اٽي ڏڪر

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    اٽي ڏڪر.... ( ڪنهن ڪنهن دوست کيڏي آهي)
    مشهور ٻاراڻي راند، جيڪا ٻار کيڏن. بعضي وڏا به اِٽي ڏڪر راند ڪن ۽ ٽوليون ٺاهي مئچون ٻڌن. نهايت دلچسپ راند آهي. -اٽي ۽ ڏڪر ڪاٺ مان گهڙايل ٿين ٿا.اٽي چئن کان ڇهن انچن جي ۽ ڏڪر لڳ ڀڳ ٺونٺ جيترو مضبوط ڏنڊو هوندو آهي، آڳ وٺندڙ رانديگر پنهنجي واريءَ تي اٽيءَ کي گل (گڏ يا گڏ ٻه چون) مٿان پاسيرو رکي، انجي هيٺان ڏنڊو کپائي زور سان پري تائين اڇلائيندو آهي. مخالف رانديگر اها اٽي جهپي رانديگر کي آڳ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جهپي نه سگهڻ جي صورت ۾ رانديگر گل جي مٿان ڏڪر رکندو ۽ مخالف رانديگر -ان- جاءِ -تان- اٽيءَ سان ڏڪر کي چُٽي رانديگر کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. -ان- ۾ به ناڪام ٿيڻ کان پوءِ رانديگر ڏڪر سان ڏڪيءَ جي پاسن تي ڌڪ هڻي -ان- کي هوا ۾ مٿي ڪُڏائيندو ۽ پوءِ -ان- کي زمين تي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ڏڪر سان زوردار ڌڪ هڻي ڪنهن پاسي پري اڇلائڻ جي ڪوشش ڪندو، مخالف رانديگر هڪ ڀيرو وري انکي جهپڻ جي ڪوشش ڪندا، ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ رانديگر گل کان اٽيءَ تائين جو فاصلو ڏڪر سان ماپيندو ۽ اوتريون پوائنٽون اسڪور ڪندو اهڙيءَ طرح هي رانديگر آڳ وٺندو ويندو جيستائين وڃي آئوٽ ٿئي. ڏڪر ماپڻ مهل ڳڻپ هن ريت ڪندا اِڪٽ، بِڪٽ، لان، مُون، نار، آر، ويئي، جڳ (يا يُڪو) اهي غالبا دراوڙي عدد آهن، اٽي ڏڪر کيڏڻ جا ڪافي نمونا آهن جن مان هڪ گول دائري اندر بيهي ٻاهران اڇلايل اٽيءَ کي ڏڪر سان ڌڪ هڻي پري موٽائڻ آهي. ڪرڪيٽ راند جو آئيڊيا اٽي ڏڪر راند مان ورتل لڳي ٿو، ڪيچ، رن آوٽ اسٽمپ کي چُٽڻ وغيره. https://sd.m.wikipedia.org/wiki/اٽي_ڏڪر جي ٿورن سان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو