شاه بلاول جي لڪ واري جنگ

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏9 جون 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    6- شاه بلاول جي لڪ واري جنگ
    هن جنگ جو بنياد هن طرح چيو وڃي ٿو ته هڪ طرف قوم ڇُٽا ۽ ٻئي طرف خضرائي زَهري (بروهي) قبيلي جي پهريائين پاڻ ۾ عداوت ٿي. شاعر نم جي بيت موجب فتح محمد ۽ علي مراد خضراڻين ڏمر رکيو ۽ ’واڳون‘ نالي ڇُٽي جا هٿيار کنيائون؛ پوءِ انهيءَ تان جهيڙو متو. جوهي جا جمالي غالباً خضراڻي زهرين جي طرف هئا. ڇٽن ۽ جمالين جا آرٽاڻو ۽ ٽَونڊو ماڳن تي مقابلا ٿيا، جن ۾ جمالي زور ٿيا. جڏهن ڇٽا دوبدو مقابلي جي طاقت ساري نه سگهيا، تڏهن وجهه وٺي جمالين جا ماڻهو ماريائون ۽ سنڌ واري پاسي کان لڏي اچي لس ۾ پنهنجي قومي سردار ڀوتاڻين وٽ پناهگزين ٿيا، جن ڄام مير خان (وڏي) کي آگاهي ڪئي.
    ڇٽن کان وير وٺڻ لاءِ پويان جمالين جو لشڪر چڙهيو. جمالي تعلقي جوهي ۾ ٽنڊي رحيم خان ۾ رهندڙ هئا، جن سندن لشڪر جي اڳواڻي ڪئي. جمالين جو لشڪر لوهِي واري لڪ مان چڙهيو جو ’شاه بلاول نوراني‘ کي سامهون آهي. هتان لس طرفان جنگي خان جي اڳواڻي هيٺ ٻُرن جو ڪجهه لشڪر اڳواٽ ئي جانچ پڙتال لاءِ شاه بلاول طرف روانو ٿي چڪو هو. جنگي خان ڏيوڙاڻي (ڏيوڙي جو پٽ) درٖيساڻي ٻُرو، اُٿل جي ٻُرن جي سردار گهر مان هو. پاڻ ان وقت موٽيل مڙس هو. شاه بلاول تي اچي منزل ڪيائين. جڏهن جمالين جو لشڪر لوهي واري لڪ تي اچي منزل انداز ٿيو ته شاه بلاول جي خيلفي جنگي خان کي خبر ڪئي. جنگي خان لس جي وڌيڪ لشڪر لاءِ ڪونه ترسيو پر مقابلي لاءِ چڙهي پيو ۽ لڪ جي اوريين طرف ’ساند جي دورٖي‘ وٽ اچي ديرو ڏنائين. جنگ لڳي جنهن ۾ جنگي خان سان گڏ چئن ٻين مڙسن بيهي ميدان ملهايو: ”ڊهيرين سندي ڊِهه ۾ جهليا پر پنجن.“ اهي پنج مڙس هي هئا: جنگي خان ڏيوڙاڻي، دريساڻي ٻُرو، سومار ڪَلاڻي ٻُرو، تورپيو ڪَلاڻي ٻُرو، ڌڻي ڪَلاڻي ٻُرو ۽ ڪريڙ گلاڻي گڊو. اهي پنج ئي نالي وارا مڙس هئا جي مئا. ’ساند جي ڍوري‘ وٽ سندن ماهيون اڃان تائين موجود آهن. جمالين جي طرف فتح خان هن جنگ ۾ ماريو.
    جمالين جو لشڪر لڪ جهلي ويهي رهيو. پوءِ ڀوتاڻين مان سردا نوشيروان، غلام حسين ۽ ٻيا لشڪر وٺي اچي پهتا ۽ مقابلو ڪيائون. ڪي مڙس منجهانئن ماريا، پر پوءِ جمالين جو لشڪر پڻ پوئتي موٽي ويو.
    ڪتاب جو نالو: ٻيلاين جا ٻول
    سهيڙيندڙ:
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو