نماز اسلام جو اهم رڪن

'مذهب' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    نماز اسلام جو مکيه ۽ افضل ترين رڪن آهي. نماز پنج وقت هر مسلمان عاقل و بالغ مرد و عورت تي فرض آهي. توحيد و رسالت جي ڪلمي کان پوءِ نماز جو درجو آهي.هن جو تارڪ گنهگار ۽ انڪار ڪندڙاسلام کان خارج ٿي وڃي ٿو.قرآن شريف ۾ جنهن عبادت جو سڀ کان وڌيڪ تاڪيد ۽ حڪم آيل آهي اها نمازآهي . نماز اسان کي ڪڌن ڪمن ۽ بي حيائي کان بچائي ٿي.نبي ڪريم ﷺجن جو فرمان آهي ته نماز مومن ۽ ڪافر جي درميان فرق ڪندڙ آهي. نماز دنيا جي هر شئي کان بهتر آهي. نماز اکين جي ٺار آهي .نماز مومن جي معراج آهي ڇو ته ان سان ٻانهو بندگي جو حق ادا ڪري ٿو سراپا عاجزي و انڪساري جي ذريعي پنهنجي خالق و مالڪ جو قرب ۽ هم ڪلامي جو شرف حاصل ڪري ٿو .نماز جا ڪيترائي روحاني،جسماني ۽ اخلاقي فائدا آهن .نماز پڙهڻ سان اسان جو جسم هميشه پاڪ و صاف ۽ بدن تندرست رهي ٿو.نماز انساني مساوات جو هڪ اعلي مثال آهي جنهن جو مثال دنيا جي ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ نه ٿو ملي. نماز وقت ۽ نظم و ضبط جي پابندي سيکاري ٿي .مطلب ته نماز ڪيترن ئي ديني ۽ دنياوي فائدن جو مظهر آهي. تنهن ڪري نماز جو بار بار ۽ سختي سان تاڪيد ڪيو ويو آهي. ايتري قدر جو نماز جنگ ۽ بيماري جهڙن حالتن ۾ معاف نه آهي. سيد الشهداءَ حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنه ڪرب و بلا جي ميدان ۾ تلوارن هيٺيان نمازادا ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته نماز جي ڪيتري اهميت و قدر آهي. اسان کي گهرجي ته پابندي سان پنج وقت باجماعت نماز پڙهون ۽ ان سان گڏوگڏ الله تعالي جي مخلوق سان سهڻو سلوڪ ۽ ان جي خدمت ڪريون. آمين ثم آمين
     
    امدا علي قادري ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو