ديد دلبر جي نه هئي ...

ديد دلبر جي نه هئي

ديد دلبر جي نه هئي ڄڻ ته ڪوئي ڪان هو
تيز تابش حسن جي ڏسندو رهان ارمان هو
بارشن ۾ ڄڻ ڀڳل هو سارو ڏسائي پيو بدن
هوش ويا منهنجا هلي بره بي بيان هو
انگ جن جا رنگ اهڙا ماجرا محبوب جي
خواب آ يا ڪو خيال اجنبي احسان هو
سڀ سلهاڙي سک ويو ڏک ڏيندي ڏوجهرا
دل ۾ جنهن لئه دوده دکندڙ نينهن ۾ نادان هو
پگهريل جسم سان سوڙه ڪندي پاسي ۾ آيو عجيب
خوشبو عطر کان به وڌ عمبير جهڙي جان هو

لبستم دائودپوٽه
 
Back
Top