سنڌ جيڪا ماضي ۾ امن سلامتي پيار محبت جي ڌرتي هئي اڄ ان پاڪ ڌرتي کي وحشي ظالم انسانن جي رت سان رنگي رهيا آهن ، سنڌ ۾ جيتوڻيڪ اغوا ڦرلٽ غريبن سان ظلم عام جام آهن ، روز چار کان پنج مائرن جون جهوليون خالي ڪيو پيو وڃن ، هر ڏينهن پاڪ دامن عورتن کي اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بنائي قتل ڪيو پيو وڃن ، سنڌ جي جوڌن جوان پٽن کي ڪوڙا ڪيس ڪري جعلي پوليس مقابلن ۾ هاف فرائي فل فرائي ڪيو پيو وڃي ، معصوم گلڙن جهڙن ٻارن کي اغوا ڪري قتل ڪيو پيو وڃي ، سنڌ جي معدني وسيلن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ، بحرين ٽائون جي نالي تي سنڌين کي سنڌ کان ڌار ڪري سنڌ ڌارين کي ڏني پئي وڃي ، پاڪستان جي حق ۾ آزادي کان اڳ آزادي جا بل اسيمبلين ۾ سنڌين صرف اهو سمجهي جمع ڪرايا هئا ته انگريزن ۽ هنڌن جي آزادي کان پوء اسان کي پنهنجا حق ملي سگهندا ، صرف اهو سوچي آزادي جي جهدوجهد ۾ حصو ورتو هو ته اسين هڪ آزاد معاشري ۾ آزادي ۽ پنهنجي مذهبي اصولن تي زندگي گذاري سگهنداسين ، پر آزادي کان پوء ڪا خاص موٽ سنڌ کي ملي نه سگهي هٿ سان سنڌ جي جوانن کي ڦاهي جي ڦندن تي چاڙي بي بي دردي سان قتل ڪيا ويا ، ملڪ کي هلائڻ لاءِ معيشت ۾ اهم ڪردار سنڌ جو آهي، جڏهن ته سنڌ خود معاشي بدحالي جو شڪار آهي، قدرتي وسيلن ۽ زراعت هوندي محتاجي واري زندگي گذارڻ ۽ يتيمن وانگر سنڌي ٿي ويا آهن. اسلام جي نالي تي ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ غير محفوظ هجڻ، بدامني، بيروزگاري، ڪراچي حيدرآباد کي عليحده ٿيڻ جا منصوبا، الڳ يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون انتظامي ليول تي ڪراچي جو الڳ هجڻ جهڙا نقصان شامل آهن ، سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ سنڌ لاء درد رکندڙ ڪامريڊن ۽ج نوجوان نسلن کي اپيل ٿي ڪجي تي اٿو خدارا شاه عبداللطيف جي ڌرتي کي بچايو سچل سرمست جي پاڪ نگري کي بچايو : جميل لوهاراڻي / کيرٿر جبل ٿاڻوبولا خان