ڊاڪٽر محمد لائق زرداري : سنڌ جي هڪ لائق پٽ جو لاڏاڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    سنڌ جي هڪ لائق پٽ جو لاڏاڻو

    رکيل مورائي


    سنڌي ٻولي جو ناميارو اسڪالر، اديب ۽ تعليمدان پروفيسر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري 3 جولاءِ 2017ع تي رات جو ساڍي يارهين وڳي پنهنجو آخري ساههُ پنهنجي جنم ڀومي موري ۾ کڻي، ان ڏيهه ڏانهن روانوٿي ويو جنهن ڏيهه ڏانهن هوُ آيو هئو.
    ٽين جولاءِ جي جهڙالي موسم ۾ کيس سنڌ جي هاڪاري ڪلهوڙي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هيءُ اهو ماڳ آهي جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي، سنڌ جو واليءَ هوندي پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ چونڊيو هئو.
    زرداري قبيلو نه فقط ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪمرانيءَ ۾ سندس ويڙهاڪ جٿي ۾ رهيو آهي پر مياوال تحريڪ جي اثر هيٺ اهو قبيلو ڪلهوڙا حاڪمن سان سندن فقيري روئي سبب عقيديمندي رکندڙ هُئو. جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ جي هن عالم اديب ۽ تعليمدان پنهنجي وصيعت ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته کيس ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ دفن ڪيو وڃي. ڪالهه سندس زندگيءَ جي آخري خواهش پوري ڪئي وئي.
    هونئن انسان ڄمڻ کان مرڻ تائين ڪيتريون ئي خواهشون اندر ۾ سانڍي ٿو، دنيا ۾ ڪنهن به شخص جون سڀ خواهشون پوريون ٿين، ايئن شايد ٿيڻو نه آهي پوءِ به ڊاڪٽر محمد لائق زرداري پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙو شخص/عالم هُئو جنهن زندگيءَ ۾ گهڻيون ئي حاصلاتون ماڻيون.
    23 آگسٽ 1943ع تي ساهتي پرڳڻي جي مک شهر موري ڀرسان ڳوٺ محمد موسيٰ زرداريءَ ۾ زرداري قبيلي جي هڪ نيڪ مرد احمد خان زرداريءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هيءُ پهريون صدورو ٻار هُئو ، جنهن ننڍڙي گهر کان ٻاهر نڪري پڙهي پنهنجي اڻ ٿڪ محنت جي عيوض ملڪ ۾ اهم آبرو ماڻي!
    ڊاڪٽر محمد لائق زرداري ايم اي سياست جي سائنس ۾ ڪئي، ساڳئي موضوع تي هُن سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1982ع ۾ برک تاريخدان ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه جي نظرداري هيٺ پي ايڇ ڊي جي اعليٰ سند ورتي.
    هُو ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن جو سربراهه بڻيو. ملڪي ۽ عالمي سيمينارن ۾ شرڪت ڪيائين، هڪ کان وڌيڪ ملڪ گهميو، هڪ سفر نامو لکيائين ۽ آخري عُمر ۾ پنهنجي زندگيءَ جو داستان آتم ڪٿا جي نالي ۾ لکيائين، ايئن پنهنجي عُمر جو هڪ هڪ پَهرُ سجايو ڪندڙ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، ٽين جولاءِ تي پنهنجي وصيعت مطابق سنڌ جي نامياري ماڳ“ ميان جا قُبا“ نالي سنڌ جي تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو. جيڪو ماڳ سنڌ عقل منديءَ وارو ماڳ به هئو. عقيدتمنديءَ وارو ماڳ به هُئو ته سنڌجو تاريخي ماڳ به آهي، جنهن جي مٽيءَ هيٺ اڄ هوُ آرامي آهي، پويان رهجي ويا آهن مها ڪوي اياز جا ڪجهه لفظ....
    آيو موت ته روح ُاڏي ويو، جسم ٿيو آزاد
    مٽي اول مٽي آخر، مٽي زندهه آباد.
    علم ۽ ادب جي حوالي ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جي زندگيءَ جي پسند جو موضوع سياسي تاريخ هُئي ۽ سندس پهريون ڪتاب جيڪو اسيءُ جي ڏهاڪي جي پهرين سال ۾ ڇپيو، ان جو نالو آهي ” سنڌجي سياسي جدوجهد “ هيءُ ڪتاب عربن هٿان سنڌين جي شڪست کانئڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ ورهاڱي تائين اچي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب جو نهايت اهم ڪتاب اهو مقالو آهي. جيڪو ڊاڪٽر صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪري ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي، اڳتي هلي اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ ڇپيو، جنهن جو عنوان آهي ” تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو“
    هيءَ اهڙو ڪتاب هُئو جنهن محسوس ڪرايو هُئو ته هن ملڪ کي ٺاهيندڙن ۾ سنڌين جو به حصو آهي. ان کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب جي لکڻ جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڏيڍ درجن ڪتابن تي مشتمل آهي، جن جو گهڻو حصو تاريخ بابت ئي آهي. خاص طور سنڌ جي سياسي تاريخ.
    ايئن آخري گهڙيءَ تائين لکڻ کي عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، اڄ سندس باري ۾ ڪجهه به لکڻ کان پهرئين پاڻ بابت گهڻو ڪجهه پنهنجي آتم ڪٿا ئي ڪتاب ” ڪيم روح رهاڻ“ ۾ لکي ويو آهي. جنهن کانپوءِ اسان جو لکڻ اسان جي خواهش ئي آهي، هن پاڻ جيڪو لکيو آهي، اهو اعتبار جوڳو آهي. ان سان اسهمتي ته ٿي سگهي ٿي، پر ان کان لنوائي نٿو سگهجي.
    ڊاڪٽر صاحب جي ٿيسز واري ڪتاب جو انتساب سندس ڏک، پيڙا ۽ بيوسيءَ جو اهڙو مثال آهي. جيڪو ڪنهن به پڙهندڙ جو جيءُ جهوري سگهي ٿو. بلڪل ايئن جيئن سندس وڇوڙو ڪيترن ئي شخصن، عالمن، اديبن، محققن ۽ سندس دوستن جو جيءُ جهوري ويو آهي.
    شخصي حوالو ۾ هُو هڪ اهڙو شخص هُئو، جنهن ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش ته هُئي پر ڪنهن کي لتاڙي اڳتي وڌجي، جهڙو مزاج هن وٽ نه هئو، هوُ جتان آيو هُئو، ان سفر ۾ هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو،پر اڳتي هلي هُن گهڻو ڪجهه ماڻيون به.هاڻ ته فقط پويان ڪجهه ڳالهيون ۽ يادون ئي رهجي وڃڻيون آهي. جنهن لاءِ ڀٽائي سائين اڳ ئي چئي ويو آهي ته ...

    ” دلبر هن دنيا ۾، وڃي رهندو واس“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو