وڌندڙ هارڊ ڊسڪ اسپيس کي ختم ڪريو.

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو! اميد ته خيريت سان هوندؤ..
    دوستو ڪمپيوٽر جي استعمال ۾ اسٽوريج جو تيزيءَ سان وڌڻ هڪ عام ڳالھ آهي ڇوته اسان جڏهن ڪمپيوٽر استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون ته کوڙ ساريون فائلون ڊائونلوڊ ڪريون ٿا، جيڪي پروگرام اسان استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون اُهي به ونڊوز ۾ پنهنجون عارضي فائلون ٺاهي رهيا هوندا آهن، پروگرامز ۽ ونڊوز جا اپڊيٽس به ڊائونلوڊ ٿي رهيا هوندا آهن.
    بهرحال ان دوران اهڙا کوڙ سارا عمل آهن جيڪي هارڊڊسڪ کي ڀرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو حصو وٺي رهيا هوندا آهن.
    جيڪڏهن توهان ونڊوز 10 ۾ وڌندڙ اسٽوريج کان پريشان آهيو ته آسانيءَ سان کوڙ گيگابائٽ (GB) اسپيس حاصل ڪري سگھو ٿا.
    ان لاءِ ونڊوز جي سيٽنگز کوليو ۽ Storage لکي ڳولها ڪريو ۽ اسٽوريج جي سيٽنگ کوليو.
    [​IMG]
    هتي توهان ڏسندئو ته هڪ نئون فيچر Storage Sense نالي سان موجود آهي، هي فيچر فالتو فائلن کي ختم ڪري پاڻمرادو اسپيس ڀرجڻ کان اڳ ئي خالي اسپيس ٺاهي سگھي ٿو.
    [​IMG]
    ۽ جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊرائيو جيئن، سِي ڊرائيو کي صاف ڪرڻ چاهيندا هُجو ته ان کي چونڊيو، اڳئين حصي ۾ توهانکي اهو نظر ايندو ته هن ۾ ڪيتري جاءِ (اسپيس) استعمال ٿي رهي آهي.

    [​IMG]

    هاڻ هتي ڪابه فالتو شئي جيئن گيمز يا Temporary files جاءِ والاري ويٺا هوندا آهن ته انهن کي چونڊي ۽ اڳئين حصي ۾ اچي انهن سڀني کي ميساري ڇڏيو ۽ کوڙ گيگابائٽ جي خالي جڳھ حاصل ڪريو.



    [​IMG]
     
    شاهنواز ٽالپر ۽ بوزدار مصطفى هيء پسند ڪيو آهي
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    زبردست جناب.
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    واھ سائين واھ.... زبردست. مونکي ان ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪوبه عار ڪونهي ته مون اوهان کان گهڻو ڪجهه آنلائن سکيو آهي. هاڻ ته اوهان ڪمپيوٽر جي لاءِ بھترين حل تجويز ڪيو آهي جنهن کي اپلائي ڪرڻ سان ڪيترائي ڪمپيوٽر هڪ وڏي جنجال کان بچي سگهن ٿا.
    مهرباني
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  4. فقير محسن

    فقير محسن
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 مارچ 2011
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    57
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    398
    ڌنڌو:
    اڪائونٽنٽ
    ادا اگر ونڊوز 7 هجي ته پوءِ..
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو