تاريخ جي ورقن مان وسريل ذات لورڙ

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ saqi irshad Lorer طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2017۔

  1. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    148
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبر علي خان
    تاريخ جي ورقن مان وسريل ذات………!!؟
    لورڙ ذات جي ڪجھ تاريخي ۽ تحقيقي معلومات اوهان سڄڻن سان ونڊيان ٿو………!!!

    ” لورڙ “عربستان مان ساڍا ست سئو سال اڳ ، يعني سن700هجري ۾ عربستان مان اچي سنڌ جي اروڙ شھر ۾ آباد ٿيا ۽ سن 900 هجريءَ ۾ سنڌ جي مختلف ماڳن تي ٽڙي پکڙجي آباد ٿي ويٺا ، ۽ پنهنجا ڳوٺ آباد ڪئيائون ، وقت بدلڻ سان گڏ انسانن جي سوچ ڀي تبديل ٿيندي آ ، ان ڳالھ کان ته ڪير ڀي انڪار نٿو ڪري سگهي ، سو ان وقت جا لورڙ جيڪي سنڌ جا جاگيردار ، شاهوڪار ، زميدار ، هئا سي وقت جي فيري کان پوءِ ڪيترائي لورڙ ، ابڙا سڏائڻ لڳا ، جنهن ڪارڻ لورڙن جي آبادي ۽ سڃاڻپ گهٽبي وئي ، ………!!!
    پر سندن جيڪي وڏڙن جي نالي سان ڳوٺ آباد هئين سي اڄُ ڀي موجود آهن پر ڪيترائي لورڙ ، ابڙا سڏائي پنهنجي قوم کي ميساريندا ٿا وڃن اڄُ کان اڳ ڀي لورڙ موجود هئيا ۽ هاڻ ڀي موجود آهن ، پر هاڻ يا ته لورڙ ابڙو ٿا سڏائن يا ابڙو ، پر اڃان ڀي ڪيترائي لورڙ صرف لورڙ سڏائن ٿا .……!!
    هو چون ٿا ته اسانجا ڳوٺ جيڪي مختلف شهرن جي آس پاس اسانجي وڏڙن جي نالن سان آباد آهن ، اهي اسانجي ۽ اسانجي ذات جي سڃاڻپ آهن
    ،……!!
    لورڙ ذات جي ڪجھ ڳوٺن جا نالا ۽ آبادي اندازن اوهان کي ٻڌائيان جيڪي اتر سنڌ جي تعلقي قنبر ۽ تعلقي رتوديرو ۾ ڳوٺ آباد آهن ،………!!

    تعلقي قنبر ضلع قنبر شهدادڪوٽ ۾ ڳوٺ ۽ انهن ۾ رهندڙ لورڙن جي آبادي اندازن ______

    1) ” ڳوٺ خير محمد لورڙ ، هن ڳوٺ جي آبادي اٽڪل 300 گهر آهي جنهن ۾ لورڙن جا 150 گهر اڄُ ڀي آباد آهن باقي ٻيون ذاتيون جن ۾ هڪڙا بهليم ڀي مود آهن ،“

    2) ” ڳوٺ سومر لورڙ جي آبادي 20 گهر آهي پر هن ڳوٺ ۾ صرف لورڙ آباد آهن ،“

    3) ” ڳوٺ ماهي لورڙ هن ڳوٺ جي آبادي 50 گهر آهي جنهن ۾ لورڙن جا 20 گهراڄُ ڀي آباد آهن . باقي تنيه ، مغيري ، ڪلهوڙا ، خاصخيلي ، رهن ٿا ،“

    4)” ڳوٺُ محمد خان لورڙ هن ڳوٺ جي آبادي 30 گهر آهن جنهن ۾ لورڙن جا 10 گهر اڄُ ڀي آباد آهن . باقي مگسي ، مغيري رهن ٿا “

    ايئن ئي تعلقي رتوديرو ضلع لاڙڪاڻو ۾ :-

    1) ” ڳوٺ طعيب لورڙ جيڪو جڳ مشهور شاعر ، ڪادن نوهاڻي جو پڻ ڳوٺ آ ،۽ هن ڳوٺ جا ڪيترائي مشهور ۽ لائق ماڻهو جيڪي پڻ لورڙ هاڻ لورڙ ابڙا سڏائڻ وارا جن جا نالا مان نه کڻندس جي شايد لورڙ سڏائن هان ته اڄُ جي ڪنهن ٻار کي ڀي چئجي هان ته مان لورڙ آهيان ته هو وري ورجائي نه پڇي هان ته لورر، يان لورڙ، هن ڳوٺ ۾ لورڙن جا تقريبن 200 گهر کن اڄُ ڀي آباد آهن باقي لورڙن سان گڏ سيد ، سهاڳ ، نوهاڻي ، ڪورڪاڻي ، ڪوڏراڻي ، ۽ ٻيون کوڙ ذاتيون آباد آهن ،…!!“

    2) ” ڳوٺ پنجو لورڙ هن ڳوٺ جي آبادي ته اٽڪل 20 گهر ٿيندي جنهن مان لورڙن جا 06 گهر ۽ باقي ٻيون ذاتيون آباد آهن .……!!!“

    مان پڇان ٿو ڪجھ سوال انهن لورڙن کان جيڪي ابڙو سڏائن ٿا ………!!!

    1)سوال :-
    ڳالھ اها آ جي لورڙ مودجود آهيو ته پو لورڙ ڇو نٿا سڏائيو……؟
    2)سوال:-
    سنڌ جا تاريخدان ، اسڪالر ، ڪالم نويث ، ۽ ليکڪ ، پنهنجي تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن ۾ ڪڏهن لورڙن تي ڇو نٿا لکن ، ڇو اهو وساري ويٺا آهن ته لورڙ سنڌ ۾ صدين پراڻي ڪا ذات ڀي آباد آهي ،……!؟؟؟
    3)سوال:-
    ٖٖٖمان سمورن انهن لورڙن کي جيڪي ليکڪ ڀي آهن لکن ڀي اٿا پڙهن ڀي اٿا ۽ رائيٽر ڀي آهن ، سياسي ۽ سماجي ڪردار ڀي آهن ، هاڻ ابڙا سڏائي مشهور ۽ مقبول ته آهن پر لورڙ ذات کي اونداهي ۾ ڌڪي ڇڏيو تن کي عرض ڀي ڪئيان ٿو ۽ التجا ڀي ۽ تن کان سوال ڀي آ ته اوهان لورڙ سڏائيو ڇو ته مان ته ڪنهن ڀي تاريخي ڪتاب ۾ اهو ناهي پڙهيو ته ڪو ، لورڙ ابڙا ڀي آهن ، ان لاءِ خدارا پاڻ کي ابڙو سڏائڻ ڇڏي لورڙ سڏائيو ۽ ”لورڙ“ ذات بچائيو………!!!؟؟؟“

    ساقي ارشاد لورڙ
    رابطي لئي :- 03002586897
    ايميل :-saqi.irshad@gmail.com
    ويب سائيٽِ :-www.saqiirshadlorar.blogspot.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو