او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي صورتحال انتهائي خراب آهي۔۔۔ خودڪش ڌماڪا روز جو معمول آهن۔۔۔ اڳ جن خبرن تي حيرانگي ٿيندي هئي ۔۔ انهن کي روز جو معمول سمجهي نظرانداز ڪرڻ جي نوبت ٿي وئي آهي۔۔۔ رڳي ايترو به نه پر هاڻي هر ماڻهون جڏهن گهران نڪري ٿو ته جيسين واپس نه ٿو اچي تيسين گهر وارن کي ان جو فڪر ٿو رهي۔۔۔ امڙ جيڪا دير تي گهر اچڻ تان دڙڪا ڏيندي هئي هاڻي روز گهر واپسي تي گهور ٿي وڃي۔۔۔۔
    هڪ قوم جي نالي تي ورتل هن ملڪ جو نعرو ته سن 71 ۾ ئي پرزا ٿي ويو پر هاڻي مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن وارو پاڪ جملو به ختم ٿيندو ٿو وڃي۔۔۔
    حڪمرانن پنهنجي غلط حڪمتِ عملين سان ”پاڪ فوج ڪو سلام“ واري نعري کي تبديل ڪري ۔۔۔ ”پاڪ فوج ڪا قبرستان۔۔۔ پاڪستان ۔۔ بلوچستان“ ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
    ڪاٿي ڌارين جي جنگ ۾ پنهنجا پيا ڪسائجن ته ڪاٿي پنهنجن کي به جاني دشمنن وانگر قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ قتل ٿيڻ واري کي خبر نه آهي ته هن قتل ڇو ۽ ڪنهن ڪيو ته قاتل کي به خبر نه آهي ته هن ڪنهن کي ۽ ڇو قتل ڪيو۔۔۔ حد ته ڏسو قتل ٿيندڙ جي جنازي نماز پڙهندڙن کي به قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔
    ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽارگيٽ ڪلنگ ايتري وڌي چڪي آهي جو ڪل ملائي فوتين جو انگ سوَن کي ڪراس ڪري هزارن تي پهچڻ وارو آهي۔۔۔ عام انسان ڪاٿي سياسي ويڙهه ته ڪاٿي مذهبي ويڙهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ سمجهه نه ٿي اچي ته انت ڇا ٿيندو۔۔۔۔

    شيخ اياز جي هن خوبصورت لفظن کي پنهنجي دلفريب آواز ۾ ڳائي نجف علي اسان کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو هن خوبصورت سوچ، لفظن، شاعري ۽ آواز کي ٻڌڻ نه وسارجو۔۔۔۔۔

    اي انسان ۔۔۔۔! اي انسان ۔۔۔۔ ! اي ڪائنات جي اشرف المخلوقات ۔۔۔! ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔ ته تون ڪاٿي بيٺو آهين۔۔۔ ؟ تون ڪهڙي سفر تي نڪتو آهين۔۔۔؟ ڇا هي انسانيت جو معراج آهي۔۔۔ جتي تون بارود جي ٻولي ۾ پيو ڳالهائين۔۔۔ ؟
    تنهنجا هٿ ۔۔۔۔ ! تنهنجا هٿ ماڻهپي جا قاتل ٿيندا پيا وڃن۔۔۔! وک وک تي وکريل هي لال لهو ڪنهن جو آ۔۔۔؟ هي ته اهو ساڳيو تون آهين۔۔۔ ۽ تون جو پنهنجو پاڻ کي پيو ڊاهين۔۔۔! ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔۔۔؟ ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔۔۔؟


    [fv]138815326134040[/fv]​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جاني رشيد سمان تمام بهترين ونڊ ڪئي اٿئي ، جڏهن انسان ۾ شر ڀرجي وڃي، جڏهن انسانيت جي مُنهن تي انسان جي لباس ۾ وحشي درندا چماٽون هڻن جڏهن ڪوڙ سچائي کي پاتال ۾ اڇلي پروان چڙهي، جڏهن ناحق ، حق جو رستو روڪي ، جڏهن اسان جا رهبر رهنما ٿيڻ بجا لُٽيرا ٿين، اُتي انسان ۽ ماڻهپي جو ماحول ٽُڪرا ٽڪرا ٿي ويندو آهي، پو جيڪو ٻارڻ ٻرندو آهي ان جو کاڄ وري به انسان ئي ٿيندو آهي، سُتل سُور نه جاڳائي جادوگر، مسين مسين وڃي اسان نڪ جا ڏاڍا ٿيا آهيون، مسين مسين وڃي شيطان جي قبيلي جي ماڻهن ۾ اسان نالو لکايوآهي،۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين توهان جي مهرباني جو اهڙو سوچ و فڪر جو پيڪر اسان سان شيئر ڪيوَ
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين بلڪل اوهان صحيح لکيو آهي اها صرف اوهان جي صورتحال نه آهي هاڻي اسان خود ان صورتحال مان گذري رهيا آهيون جو هاڻي جڏهن خبر پوي ٿي ته فلاڻي هنڌ ڌماڪو ٿيو يا ايترا انسان مئا آهن ته جونوء به نه ٿي چري
    پاڻ ڪريم جن جي ارشاد جو مفهوم آهي ته جڏهن نالائق & غير اهل کي ڪو ڪم يا حڪمراني ڏني وڃي ته پوءِ قيامت جو انتظار ڪيو
    اهو به ارشاد آهي ته جيڪڏهن قرآن & حديث تي عمل ڪندا ته گمراه نه ٿيندا
    اهي جيڪي اسلام جي نالي تي دهشت ڦيلائن ٿا اسلام انهن کان بري آهي انهن جو ڪوئي مذهب نه آهي
    رڳو اسلام & مسلمانن کي بدنام ٿا ڪن
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين اڄ ڪلهه نفسانفسي جو عالم ٿي ويو آهي۔۔۔ اهو دور اچي ويو آهي جو ڀاءُ‌ ڀاءُ‌جي نه ٿو ڪري۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: او انسان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪنهن کي ٿو مارين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    شيخ اياز جي شاعري، نجف جو آواز ۽ انسانيت جي پڪار، ٻڌڻ کانپو ڏک ۽ افسوس ۾ مٿي کي هٿ ڏيڻ تي دل چوي ٿي ۔۔۔ دوستن جا خيال پڙهي حوصلو ٿئي ٿو ته اسين هن ماحول کي بدلائڻ جا حامي آهيون ۽ ڪجهه ڪرڻ جي آرزو آهي ۔۔۔

    پر هڪ سوال آهي دوستو! ته ڇا هي انسانيت جو مسئلو آهي ؟ آ ته چوانٿو ته نه انسانيت جو مسئلو ناهي ۔۔۔ ڇو ٿو ائين چوان؟
    1۔ دنيا جا گهڻي ڀاڱي خطا ۽ قومون آرام جي زندگي گذارين ٿا ۔۔۔ آمريڪا ڏکڻ ۽ اتر، آسٽريليا، يورپ، آفريڪا ۽ اوڀر ايشيا جا سڀ ملڪ ۽ عربن جا به گهڻي ڀاڱي ملڪ سڪون سان زندگي گذاري رهيا آهن، ترقي ڪري رهيا آهن، اڳ کان اڳرا ٿي رهيا آهن، قانون انهن وٽ موجود آهي، سڀ قومون آزادي سان پنهنجا ڪم ڪار ڪري رهيون آهن ۔۔۔
    2۔ مسئلو ڪٿي آهي؟ پاڪستان، افغانستان، عراق ۽ فلسطين ۔۔۔
    3۔ سڄي دنيا جي انسانن مان انهن ملڪن جي انسانن جو ريشو ڪڍبو ته گهڻو ٿيندو؟

    انڪري دوستو! سوچيو ته ايئن ڇو آهي؟ صرف مسئلو هت اسان وٽ آهي يا دنيا جي سڀني قومن وٽ آهي؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو