ديد دلبر جي نه هئي ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏12 آگسٽ 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ديد دلبر جي نه هئي

    ديد دلبر جي نه هئي ڄڻ ته ڪوئي ڪان هو
    تيز تابش حسن جي ڏسندو رهان ارمان هو
    بارشن ۾ ڄڻ ڀڳل هو سارو ڏسائي پيو بدن
    هوش ويا منهنجا هلي بره بي بيان هو
    انگ جن جا رنگ اهڙا ماجرا محبوب جي
    خواب آ يا ڪو خيال اجنبي احسان هو
    سڀ سلهاڙي سک ويو ڏک ڏيندي ڏوجهرا
    دل ۾ جنهن لئه دوده دکندڙ نينهن ۾ نادان هو
    پگهريل جسم سان سوڙه ڪندي پاسي ۾ آيو عجيب
    خوشبو عطر کان به وڌ عمبير جهڙي جان هو

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو