قديم ۽ اصلوڪن لفظن جي ذخيري کي بچائڻ سان گڏوگڏ پنهنجن ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن هو ڀلي جديديت کي اپنائين پر گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي ماءُ ٻولي جي حُسناڪيت رکندڙ اصلوڪن لفظن کي نه وسارين ۽ پنهنجن ايندڙ نسلن تائين به اُهي اصلوڪا لفظ مُنتقل ڪن ته جيئن اُهي هميشه لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ذخيري ۾ شامل ٿي وڃن. ان سان گڏوگڏ ايئن ڪرڻ سان اسان جي لُغت ۽ ڄاڻ ۾ پڻ اضافو ٿيندو. خريف جي مُند سارين جو فصل صرف اُن علائقي ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، جتي پاڻي ججهي مقدار ۾ هُجي. خريف جي فصل جي سانباهي لاءِ کاٽي سڀ کان پهريون ۽ سڀ کان اهم قدم آهي، کاٽي ڪوڏر سان شاخُن ۽ ننڍن واهن کي ڪُجهه اونهو يا تراکڙو ڪيو ويندو آهي، ته جيئن پاڻيءَ جو صحيح مقدار ٻنيءَ کي تُرت پهچي سگهي، ان لاءِ هاري ڪوڏر کڻندو آهي. ڪاڙهي جي مُند ۾ اِهو تمام محنت ۽ مُشقت جو ڪم آهي. کاٽي ڄيٺ ۽ ويساک (اپريل ۽ مئي) ۾ کنئي ويندي آهي، گهڻو ڪري کاٽي صُبح جي ٿڌي وقت ۾ ڪئي ويندي آهي. هَرُ کاٽيءَ کان پوءِ هاري ڏاند جوٽي خريف جي تياريءَ لاءِ هَرُ، واهولا، ڏانداري، ڪوڏر، کُرپيون، ٻِياني ۽ ڳاڌي ساڻ کڻي ٻَني تي ويندو آهي. سڀ کان پهرين ٻَني ۾ پاڻ مُرادو ڦُٽل گاههَ ۽ ٻيا ٻوٽا ڪٽي ڪري زمين کي هَرَ لاءِ سَنوت ۾ آڻيندو آهي ۽ بَرسينگ سبب آلي زمين تي صُبح کان شام تائين ڏاندن سان هَرُ ڪاهيندو آهي ۽ ان دوران هاري پيار منجهان ڏاندن کي مختلف هدايتون ڏيندو آهي، جيڪي ڏاڍي پاٻوهه ۽ قُرب ڀريون هونديون آهن. اهڙيءَ طرح سان هاريءَ ۽ ڏاندن جي وِچ ۾ هڪ عجيب مُحبت جو رشتو پيدا ٿي پوندو آهي ۽ ڏاند پنهنجي مالڪ جي هر هَڪَلَ ۽ سَڏَ جو ورناءُ ڪندا آهن ۽ هاريءَ جي مرضيءَ مُطابق ٻَنيءَ کي جُوٽُون ڏيندا آهن. سائي ڪرڻ/ وَسِنوَ ڏيڻ ٻنيءَ ۾ سڀ کان پهريان ٻِج جي لاءِ ننڍڙيون ٻاريون تيار ڪري هِڪ ڪَريون ٺاهيون وينديون آهن ۽ پوءِ هاري ڏاندن کي پاڃاريءَ ۾ جوٽي ڏاند گاڏيءَ ۾ وَٿاڻَ جو ڀاڻُ جُوالَ ۾ ڀَري ٻنيءَ تي آڻيندو آهي. ڀاڻَ ۾ ڇيڻا، ٻڪرين جو ڦولڙيون ۽ ٻيو جيڪو ڪُجهه وَٿاڻَ ۾ هوندو آهي، سو جُوالن ۾ ڀَري ٻَنيءَ تي آندو ويندو آهي. جنهن کي هاري ٻارِين ۾ هڪ جيتري مقدار ۾کِنڊيڙي اُن کي باههِ ڏيندو آهي.ان مرحلي کي وَسِنوَ چيو ويندو آهي. وَسنوَ خاص طور تي شام جي مهل ڏني ويندي آهي ۽ اُهو سڄو ڏينهن هاريءَ کي باههِ جي ٺرَڻَ ۽ ڇارِ جي وِڇائڻ ۾ لڳي ويندو آهي. ٻِئي ڏينهن تي هاري انهن ٻارين کي پاڻيءَ سان ڀَرائيندو آهي ۽ ان ۾ الله جي آسري تي ٻِجُ ڇَٽي موٽي ويندو آهي. ڇار يا پنجن ڏينهن کان پوءِ سائو سَلو ڄمندو آهي، ته پوءِ هاريءَ جون نِنڊون ڦِٽي وينديون آهن پر ان جي مُنهن تي هڪ خوشيءَ جي مُرڪ به ڇانئيل هوندي آهي. ٻِجَ جي صُبح شام سارَ لَهڻي پوندي آهي ۽ مُناسب مقدار ۾ پاڻي ٻيجاري ۾ رهڻ ڏِبو آهي، ڇو ته گھڻي پاڻيءَ سان ٻيجارو سَڙي ويندو ۽ ٿوري پاڻيءَ سان ٻيجارو سُڪي ويندو آهي. ٻن هفتن کان پوءِ هاري ٻَنيءَ کي ريجُ ڏيندو آهي. جيئن ئي ٻِجُ رونبي لائق ٿيندو آهي ته هاري رونبي جو بندوبست ڪندو آهي. رونبو رونبي جي مُند مئي ۽ جون ۾ ٿيندي آهي، جيڪي رونبا اُن کان اڳ ۾ ٿيندا آهن انهن کي آڳاٽا رونبا، جيڪي جون کان پوءِ ٿيندا آهن انهن کي پاڇاٽا رونبا چيو ويندو آهي. جيئن ئي ٻيجارو ٿورڙو وڏو ٿيندو آهي، تيئن هاري وڌيڪ ڌيان سان ٻِجَ ۽ ٻَنيءَ جي روزانو جي بُنياد تي پرگهور لَهندو آهي ۽ وقت آهر ٻِجَ کي پاڻي ڏيندو آهي ۽ ٻَنيءَ ۾ ريجُ ڪرائيندو آهي. ٻِجَ کي ننڍين ننڍين هَٿين ۾ ٻَڌي ٻَنيءَ ۾ ڇَٽَ ڪرا.ئي ويندي آهي ۽ زمين کي سَنوتِ ۾ آڻڻ لاءِ هاري سموري ريجُ ڪيل ٻَنيءَ تي ڳاڌي گھُمائيندو آهي ته جيئن رونبي ڪرڻ ۾ تڪليف نه ٿِئي. رونبي ڪرڻ مهل ٻَنيءَ ۾ پِنيءَ ٻوڙَ جيترو پاڻي هُجڻ ضروري آهي. رونبي کان تُرت پوءِ به ٻَنيءَ ۾ مُسلسل پاڻيءَ جو هُجڻ نهايت ضروري آهي، نه ته رونبو ٿيل فَصل به سَڙي سگهي ٿو. هاريءَ کي هر وقت اِهو اُلڪو هوندو آهي ته شالَ مِينهنُ نهَ پَوي، ڇاڪاڻ ته ساريالو فَصُلُ نه تمامُ گھڻو پاڻي کڻي سگهندو آهي نه ئي وري تمام ٿورو، تنهن ڪري هاريءَ کي روزانو ٻَنيءَ جو چَڪَرُ لڳائڻو پوي ٿو ۽ پاڻي جي مقدار کي هر هنڌ جانچڻو پوي ٿو، جيسيتائين ساريون ٻوڙي نه ٿيون ٻَڌن. سارين جو ڍڍي تائين پُهچڻ سارين جي ڍڍي تائين پُهچڻ کان پوءِ هاري اُن مان واڌو گاههُ جيئن ڪَلُ، جھنترُ، ناڙو، خُسرو، جھِلُ ۽ ٻيا غير ضروري گاههَ ڪڍندو آهي، ته جيئن اِهي سارين کي وڌڻ ويجهڻ ۾ رُڪاوٽ پيدا نه ڪن. سارين جو نِسرجڻ سارين جي نسرڻ کان پوءِ پاڻي ڀلي گھٽ هُجي ته بهُ ڪا پرواههَ ناهي، پر پاڻي صفا سُڪائڻو بهُ ناهي. هي اُهو وقت آهي، جنهن ۾ هاري سارين جي فَصُلَ مان اميندون لڳائڻ شروع ڪندو آهي. ساريون جيئن ئي پچي راسُ ٿين ٿيون ته ڪُجهه هاري ان ئي وقت سَٽَ ڪرائيندا آهن ۽ ڪُجهه واري لاباري لاءِ بيهاري ڇڏيندا آهن. سارين جي پچي راسُ ٿيڻ تائين سيارو اچي ويندو آهي ۽ هاري زمين مان پاڻي صَفا گھٽائي ڇڏيندو آهي ته جيئن لابارو ڪرڻ ۾ سَوِلائي ٿِئي. سَٽَ ڪُجهه هاري لاباري لاءِ فَصُل کي ڪو نه ڇڏيندا آهن پر سارين جي پچڻ سان ئي سَٽَ ڪرائيندا آهن. ان مان کين گاههُ ۽ اَنُ تُرتُ حاصل ٿيندو آهي، پر اهو عمل هاري ۽ زميندار جي گڏيل راضپي سان ٿيندو آهي. ڇو ته اَگھُ سُٺو هُجڻ ۽ زمين ۾ ٻيو فصلُ، جيئن برسينگ، لوسڻ يا ٻيا ڪُجھ گاههَ به پوکي ان مان نفعو حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. لابارو لاباري جي مُند ناهري_ پُوهه (نومبر_ ڊسمبر ) ۾ ٿيندي آهي،. ان کان پوءِ چيٽ جي موسم شروع ٿيندي آهي. لابارو جيئن ته سياري جي موسم ۾ ٿيندو آهي، ان ڪري رونبي ۽ کاٽيءَ کان ڪُجهه سهنجو هوندو آهي. لاباري کان پوءِ ڪنهن ٽاڪَ واري ٻاري ۾ هاري ٻارِ لاءِ زمين ٺاهيندو آهي. پهريان سَٿريون ٿينديون آهن، جڏهن لابُ مڪمل ٿي ويندو آهي ۽ سَٿريون بهُ پُوريءَ طرح سُڪي وينديون آهن ته پوءِ انهن جا گَڏا ٻَڌي وَلِ کنئي ويندي آهي ۽ انهن کي ٽاڪَ واري ٻاري ۾ گڏ ڪيو ويندو آهي. ڪُجهه ڏينهن لاءِ وَلِ کي اُسَ ڏني ويندي آهي ۽ پوءِ ڳاههَ جون تياريون ڪيون وينديون آهن. ٻارِ وَلِ کي هڪ جاءِ تي گڏُ ڪري ٻارِ ٺاهي ويندي آهي ۽ هاري ڪجهه وقت تائين ٻارِ کي اُتي ئي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ڪجهه ڏينهن پنهنجو ٿَڪُ ڀڃندو آهي. ڪُجهه وقت کان پوءِ وَهٽن جو بندوبست ڪري ڳاههُ ٻڌندو آهي. اُنهيءَ اُميد سان ته سندس ڇهن مهينن جي ڪيل محنت جو کيس ڦَلُ ملي. ڳاههُ ٻارِ، ڳاهه ۽ بَٽئي مانگهه يا ڦڳُڻ (جنوري ۽ فيبروري) ۾ ٿيندي آهي، ڳاههَ ۾ هُونئن ته هر چوپايو مالُ استعمال ٿي سگهي ٿو پر ڳائو مالُ ان ڪم لاءِ وڌيڪ ڪارائتو آهي. ڳاهه جي لاءِ سڀ کان پهريان ڪو سُڪل پَٽُ گَھڙي صافُ ڪري ٺاهيو ويندو آهي ۽ وچ تي مُني هَنئي ويندي آهي. جڏهن پَٽُ سُڪي بلڪل تيار ٿي ويندو آهي، ته هاري ڳاههُ ڳاهڻ شروع ڪندو آهي. وَلِ کي ڍَڳن جي پيرن هيٺان سَٿيو ويندو آهي ۽ ڍڳا چئوڌاري ڦِرندا رهندا آهن. ڍڳن جي لَتاڙَ سان سارين مان اَنُ الڳ ۽ پَلالُ الڳ ٿي ويندو آهي، بَظاهر ته اِهو سلسلو تمام گھڻو ٿَڪائيندڙ ۽ ڊگهو هوندو آهي، پر هاريءَ جي خيال ۾ اِهو بابرڪت اَنُ آهي ۽ جڏهن ڳاههُ مڪمل ٿي ويندو آهي ته هاريءَ جا سمورا ٿَڪَ ئي لَهي ويندا آهن. هاڻي هو راههِ جي خيال سان سموري اَنَ کي هڪ جاءِ تي گڏُ ڪندو آهي ۽ پَلالَ کي الڳ ڪري اُن مان ٻِنڊون ٺاهي هڪ پاسي رکندو آهي. راههِ هاريءَ جو هيءُ مرحلو مُڪمل طور تي قُدرت جي آڌار تي ڇڏيل هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته جيسيتائين جَجِھي هَوا نه ٿي گھُلي اوسيتائين راههِ نه ٿي ٿيِ سگهي. ان انتظار ۾ هفتن جا هفتا بهُ لڳي سگهن ٿا، پر جي ڀاڳُ جي ڀيڙو هُجي ته ٻن ڏينهن ۾ ئي راههِ وارو مرحلو طئه ٿي سگهي ٿو. راههِ جي لاءِ ڪارائيءَ ۾ ساريون ڀَري مٿي هوا ۾ اُڇلايون وينديون آهن، جنهن سان هَوا جي زور تي ڪِچرو الڳُ ۽ اَنُ الڳُ ٿي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح هاڻي ساريون بَٽَئيءَ لاءِ تيار ٿي وينديون آهن ۽ هاري بارداڻو وٺي رکندو آهي. بَٽَئي بَٽَئي جو هي مرحلو آخري هوندو آهي، جنهن ۾ زميندار ۽ هاري اَنُ ورهائي پَتيون ڪري کڻندا آهن. جنهن ۾ هاري جا ورتل قَرضَ، ٻِجَ، ڀاڻُ، مزدوريون ۽ ڪمداري وغيره جي ڪَٽوتِي ڪَئي ويندي آهي. ان کان پوءِ جيڪو بَچندو آهي سو هاري پنهنجي ٻَچن لاءِ گھر کڻي ويندو آهي ۽ اِها ئي ان جي سَڄي مَحنت جو ڦَلُ هوندو آهي. جنهن لاءِ هو ٻارنهن ئي مهينا اوسيئڙو ڪندو آهي ۽ پنهنجي ٻانُهن جي ٻَلَ ۽ پنهنجي وَهٽن جي آسري تي زمين سان مُهاڏو اٽڪائيندو آهي. جنهن لاءِ سنڌ جي سونهاري شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ هن طرح چيو آهي ته، جِنين ڏاند نهَ ٻِجُ، تِنين پِڻُ تُنهنجو آسِرو، اَول ڏِئين اُنهن کي، پوءِ اُڀارين سِجُ، انهيءَ ٻَنيءَ مَٿان ٻِجُ، ڪيئي هاريندڙَ هليا ويا (شاهه لطيف) ڪتابيات 1. شاهه جو رسالو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ 2. هارپ جي لُغت، سيد صالح محمد شاهه