• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ خاموش سنڌي

سنڌ جيڪا ماضي ۾ امن سلامتي پيار محبت جي ڌرتي هئي اڄ ان پاڪ ڌرتي کي وحشي ظالم انسانن جي رت سان رنگي رهيا آهن ،
سنڌ ۾ جيتوڻيڪ اغوا ڦرلٽ غريبن سان ظلم عام جام آهن ، روز چار کان پنج مائرن جون جهوليون خالي ڪيو پيو وڃن ، هر ڏينهن پاڪ دامن عورتن کي اغوا ڪري لڄالٽ جو نشانو بنائي قتل ڪيو پيو وڃن ،
سنڌ جي جوڌن جوان پٽن کي ڪوڙا ڪيس ڪري جعلي پوليس مقابلن ۾ هاف فرائي فل فرائي ڪيو پيو وڃي ،
معصوم گلڙن جهڙن ٻارن کي اغوا ڪري قتل ڪيو پيو وڃي ،
سنڌ جي معدني وسيلن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي ،
بحرين ٽائون جي نالي تي سنڌين کي سنڌ کان ڌار ڪري سنڌ ڌارين کي ڏني پئي وڃي ،
پاڪستان جي حق ۾ آزادي کان اڳ آزادي جا بل اسيمبلين ۾ سنڌين صرف اهو سمجهي جمع ڪرايا هئا ته انگريزن ۽ هنڌن جي آزادي کان پوء اسان کي پنهنجا حق ملي سگهندا ، صرف اهو سوچي آزادي جي جهدوجهد ۾ حصو ورتو هو ته اسين هڪ آزاد معاشري ۾ آزادي ۽ پنهنجي مذهبي اصولن تي زندگي گذاري سگهنداسين ، پر آزادي کان پوء ڪا خاص موٽ سنڌ کي ملي نه سگهي هٿ سان سنڌ جي جوانن کي ڦاهي جي ڦندن تي چاڙي بي
بي دردي سان قتل ڪيا ويا ،
ملڪ کي هلائڻ لاءِ معيشت ۾ اهم ڪردار سنڌ جو آهي، جڏهن ته سنڌ خود معاشي بدحالي جو شڪار آهي، قدرتي وسيلن ۽ زراعت هوندي محتاجي واري زندگي گذارڻ ۽ يتيمن وانگر سنڌي ٿي ويا آهن. اسلام جي نالي تي ڌارين جي آبادڪاري جي ڪري ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ غير محفوظ هجڻ، بدامني، بيروزگاري، ڪراچي حيدرآباد کي عليحده ٿيڻ جا منصوبا، الڳ يونٽ ٺاهڻ جون ڳالهيون انتظامي ليول تي ڪراچي جو الڳ هجڻ جهڙا نقصان شامل
آهن ،
سنڌ جي قومپرست پارٽين ۽ سنڌ لاء درد رکندڙ ڪامريڊن ۽ج نوجوان نسلن کي اپيل ٿي ڪجي تي اٿو خدارا شاه عبداللطيف جي ڌرتي کي بچايو سچل سرمست جي پاڪ نگري کي بچايو
: جميل لوهاراڻي / کيرٿر جبل ٿاڻوبولا خان
 
Back
Top