شيخ سعدي

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    حضرت امیر خسرو رحمته الله علیه هڪ دفعي خوبصورت نعتیه رباعی لکي ۽ حضرت نظام الدین اولیاء رحمته الله علیہ جي خدمت میں پیش ڪئي .
    حضرت اها رباعي ٻڌي چيو " خسرو ! رباعی خوب آهي لیڪن شيخ
    سعدی رحمة الله عليه جي جو رباعی بلغ العلے بکماله ، جو جواب ڪونهي "
    ٻئي ڏينهن حضرت امیر خسرو رحمة الله عليه ان کان به زیادہ محنت ڪئي مزید بهتر رباعی لکي پیرو مرشد کي ٻڌائي پاڻ وري فرمايائون ته خسرو رباعی خوب آهي لیڪن شيخ سعدی رح جي رباعی جو جواب ڪونهي. . حضرت امیر خسرو رحمة الله عليه نے ڪيترائي دفعا محنت ڪئي پر سندس پیرو مرشد هر دفعي اهو ئي چيو خسرو ! رباعی خوب آهي لیکن شيخ سعدی رحمة الله عليه کی رباعی جو جواب ناهي. . آخر هڪ ڏينهن حضرت امیر خسرو عرض ڪيو " سیدی مرشدي ! شيخ سعدی رحمة الله عليه به هڪ نعتیه رباعی لکي ۽ مان به ڪوشش ڪندو ٿو رهان پر اوهان هر ڀيري فرمايو ٿا ته شيخ سعدي رحمة الله عليه جي رباعی جو جواب ناهي. ، ائين ڇو ؟
    پیرو مرشد نے فرمایو : اڇا، تون شيخ سعدي رح جي مرتبي ۽ نعت جي شان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿو ته رات جي وقت مون وٽ اچجائن.
    چنانچہ امیر خسرو رحمة الله عليه اڌ رات جي وقت حاضر خدمت ٿيو مرشد کي درود وظائف ۾ مشغول ڏٺائين . " خسرو ! هيڏانهن اچ مون وٽ ويھ ۽ ڏس" مرشد جو حڪم ٿيو.
    مرشد توجه ڪيو ۽ حضرت امیر خسرو رحمة الله عليه ڏٺو ته درٻار رسالت صلی الله علیه وآله وسلم آراستہ آهي. چار يار، اهل بيت ڪرام، صحابه کرام اور ھزارين اولیاء کرام موجود آهن . شیخ سعدی رحمة الله عليه درٻار ۾ موجود آهن ۽ پڙهڻ پيا
    بلغ العلے بکماله ،
    کشف الدجا بجماله
    حسنت جمیع خصاله
    صلوا علیہ و آلہ
    ۽ نبی کریم صلی الله علیه وآله وسلم فرمائين ٿا سعدی ! وري پڙه.
    سعدی رحمة الله عليه چوڻ پيا لبیک یا سیدی ! ۽ وري رباعی پڙهڻ پيا ، رباعی ختم ٿي ٿئي ۽ نبی اکرم صلی الله علیه وآله وسلم فرماتے ٿا ، سعدی ! وري پڙه سعدی وري پڙهڻ لڳي ٿو.
    هي ماجرا ڏسي امیر خسرو رحمة الله عليه عرض ڪيو ، پیرو مرشد ! واقعي شيخ سعدی رح جي هن رباعی جو جواب نه آهي.
    روايت آهي ته جڏهن حضرت سعدی رح هي رباعی لکي ته ٽي مصرع لکي چڪا
    بلغ العلے بکماله
    کشف الدجا بجماله
    حسنت جمیع خصاله
    لیکن چوٿون مصرع موزوں نہ پيو ٿئي انهي الجهن ۾ پریشانی میں سمهي پيا ته خواب ۾ نبی کریم صلی الله علیه وآله وسلم جي زیارت ٿي ۽ ڏٺائين ته سرکار صلی الله علیه وآله وسلم فرمائي رهيا هئا ، سعدی چئين ڇو نه ٿو :
    صلوا علیه وآله
    ان وقت کان هي رباعی زبان زد عام آهي ۽ اڄ به ان جي مقبولیت ۾ ڪو فرق نه آيو آهي .
    بلغ العلے بکماله ،
    کشف الدجا بجماله
    حسنت جمیع خصاله
    صلوا علیه وآله.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو