• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : جيءُ جنهنکي چيم جڻڪ تنهنکان مليم

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


پنهنجي در تان ٿو ڌڪارين، ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان؟
منهن نٿو مٺڙا ڏيکارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان،
تنهنجي نيڻن جي خنجر سان هڪ دفعو آهيان ڪُٺل،
مفت ٻيهر ڇو ٿو مارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان.
گڏ ٻئي کلندا هئاسين پيار جون ڳالهيون ڪندي،
اڄ رڳو پيو ٿو روئارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان.

**

جيءُ جنهنکي چيم جڻڪ تنهنکان مليم،
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.
جان جن لئه ڏنم، سي نه ڪانڌي ٿيم،
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.


ڪيس ڪيڏا ڪيئي حسن جي انڌ تي،
باھ ٻاري وڌئي هانءُ جي هنڌ تي،
غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم،
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.

پيارُ جي ڇانوَ ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا،
جُون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا،
خار کائي کليا، هيءُ خبر جا ٻڌم،
چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.






ٻول : استاد بخاري
آواز : منظور سخيراڻي
 
Back
Top