ڏاهپ ۽ ديا جو ڏات ڌڻي : شمشير الحيدري

'شمشير الحيدري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڏاهپ ۽ ديا جو ڏات ڌڻي: شمشير الحيدري

    فقير محمد سنڌي

    هونئن به مرڪ ڏاهپ ۽ ڏات جي علامت آهي. سڄي انسان ذات کي چڱي طرح سنڀالي ڏسبو ته اُهي مرڪ جي مِھرَ نظر، ڀلائي جي ڪردار سان، ملڪ، ڏيھه ۽ ساڻيھه جي صفت ۾ نظر ايندا آهن. دانائي پنھنجا اصول پاڻ جوڙيندي آهي. تڏهن ته هن ۾ سمجهه ۽ دورانديشي زمان جي سڀني درن کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي آهي. اسان کي ڪو خبردار ڪندڙ، اطلاع ڪندڙ ۽ سجاڳي سان چتاءُ ڏيندڙ هر پاسي کان آبيار ڪندڙ هن دنيا ۾ موجود آهي. سنڌي ادب جي سرزمين سدائين زرخيز رهي آهي، جنھن جي ڪک مان شمشيرالحيدري جھڙا مڙس مٿير ۽ مانجهي مرد پيدا ٿيا آهن، جنھن پنھنجي وس آهر ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمت پئي ڪئي آهي.
    شمشيرالحيدري سنڌ ڌرتيءَجو معروف ليکڪ آهي. شمشير جون لکڻيون سنڌي ادب ۾ هڪ الڳ مقام رکن ٿيون. شمشيرالحيدريءَ سنڌي ادب ۾، ادبي خدمتن عيوض جديد شاعري، ڊراما نويسي، مترجم ۽ محقق طور پاڻ مڃائي ڏيکاريو. سنڌي ادب ۾ شمشيرالحيدري جون 25 کان مٿي تصنيفون آهن جيڪي تاريخ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ تاريخي ورثو آهن. شمشيرالحيدري جون جيڪي تصنيفون منھنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن اُهي اوهان جي نظر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو؛ انسان ڪامل (شخصيات 1953ع)، ڪاروانِ ڪربلا (تاريخ 1954ع)، پورس جا هاٿي (ڪھاڻيون 1958ع) تنھنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب 1961ع)، سوکڙي (ترتيب متفرقه 1964ع)، بھترين سنڌي ادب (افسانا 1949ع)، آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو 1964ع)، سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر (1987)، ڪاڪ محل (ناٽڪ رنگ 1988ع)، ڪئنيڊين روالٽيئر جي ناول جو سومار علي سومري سان گڏ ترجمو 1993ع) ۽ تاريخ جو ڪچرو (شاعري) شامل آهن. اڃا ڳالهه اتي ڪونه ٿي رڪجي. شمشيرالحيدري پنھنجي زندگيءَ ۾ جن شين کي ويجهڙائي کان ڏٺو محسوس ڪيو ته انهن تي شمشير جو قلم جنبش ۾ اچي ويو. تڏهن ته ڪي ٽي.وي ڊراما لکيائين جن ”منزل، علاج، ٺاهه ۽ پلٽڻ“ شامل آهن.
    شمشيرالحيدريءَ جو صحافتي پاسو وري وڏي اهميت جي لائق آهي، پنھنجي زندگي ۾ سوچي ورتائين ته صحافت هن معاشريءَ کي صحيح دڳ لاهي سگهي ٿي. سنڌ جي اندر صحافت جي حوالي سان ڪيترائي ڪردار شمشيرالحيدري جي روپ م پيدا ٿيا جن پنھنجي معاشري جي هر وقت پئي اصلاح ڪئي آهي. اهڙا ئي خوبصورت انسان ادب ۽ تاريخ جو حصو رهندا آهن جن هر وقت پنھنجي قوم جي اُلڪي ۽ آئيندي لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. مون کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي شعبي ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر آف آرٽس جي ڊگري لاءِ محمد بخش مشڪور ڦلڪاري هڪ ٿيسز لکي هئي، جنھن جو عنوان هو ”شمشير الحيدري، شخصيت، صحافتي خدمتون ۽ ڪم“ اها ٿيسز 1989ع- 1991ع دوران لکي وئي هئي، اهڙيون خدمتو ادب لاءِ قابل ديد آهن، شمشيرالحيدريءَ جي زندگيءَ بابت سنڌي ادبي بورڊ، ”شمشير الحيدري شخصيت ۽ فن“ مھرالنساءَ لاڙڪ 2013ع ۾ هن ڪتاب کي ترتيب ڏنو. شمشيرالحيدري پنھنجي زندگيءَ ۾ سدائين هڪ صدا جو قائل هو، چوندو هو ”مولا تي ننگ آ“ شمشير پنھنجي زندگيءَ ۾ سادگي پسند هو، دنيا جي اندر مون جيترو پڙهيو، ٻڌو آهي ته يتيم انسان سادگي پسند ٿيندا آهن، اهڙن انسانن تي دنيا کي هروقت ناز به هوندو آهي. اهي ڪمال جا شخص هوندا آهن، پنھنجي طبيعت ۾ وڏا خوددار ٿي رهندا آهن جيئن شمشير به هو.
    شمشيرالحيدري پنھنجي زندگيءَ ۾ ”11“ جي انگ کي تمام گهڻي اهميت ڏيندو هو، 11- سال شمشير مھراڻ رسالي جو ايڊيٽر رهيو، اهڙي ئي طرح 11-سال ماهوار نئين زندگي ۾ ايڊيٽر طور پنھنجا فرائض سرانجام ڏنائين ۽ 11-سال سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. سنڌ جي اڄ به اها صدا آهي ته شمشيرالحيدري ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي دؤر واري ادبي سنگت کپي. اهو ان جي ڪري ته شمشيرالحيدري پنھنجي زندگيءَ ۾ بغير ڪنھن لوڀ لالچ جي مسلسل پئي ادب جو ڪم ڪيو. ان لاءِ اڄ دنيا هن کي مڃتا طور ياد ڪري ٿي.

    هر دور ۾ انساني ريتن رسمن خلاف ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهي آهي، انهن ريتن رسمن کي بچائڻ لاءِ ۽ ڪڌن ڪمن جي پاسداري نه ڪرڻ لاءِ شمشيرالحيدري جھڙن انسانن علم، ادب ۽ صحافت جو پاسو ورتو، جيئن ڪڌن ڪمن ڪندڙن کي هر وقت پر چڱيءَ طرح آئينو ڏيکارجي. ”ڊاڪٽر قاضي خادم“ جي مضمون کي پڙهيم ته، شمشير الحيدري ڪافي خوبين جو مالڪ هو.

    1. شمشير هڪ سچو ۽ بيباڪ شخص هو.
    2. هو دوستن جو دوست هو ۽ دشمنن جو به دوست هو.
    3. هو نوجوان ساٿين جي همٿ افزائي ڪندو هو.
    4. سنڌي ٻوليءَ جي موجوده حيثيت برقرار رکڻ ۾ هن جو تمام وڏو ۽ بنيادي ڪردار رهيو.
    5. سنڌي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو.
    6. سنڌ جي قومي مسئلن تي شمشير جو مؤقف نھايت سخت پر سچائي ۽ ديانتداري تي آڌاريل هو، جنھن مان هن ڪڏهن به فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
    7. شمشير پنھنجي ادبي زندگيءَ ۾هميشه هڪ باعمل مفڪر وارو ڪردار ادا ڪيو.

    شمشيرالحيدري پنھنجي ادبي زندگيءَ ۾ سونهن ساگر هو جنھن ادب جي بي لوث خدمت ڪئي ۽ تاريخ به شمشير کي سٺي نانءَ سان ياد ڪري رهي آهي. شمشير لاءِ اهو به اعزاز آهي ته سندس پھريون شعري مجموعو ”لاٽ“ سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪراچي يونيورسٽي جي سيليبس ۾ جديد شاعريءَ واري سبجيڪٽ ۾ رکيل آهي. ان کان علاوه ڪاڪ ڊرامي جو ڪتاب به پڙهايو ويندو آهي. شمشير الحيدري مڪمل طور سنڌي ادب ۾ اداري جي حيثيت رکندڙ هو.

    شمشير الحيدريءَ جو مختصر زندگي جو احوال ته، شمشير الحيدري ڳوٺ ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ امام ڏنو خواجه جي گهر 15-سيپٽمبر 1932ع تي جنم ورتو. شمشير مسلسل پنھنجي زندگيءَ ۾ جدوجھد جو حامي رهيو. شمشير الحيدري هلاڪ پاڪستان کان مھراڻ اخبار تائين پنھنجو شاندار نموني سان صحافت جو سفر ڪيو. هن زماني ۾ زندگي ڪيتري وفادار آهي يا وري هن دنيا جا انسان، انسان سان ڪيتري وفا ڪن ٿا. اهڙي ئي موضوع تي هڪ شعر ياد ٿو اچي:

    هڪڙي شمشير ۽ علي کان سواءِ،
    دوست ڪوئي به باوفا نه رهيو.


    دنيا جا رنگ هزار انهن رنگن ۾ وڇوڙي جو وقت جيڪو سڀني تي زور آور رهي ٿو، اهڙو ئي لمحو جيڪو سنڌي ادب جي مايه ناز انسان شمشير الحيدري کي گهائي ويو، اهو 10 آگسٽ جو ڏينھن 2012ع بمطابق 21-رمضان المبارڪ 1433ھه، جنھن تي سنڌ جي دلبر شمشير الحيدري کي سنڌ جي ڀلوڙ شاعر تاجل بيوس جي مزار جي بلڪل ڀر ۾ هميشه لاءِ آرامي ٿيڻو پيو. اهو آرام جو هنڌ چوڪنڊي جي قبرستان سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ ڪراچيءَ ۾ آهي.

    تڪڙو ته وڃي ٿو پيو!
    شمشير کي موٽايو،
    ڪنھن جي نه مڃي ٿو پيو!


    (انور فگار هڪڙو)
     
    مختيار علي انڙ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو