محبت و عقیدت جو سفر

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    محبت و عقيدت جو سفر.
    هن محبت و عقیدت جي سفر نامي لکندڙ جو الله تبارڪ وتعالي چهرو روشن فرمائي مان جڏهن به پڙهندو آهيان ته اکيون آليون ٿي وينديون آهن ڇاڪاڻ ته سفر مدينه ۾ مان به اهڙي ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس ۽ مشاهدو ڪيم. ضرور پڙهندا دل نرم ٿيندي.
    " اڄ به مدینہ جا شهری ڪنهن اجنبی کي ڏسڻ ٿا محمد جي نالي سان پڪارين ٿا ۽ ساٿي کي یا صدیق !! لهاذا هي دنیا جو واحد شهر آهي جنهن ۾ هر مهمان، هر اجنبی جو نالو محمد اور هر ساٿي صدیق آهي ۔ انصار جن حضورﷺ جن جيڀ تواضح ڪئي، انهن جا نسل حضورﷺ کے مهمانن جي خذمت ڪندا ٿا اچن ۔ رمضان ۾ سارو مدينو کاڌي پيتي جون شيون کڻي مسجد نبویﷺ حاضر خذمت ٿيڻ ٿا. دستر خوان وڇائجيو وڃن ، میزبان جا ٻار مسجد نبویﷺ جي دالانن ،ستونن ۽ دروازن ۾ بيهي ٿا رهن ، حضورﷺ جو ڪو به مهمان نظر اچي ٿو ان جي ٽنگن ۾ چنبڙيو پون ۽ افطار جي دعوت ڏين.
    مهمان دعوت قبول ڪري ته میزبان جي چهري تي روشني ڦهلجيو وڃي ، مان مسجد نبویﷺ ۾ داخل ٿيس ته هڪ سٽ اٺ سالن جو عربي نينگر آيو ۽ وڏي محبت ۽ حجت سان چوڻ لڳو ’’چاچا، توھان مون گڏ ويهندا‘‘ منهنجي منجمد وجود ۾ جهڙو هڪ ڏيو روشن ٿيو ، مان جهڪي هن جي پيشاني تي چمي ڏني ۽ سوچيم ’’ هي ماڻھو واقعی مستحق هئا ته رسول اللہﷺ پنهنجي گهر، اللہ کے گھر مان نڪري هتي اچي ترسن ۽ پوءِ واپس نه وڃن ‘‘
    اتي روضہ اطهر جي ويجهو هڪ دروازو آهي.
    باب جبرائیل، پاڻ سڳورا ﷺ ام المومنین حضرت عائشہؓ صديقه جي حجري مبارڪ ۾ قیام فرمائيندا هئا، افطار جو وقت دستر خوان وڃائيو هو، گھر ۾ موجود چند کجورون ۽ کير جو پيالو دستر خوان تي لڳايو ويندو هئو. ، حضرت بلالؓ اذان جي لاءِ اٿي بيهندا هئا ته پاڻ ﷺ ام المومنین کي فرمائيندا هئا ’ عائشہؓ !!! ٻاهر ڏس باب جبرائیل جي ڀر ۾ ڪو مسافر ته ڪونهي؟ ‘‘ ام المومنین اٿي ڏسندي هئي ’’ یا رسول اللہﷺ اتي هڪ مسافر ويٺو آهي ۔‘‘ پاڻ سڳورا رحمت العالمین ﷺ کجورون ۽ کير جو پيالو ٻاهر اماڻي ڇڏيندا هئا............
    اڄ جڏهن مان باب جبرائيل جي قريب پهتس، منهنجا پير، ٽنگون پٿر ٿي پيا،درود پڙهندي اتي ئي ويهي رهيس. باب جبرائیل جي اندر ٿورو هٽي ڪري ام المومنين جي حجري ۾ م حضورﷺ آرام فرمائي رهيا آهن.
    مون دل تي هٿ رکي سوچيو، اڄ به رمضان آهي
    چنڊ لمحن ۾ آذان ٿيندي........
    ٿي سگهي ٿو ته اڄ به حضور اڪرم ﷺ ام المومنین کان پڇن ته ذرا ڏسو ڪو مهمان مسافر ته نه آيو آهي." ام المومنین فرمائيندي، " يا رسول الله صلي الله عليه وسلم هڪ مسافر ويٺو ته آهي شڪل مان ئي مسڪین ۽ شرمسار نظر اچي ٿو ،ٿڪل آهي، کيس سوال ڪرڻ جو حوصلو به ڪونهي، ڪشڪول هٿ ۾ اٿس، ان تي رحم ۽ شفقت جي نظر ڪيو. یا رسول اللہﷺ، ويچارو سوالي آهي‘‘
    ۽ پوءِ منهنجو پورو وجود اکيون بڻجي ويو، منهنجا سڀ عضوا ڳوڙها.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو