ملڪ ۾ گذريل ڪجهه سالن کان وٺي صورتحال انتهائي خراب آهي۔۔۔ خودڪش ڌماڪا روز جو معمول آهن۔۔۔ اڳ جن خبرن تي حيرانگي ٿيندي هئي ۔۔ انهن کي روز جو معمول سمجهي نظرانداز ڪرڻ جي نوبت ٿي وئي آهي۔۔۔ رڳي ايترو به نه پر هاڻي هر ماڻهون جڏهن گهران نڪري ٿو ته جيسين واپس نه ٿو اچي تيسين گهر وارن کي ان جو فڪر ٿو رهي۔۔۔ امڙ جيڪا دير تي گهر اچڻ تان دڙڪا ڏيندي هئي هاڻي روز گهر واپسي تي گهور ٿي وڃي۔۔۔۔
هڪ قوم جي نالي تي ورتل هن ملڪ جو نعرو ته سن 71 ۾ ئي پرزا ٿي ويو پر هاڻي مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن وارو پاڪ جملو به ختم ٿيندو ٿو وڃي۔۔۔
حڪمرانن پنهنجي غلط حڪمتِ عملين سان ”پاڪ فوج ڪو سلام“ واري نعري کي تبديل ڪري ۔۔۔ ”پاڪ فوج ڪا قبرستان۔۔۔ پاڪستان ۔۔ بلوچستان“ ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
ڪاٿي ڌارين جي جنگ ۾ پنهنجا پيا ڪسائجن ته ڪاٿي پنهنجن کي به جاني دشمنن وانگر قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ قتل ٿيڻ واري کي خبر نه آهي ته هن قتل ڇو ۽ ڪنهن ڪيو ته قاتل کي به خبر نه آهي ته هن ڪنهن کي ۽ ڇو قتل ڪيو۔۔۔ حد ته ڏسو قتل ٿيندڙ جي جنازي نماز پڙهندڙن کي به قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔
ڪراچي ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان ٽارگيٽ ڪلنگ ايتري وڌي چڪي آهي جو ڪل ملائي فوتين جو انگ سوَن کي ڪراس ڪري هزارن تي پهچڻ وارو آهي۔۔۔ عام انسان ڪاٿي سياسي ويڙهه ته ڪاٿي مذهبي ويڙهه ۾ قتل ڪيو پيو وڃي۔۔۔ سمجهه نه ٿي اچي ته انت ڇا ٿيندو۔۔۔۔
شيخ اياز جي هن خوبصورت لفظن کي پنهنجي دلفريب آواز ۾ ڳائي نجف علي اسان کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿو ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دوستو هن خوبصورت سوچ، لفظن، شاعري ۽ آواز کي ٻڌڻ نه وسارجو۔۔۔۔۔
اي انسان ۔۔۔۔! اي انسان ۔۔۔۔ ! اي ڪائنات جي اشرف المخلوقات ۔۔۔! ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔ ته تون ڪاٿي بيٺو آهين۔۔۔ ؟ تون ڪهڙي سفر تي نڪتو آهين۔۔۔؟ ڇا هي انسانيت جو معراج آهي۔۔۔ جتي تون بارود جي ٻولي ۾ پيو ڳالهائين۔۔۔ ؟
تنهنجا هٿ ۔۔۔۔ ! تنهنجا هٿ ماڻهپي جا قاتل ٿيندا پيا وڃن۔۔۔! وک وک تي وکريل هي لال لهو ڪنهن جو آ۔۔۔؟ هي ته اهو ساڳيو تون آهين۔۔۔ ۽ تون جو پنهنجو پاڻ کي پيو ڊاهين۔۔۔! ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔۔۔؟ ڇا تو هي ڪڏهن سوچيو آ۔۔۔۔؟

[fv]138815326134040[/fv]