پاڪستان ۾ صحيح (ايف آءِ آر) ڇو نٿي ڪٽجي ؟

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ نصرالله سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2017۔

  1. نصرالله سومرو

    نصرالله سومرو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2017
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ سماجي ورڪر
    ماڳ:
    ها مان سنڌي آهيان
    منهنجو سوال آهي ته پاڪستان ۾ حقيقي ايف آ آر ڇو نٿي ڪٽجي جڏهن ڪوڙيون ايف آ آر تمام گهڻيون آهن
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu

    آدا نصر الله سومرو صاحب آسلآم عليڪم،اڄڪله هڪ شڪايت پوليس جي خلاف عام آهي ته سچي ڏوه جي ايف آ۽ آر نه ٿي ڪٽي جنهن جي ڪري ماڻهون جوابدارن کي قانوني سزا نه ٿا ڏياري سگهن ۽ هنن جا خون لڙهي وڃن ٿا۔۔۔۔ڪرمنل پروسڊير ڪوڊ (هتي ۽ پو سي آرپي سي لکبو) جي سيڪشن 154 تحت آسٽيشن هائوس آفيسر (آيس ايڇ آو) ٿاڻي جو پابند آهي ته هو انفرميشن آف ڪرائيم زباني يا تحريري طور وصول ڪري ته جيڪڏنهن ڏوه قابل دست آندا زي پوليس(cognizable offence) جنهن ۾ پوليس بغير وارنٽ گرفتاري جي ڏوهاري کي گرفتار ڪري سگهي ٿي *ته هڪدم انفرميشن ايف آئي آر جي بوڪ ۾ آندراج ڪري FIR جي ڪاپي انوسيٽگشن ونگ جي حوالي ڪرڻي آهي۔جيڪڏهن ايف آئي آر ناقا بل دستي آندا زي پوليس (non cognizable offence) جي ڏوه جي آهي ته انجو آندراج ٿاڻي جي رو زنامڇ رجسٽر م N C جي صورت ۾ ڪري،انفرمشن ڏوه جي علائقي جوڊيشل مائجسٽريٽ جي ناليج ۾ وٺي آچڻي آهي ۽ انجي پرميشن سان انوسيٽگشن انڊر سيڪشن 155 سي آر پي سي تحت ڪرڻي آهي۔ان صورت ۾ گرفتاري جا وارنٽ مائجسٽريٽ اشو ڪندو۔مٿين تفصيل مان آهو ظاهر آهي ته پوليس کي هر حال ۾ ڪرائيم رجسٽر ڪر ڻو آهي۔۔۔۔۔۔پر جيڪڏنهن ڪرائيم رجسٽر نه ٿي ڪري ته ڇا ڪرڻ گهرجي۔ا۔۔۔۔۔۔ان صورت ۾ فريادي يا مظلوم ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنس جج کي پاڻ يا پنهنجي وڪيل جي معرفت سنڌي يا انگلش ۾ هڪ درخواست آنڍر سيڪشن 22 A &B سي آر پي سي جي تحت ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ ڪورٽ کي عرض ڪيو وڃي ته لڳاپيل SHO کي حڪم ڏنو وڃي ته هو فريادي جو بيان وٺي ۽ جوابدارن جي خلآف قانوني قدم کڻي۔سيشن جج هن درخواست تي SHO کان رپورٽ گهر يندو اهو ڏسڻ لآء ته فريادي پوليس آسٽيشن تي ويو هو يا نه ۽ پوليس هن جي FIR ڪٽڻ کان آنڪاري آهي۔ان کانپو ڪورٽ SHO کي حڪم ڏيندي ته فريادي جو بيان وٺي ان تي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔هن سڄي عمل جي دوران ڪورٽ نه ته جوابدار کي گهرائيندي نه هن کي ٻڌندي ۽ نه هن جي چوڻ تي درخواست خارج ڪندي۔جيڪڏنهن ڪو فريادي غريب آهي ۽ وڪيل ڪرڻ جي سگه نه آٿس ته هو ڊائريڪٽ درخواست به ڏئي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آسان جي هي ٿوري قانوني ڄاڻ ٿي سگهي ٿو ته ڪجه سنڌي سٻاجهڙن جا مسئلآء حل ڪري ۽ هنن جي دلن مان نڪتل دعائون آسانجي آخرت ۾ بخشش جو هڪ سبب ٿي وڃن آلله حافظ۔

     
    آخري ترميم: ‏5 مئي 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو