ٻول : جيءُ جنهنکي چيم جڻڪ تنهنکان مليم

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    پنهنجي در تان ٿو ڌڪارين، ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان؟
    منهن نٿو مٺڙا ڏيکارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان،
    تنهنجي نيڻن جي خنجر سان هڪ دفعو آهيان ڪُٺل،
    مفت ٻيهر ڇو ٿو مارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان.
    گڏ ٻئي کلندا هئاسين پيار جون ڳالهيون ڪندي،
    اڄ رڳو پيو ٿو روئارين ڏس ڀلا ڪاڏي وڃان.

    **

    جيءُ جنهنکي چيم جڻڪ تنهنکان مليم،
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.
    جان جن لئه ڏنم، سي نه ڪانڌي ٿيم،
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.


    ڪيس ڪيڏا ڪيئي حسن جي انڌ تي،
    باھ ٻاري وڌئي هانءُ جي هنڌ تي،
    غير جي پنڌ تي پير تنهنجا ڏٺم،
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.

    پيارُ جي ڇانوَ ۾ ڪي ٻه ساٿي مليا،
    جُون جي سج جيان ڳوٺ وارا جليا،
    خار کائي کليا، هيءُ خبر جا ٻڌم،
    چوٽ ڏاڍي رسيم پر ڪيم درگذر.







    ٻول : استاد بخاري
    آواز : منظور سخيراڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو