مدهوش جي منفرد شاعري ۽ اسان جا تبصري نگار

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مدهوش جي منفرد شاعري ۽ اسان جا تبصري نگار​


    ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
    احمد خان مدهوش سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ نهايت انفرادي ڪشش رکندڙ شاعر هو، پر افسوس آهي ته سندس وفات بعد سندس شاعريءَ جو صحيح رخ پيش ٿي نه سگهيو آهي. تبصري نگارن جا رايا منهنجي دل کي الائجي ڇو نه آئڙيا. انهن ۾ اهڙو ڪوبه خصوصي پڻو نه هو، جنهن کي شاعر جو خصوصي گڻ چئي سگهجي. هر مقرر ۽ قلمڪار کيس عوامي شاعر چئي مڙئي پنهنجي مٿان آگ لاٿي آهي. احمد خان مدهوش صرف عوامي شاعر ڇا جي ڪري مڃيو وڃي ٿو؟ ڇا سندس ڪلام رڳو عام ذهني سطح مطابق آهي؟ يا وري ان ۾ عوامي سطح جي مسئلن کي اڀاريو ويو آهي؟ آخر به اها ڪهڙي خصوصيت آهي، جنهن ڪري کيس صرف عوامي شاعر چئون؟ احمد خان مدهوش جي شاعري فطري ماحول ۾ پلجندڙ پيار جو پڙاڏو آهي. هو سڀ کان چٽو پيار ۽ رومانس جو شاعر هو، جيڪو سندس گيتن، غزلن ۽ ڪافين ۾ واشگاف آهي. مدهوش لاءِ آئون ائين چوندس ته هو رومانس جو راڳيتو شاعر (Lyrical Poet) هو. رومانيت جي وسيع مفهوم جي معنيٰ آهي ته باطني ڪيفيت جي عڪس کي اهڙي انداز سان پيش ڪيو وڃي جو فرضي ڳالهه يا ڪهاڻي جو سمورو ٺاهه پڙهندڙ جي دل کي وڻڻ لڳي يا منجهس مٺو درد يا سوز پيدا ڪري. پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن اسلوب بيان ۾ نواڻ، دلڪشي ۽ ذوق جمال جو ڍنگ موجود هوندو. گل محمد عمراڻيءَ جو هڪ مضمون بعنوان ”ڪشنچند بيوس: سنڌ جو ورڊس ورٿ“ روزاني ڪاوش ۾ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ هن بيوس جي نظم ”غريبن جي جهوپڙيءَ“ کي رومانيت جو صحيح مثال ڪري پيش ڪيو آهي. ليڪن شاعر نظم ۾ جهوپڙيءَ جو عڪس يا نماءُ کڻي ڪيڏو به دلڪش روماني انداز ۾ پيش ڪيو هجي، پر اهو ڳالهه جو فقط ٺاهه ۽ حقيقت جي برعڪس آهي. بهرحال ان کي ئي رومانيت چئبو آهي. اصل ۾ شاعر جي پاڪيزه جذبات ۽ ذوق لطافت ئي نظم کي حسين بنايو آهي ۽ وڻندڙ اسلوب بيان وري ان کي شاعريءَ جو اعليٰ نمونو بنائي ڇڏيو آهي. احمد خان مدهوش لاءِ رڳو اهو چئي ڇڏڻ ته هو عوامي شاعر ۽ روايتي شاعريءَ جو نشانبر هو، ۽ جوهي ۽ ڪوهستان جو لهجاتي شاعر هو، اها ساڻس قدر ناشناسي ڪرڻ واري هلت آهي، ۽ فن شاعريءَ کان اڻ ڄاڻائيءَ جو چٽو پٽو ثبوت آهي. شيخ اياز ٿري اصطلاحن ۾ فطري رومانس کي ظاهر ڪيو آهي ته ڇا اسين کيس ٿري لهجي جو شاعر چونداسون؟ هن ته پاڻ شاعريءَ ۾ ٿر جي حسن ۽ سادگيءَ جو رومانس ظاهر ڪيو آهي، جا مجموعي طور سنڌي شاعريءَ جي نئين سونهن ۽ سنڌي شاعرانه ٻوليءَ جو جلوو آهي. احمد خان مدهوش نج پج رومانوي شاعر هو، ۽ ان ئي خصوصي لغار يا سنڌي شاعريءَ جي ڊڪشن جا شاعر مير عبدالحسين خان سانگي يا وري مخدوم طالب الموليٰ هئا. سانگيءَ جي ڪلام ۾ به فطرت جو حسن اضافي هو. ڪٿي ڪٿي رومان، فطرت ۽ سادگي ٽيئي گڏجي هڪ ٿي ويندا آهن. اهي ٽيئي خاصيتون مدهوش جي شاعريءَ ۾ برتر موجود آهن، ان ڪري رڳو اهو چئي ڇڏڻ درست ناهي ته هو عوامي شاعر يا روايتي شاعريءَ جو تسلسل هو. ان جي بلڪل ابتڙ سندس شاعري تجرباتي ۽ تخليقي آهي، البته اها هلندڙ صنفن جي لباس کان ٻاهر نڪري نه سگهي آهي. تاهم مدهوش مخصوص لهجاتي شاعر هوڻ بدران سنڌي ادبي ڊڪشن جي معيار ۽ مقدار وارو شاعر آهي. سندس ڪلام جي خوبي اها آهي ته هو سڀني صنفن ۾ راڳيتو آهي، يعني ته هو پنهنجي خصوصيت ۾ استاد بخاريءَ وارو لريڪل گڻ رکي ٿو. اسان جي روايتي نقادن رڳو روايتي اصطلاحن ۾ مدهوش جي خوبين جو ورجاءُ ڪري پنهنجي جان آجي ڪرائي آهي، حالانڪه سندس شاعريءَ جي عمق کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته شاعرانه مزاج ۾ هو بلاشڪ هڪ منفرد شاعر هو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو